مدرشاھي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: آڳاٽي ابتدائي سماج جي شروعات ۾ سڀئي رشتا ماءُ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا. سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، ج...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
شروعاتي انسانن زمين جي پيٽ مان سرسبز سلا اڀرندي ڏٺا ۽ مختلف اناج، ٻوٽا ۽ ميووا زمين جي پئدائش هئڻ ڪري، هنن ڌرتيءَ کي انسان جي بهتر زندگي جو ضامن ڄاڻندي، ان جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ ان کي ماءُ ڪوٺڻ لڳا. ڇو جو عورت (ماءُ) ۽ ڌرتي ٻئي تخليق ڪندڙ شيون هيون. جڏهن عورت ننڍڙا گلاب جهڙا چهرا پئدا پئي ڪري سگهي ته ٻئي طرف ڌرتي جي سيني مان مختلف سون ورنا سنگ ۽ ڳاڙها ساوا ٻوٽا اڀرن پيا ۽ اتان فصل جنم وٺن پيا. ان ڪري انسان جي من ۾ انهن ٻنهي شين سان محبت ڪرڻ اڻ ٽر ڳالهه هئي. ان ڪري ئي هنن جو عقيدو هو ته، آسمان کي ۽ ستارن ڏي ڇو ڏسون، اُن ڌرتي جي ڌوڙ ڇو نه چمون، جيڪا اسان جي بهترين زندگي جي ضامن آهي. ان ڪري قديم ماڻهن ”ڌرتي-ماتا“ جي پوڄا شروع ڪئي، ان جا بت ٺاهيا، جيڪي عورت جي ئي شڪل جا هيا. سنڌو ماٿر جي قديم آثارن مان ”ماتا-ديوي“ جا مجسما نڪرڻ جو اصل سبب اهو ئي هو.
<ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288</ref>
<ref>ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر</ref>
 
آڳاٽي ابتدائي سماج جي شروعات ۾ سڀئي رشتا ماءُ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا. سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، جهونِي ماءُ سڄي راڄ جي ماءُ هئي. اها ئي سڀني جي کاڌي پيتي، ڏک سک، رهڻي ڪهڻيءَ، اٿا ويٺيءَ جو لحاظ ۽ خيال ڪندي هئي ۽ هر هڪ جي گهرج جي خبرچار رکندي هئي، ٻيون جوان مائرون به هيون، پر انهن جي وڏي به اها ئي پوڙهي ئي ماءُ هئي. سڀ ان جو اولاد هئا. ابتدائي راڄ جي ان قسم کي '''اَماڻو، مائاڻو، يا ماءُ وارو راڄ يا سماج''' (matriarchal society) سڏجي ٿو.