کيرائين واٽ ڪهڪشان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[File:ESO-VLT-Laser-phot-33a-07 rsz.jpg|thumb]]
 
کيرائين واٽ، مِلڪي ويَ ({{lang-en| '''Milky Way'''}}) يا کيرائينکير واٽپَٽي ڪهڪشان (اهي لفظ لاطيني لفظن ''Via Lactea'' جو ترجمو آهن، جيڪي وري يوناني لفظن ''Γαλαξίας'' تان ورتا ويا آهن) هڪ پٽيدار گھنڊيدار ڪهڪشان آهي، جيڪا [[ڪهڪشائن جو مقامي گروهه|ڪهڪشائن جي مقامي گروهه]] جو حصو آهي. جيتوڻيڪ اها مشاهدائتي ڪائنات ۾ اربين ڪهڪشائن مان هڪ آهي، پر جيئن ته اها اسان جي گرهه [[ڌرتي]]ءَ جو گھر آهي، تنهن ڪري انسانذات وٽ ان ڪهڪشان جي خاص اهميت آهي. کيرائين واٽ ڪهڪشان جو سنواٽو رات جو آسمان ۾ تجلي جي پٽيءَ جي صورت ۾ نظر ايندو آهي. تجلن جي ان ظاهري پٽيءَ ڪري ئي کيرائين واٽ ڪهڪشان تي اهو نالو پيو آهي.
 
اسان جو هي سنسار اڻکٽ (اَکُٽُ) آهي. ڄاتل سنسار ۾ کربين کير پٽا (تارن جا جهڳٽا) يا ڪهڪشائون آهن. هر ڪهڪشان جو قدبت ۽ بيهڪ پنهنجي قسم جي آهي. هر کير پٽي ۾ کربين تارا آهن. اسان جو سج به هڪ تارو آهي، جيڪو اسان جي کير پٽي، کرائين واٽ يا مِلڪي ويَ ۾ موجود آهي. اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان جي شڪل ڪيئن آهي؟ اچو ته سمجهون.
 
ڦٽاڪا ته شايد اسان سڀني ٻاريا / ٻرندي ڏٺا هوندا. انهن ۾ ٻارن لاءِ وڌيڪ وڻندڙ ڦٽاڪي جو نالو آهي چڻگائي-تيلي (ڦلجڙي) ۽ ٻي جو نالو وِڇون (ڀَٽون) آهي. کائڻ وارين مِٺايُن ۾ وري ڪيترن ئي ماڻهن کي جِليبِي ڏاڍي وڻي ٿي. اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان جي شڪل گهڻي قدر جليبي جيان آهي، جليبي ۾ مٺاڻ جا ذرا آهن، پر کير پٽي يا کيرائين واٽ ڪهڪشان ۾ تارا آهن، ڪي سج کان ننڍا ته ڪي ان کان به وڏا. وڇون (ڀٽون) کڻي ان جي وچ ۾ تيلي (سرائي) ڏئي، کيس باهه ڏيو، توهان ڏسندا ته هزارين چڻنگون ڇڏيندو، ٻرندو ۽ سرائي يا تيليءَ جي چوڌاري ڦرندو ويندو. اسان جو کير پٽو به لڳ ڀڳ ايئن آهي، پر منجهس چڻگن بدران تارا آهن. چڻگائي تيلي ٻاري ان جي سِيخ (تارَ، ڏانڊِيءَ، سرائيءَ) کي ٻن آڱرين ۾ جهلي اهڙيءَ طرح مَهٽو ڏيو، جيئن اها ڦِري. ان جون چڻگون به ڦيري مهل جليبيءَ جهڙي شڪل ٺاهينديون. پر اسان جو کير پٽو يا مِلڪي وَيَ هوبهو چڻگن واري جليبيءَ جيان ناهي.
 
ڌرتيءَ جيان سج جا ٻيا گرهه به پنهنجي سرائِي تي چوڌاري ڦرندي رهندي سج چوڌاري چڪر هڻندا رهن ٿا. سڄو سج منڊل وري کيرائين واٽ ڪهڪشان جي وچ (مرڪز، سَرائِيءَ) چوڌاري چڪر هڻندو رهي ٿو. ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۾ هڪ ورهه لڳي ٿو، ته سج کي پنهنجي کير پٽي جي مرڪز جي چوڌاري چڪر پورو ڪرڻ ۾ 2200 لک سال لڳي وڃن ٿا.
 
سڄي کير پٽي يا کيرائين واٽ ڪهڪشان ۾ کوڙ ننڍا ننڍا پَٽا يا واٽون آهن جن مان هر هڪ ۾ لکين تارا آهن. انهن ننڍن پَٽن کي گس يا واٽ سڏيون ٿا. جنهن گس ۾ اسان جو سج سرشتو يا سِج منڊل (نظام شمسي) آهي، اهو اسان اونهاري جي رات جو '''اُڀ''' ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا.
<ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=19</ref>
 
<references />
Line 8 ⟶ 18:
[[زمرو:سائنس]]
[[زمرو:گھُنڊيدار ڪهڪشائون]]
[[زمرو:فلڪيات]]
[[زمرو:کيرائين واٽ]]