امام بخش صابر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: مرحوم خانبهادر حاجي -امام- بخش خان عرف شاهنواز خان -جتوئي-، 15 رجب 1299هه/25 -جولاءِ- 1881ع تي مورو تعلقو...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
مرحوم خانبهادر حاجي -امام- بخش خان عرف شاهنواز خان -جتوئي-،جتوئي، 15 رجب 1299هه/25 -جولاءِ- 1881ع تي [[مورو تعلقو|تعلقي موري]] جي ڳوٺ ”مَلڪ“ ۾ ڄائو. خانبهادر غلام رسول خان سندس والد هو. 1891ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جتوئيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ساڳئي سال اسڪول ڇڏي، پنهنجي خانگي مقرر ڪيل -استاد- قاضي عبدالرئوف وٽ قرآن پاڪ، فارسي ۽ عربيءَ جي -تعليم- ورتائين. 1897ع ۾ ٻيهر ساڳئي اسڪول ۾، ٽئين درجي ۾ داخل ٿيو. خانبهادر -امام- بخش خان ’صابر‘ جتوئيءَ رئيس علودي خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. طب جي علم سان دلچسپي هئس، صوفي طبع ۽ راڳ جو شوقين هو. فقيرن سان ڳائڻ وڄائڻ ۾ شامل ٿي ويندو هو.
ميرن جي صاحبيءَ ۾، پورالي درياهه جي پائڻ سبب اباڻي ڳوٺ ڪچي کي الوداع ڪري، ڪوهه ٻن جي مفاصلي تي عارضي طور ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو. جنهن بعد -ٽن- هنڌن تي لڏپلاڻ کان پوءِ، ضلعي دادوءَ کي ڇڏي، نوشهري فيروز جي ديهه، ”فريد ديري -جاگير-“جاگير“ ۾ ”-جتوئي-“”جتوئي“ نالي ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو. 1930ع ڌاري درياهه جي پائڻ سبب ”-جتوئي-”جتوئي ڳوٺ“ به تباهه ٿي ويو، جنهن کان پوءِ -ان- ڳوٺ جي ڏکڻ-اوڀرڏکڻاوڀر طرف ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو، جنهن جو نالو ”نوان -جتوئي-“جتوئي“ رکيائين. -انگريز- سرڪار پاران، 1912ع ۾ کيس ”خانصاحب“ ۽ 1926ع ۾ ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. 1916ع کان 1938ع تائين تعلقي موري جو فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ رهيو. -ان- وچ ۾ 1920ع کان 1932ع تائين -بمبئي- ڪائونسل ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. 1933ع کان 1936ع تائين ضلعي نوابشاهه ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو صدر چونڊيو. پنهنجي -ان- دؤر ۾ خانصاحب تعليمي حوالي سان وڏا ڪم ڪيا.
خانبهادر حاجي -امام- بخش، بهترين شاعر پڻ هو ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”صابر“ رکيائين. فارسي زبان تي عبور هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ ۾ فارسيءَ جو اثر نمايان آهي، کيس ڪافيءَ تي عبور حاصل هو. سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيائين. سندس ڪلام جو مجموعو ””سُخن صابر“ 1987ع ۾ ڇپيو، جيڪو مومن پبليڪيشن طرفان، سندس ٻئي نمبر پوٽي غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جي سهڪار سان ڇپيو. -ان- جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ڪلام کي ڪيترن ئي مقامي فنڪارن پڻ ڳايو آهي. 14 رمضان المبارڪ 1357هه/7 نومبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نوان جتوئيءَ ڀرسان ديهه دلو شاهه جي مُقام ”صابر شاهه“ ۾ آهي.
امام بخش ”صابر“ تي محمد احسن چنا، ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي نگرانيءَ ۾ 62-1960ع621960ع دوران پڻ لکيو هو، ’صابر‘ جا ڪلام مشهور فنڪارن -استاد- -انور- الدين جتوئيءَ ۽ عثمان فقير ۽ ٻين ڳايا آهن.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D8%A7%D9%85%20%D8%A8%D8%AE%D8%B4%20%20%D8%B5%D8%A7%D8%A8%D8%B1</ref>