جارج برنارڊشا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 4:
| caption = شا 1936ع ۾
| birth_date = {{Birth date|1856|7|26|df=yes}}
| birth_place = [[Dublin]]ڊبلن, [[Ireland]]آئرلينڊ
| death_date = {{Death date and age|1950|11|2|1856|7|26|df=yes}}
| death_place = [[Ayot St Lawrence]], [[Hertfordshire]], England, UK
سِٽَ 18:
}}
 
'''جارج برنارڊشا''' مشهور ڊرامه نگار، اديب ۽ سوشلزم جي پرچارڪ، 26 جولاءِ 1856ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ جنم ورتو. جارج برنارڊشا، جارج ڪيرشا ۽ لوسـنڊا ايـلـزبٿ جو اڪيلو پٽ هو.
جارج برنارڊشا دنيا جو سڀ کان وڏو آزاد خيال ماڻهو تصور ڪيو ويندو آهي.
==شروعاتي زندگي==
شروع ۾ جارج برنارڊشا جون لکڻيون ناڪام ويون. 1879ع ۾ هن پنهنجي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب ‘Immaturity’ مڪمل ڪيو، پر هن ڪتاب کي لنڊن جي ڪنهن به پبليشر ڇپائڻ جي حامي نه ڀري اڳتي هلي اهو ئي ڪتاب مشهور ليکڪ جي وڏي ڪتاب جي حيثيت ۾ 1930ع ۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح هن جي اڳ ۾ لکيل چئن ناولن کي به قبول نه ڪيو ويو. ڏهن سالن تائين هن پاران اخبارن کي موڪليل مضمونن جو به اهو ئي حال ٿيو. جارج برنارڊ جي حياتيءَ جو لکيل هڪ ناول جيڪو تقريباً 1887ع يا 1888ع ۾ لکيو ويو هو، سندس مرڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ڇاپيو ويو. اهو ناول جارج برنارڊشا جي ادبي دؤر جو آخري ناول هو.
==ادبي سفر==
جارج برنارڊشا سماجي سرگرمين ۾ به حصو ورتو، پر هيءُ گهڻي ڀاڱي 1889ع ۾ ڇپجندڙ ‘Fabrion Eassy in Socialism’ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سامهون آيو. جنهن ۾ هن جون پنهنجون ٻه تحريرون به شامل هيون. اهو مجموعو برطانوي سوشلسٽ ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ٿو. 1885ع ۾ ڊرامه نگار وليم آرچر (William Archer) جي نظر جارج برنارڊشا جي صحافتي ڪم تي پئي. هن جو هيءُ ڪم 1885ع کان 1888ع تائين ’Pallmall Gazette‘ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي تبصري ۽ 1986- 1889ع کان ‘The World’ ۾ ڇپجندڙ فن تي تنقيدي مضمونن ۽ 1888ع کان 1894ع تائين ‘The Star’ ۽ ‘The World’ ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل هو. موسيقي ۽ خاص ڪري اوپيرا (نظميه ڊرامي) بابت جارج برنارڊشا جي ڄاڻ ڪمال درجي جي هئي، پر جارج برنارڊشا جو مقدر ان وقت چمڪيو جڏهن فرينڪ هيرس ’ ‘Frank Harri کيس ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ `Saturday Review` ۾ جڳهه ڏني. هن حيثيت ۾ جارج برنارڊشا پنهنجين سمورين صلاحيتن ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪم ڪندي وڪٽورين اسٽيج جي تصورن کي تبديل ڪيو. هيءُ اهو ئي زمانو هو، جڏهن جارج برنارڊشا ڊراما نگاريءَ جي شروعات ڪئي.
==نوبل انعام==
آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو.
==لکيل ڊراما==
جارج برنارڊشا جا لکيل ڊراما هيٺ ڏجن ٿا:
* 1. ’Saint Joan‘: ڇهن منظرن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1923ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1924ع ۾ ڇپايو ويو.
* 2. ’Heart Break House‘: هيءُ ڊرامو ٽن حصن ۾: هڪ 1919ع ۾ ۽ ٻيو 1920ع ۾ ڇپيو.
* 3. ’Pygmalion‘: جارج برنارڊشا جو پنجن حصن تي مشتمل هي ڊرامو 1913ع ۾ ويانا ۽ 1914ع ۾ انگلينڊ ۾ پيش ڪيو ويو.
* 4. ’Androcles and the Lion‘: هي ڊرامو ٻن حصن ۽ هڪ واقعي تي مشتمل آهي. 1913ع ۾ هيءُ ڊرامو برلن ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ 1916 ۾ ڇپايو ويو.
* 5. ’The Doctor’s Dilemma‘: چئن حصن ۾ پيش ڪيل هن ڊرامي ۾ هڪ ايپي لاگ به شامل آهي. هي ڊرامو پهريون دفعو لنڊن ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو 1911ع ۾ شايع ڪيو ويو.
* 6. ’Major Barbara‘: هيءُ ٽن حصن تي مشتمل سماجي طنز تي مشتمل ڊرامو 1905ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1907ع ۾ شايع ڪيو ويو.
* 7. ’Caesar and Cleopatra‘: جارج برنارڊشا چئن حصن وارو هيءُ ڊرامو 1898ع ۾ لکيو ۽ 1901ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون دفعو 1906ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ڊرامي کي جارج برنارڊشا جو بهترين ڊرامو سمجهيو وڃي ٿو.
* 8.’ Man and Superman‘: چئن حصن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1903ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون دفعو 1905ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ڊرامي ۾ ٽئين حصي جو ٻيو منظر شامل نه هو، تنهنڪري هيءُ ڊرامو مڪمل طرح 1915ع ۾ پيش ڪيو ويو.
* 9. ’Candida‘: ٽن حصن وارو هيءُ ڊرامو 1897ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان کان هڪ سال بعد شايع ڪيو ويو.
* 10.’ Arms and the Man‘: رومانس تي مشتمل مزاحيه ڊرامو ٽن حصن ۾ جيڪو سڀ کان پهريون 1894ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1898ع ۾ شايع ڪيو ويو.
* 11. ’Mrs. Warren’s Profession‘: چئن حصن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1893ع ۾ لکيو ويو ۽ 1898ع ۾ ڇاپيو ويو، پر حڪومت جي پابندي سبب هيءُ ڊرامو 1902ع کان پهرين پيش نه ٿي سگهيو.
ڊرامن کان سواءِ جارج برنارڊشا ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به رهيو. سندس ڪتاب: ’Black Girl in Search of God‘ ڏاڍو مشهور ٿيو، ان جي جواب ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ’White Girl in Search of God‘ (ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾) لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
==وفات==
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي. <ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011 </ref>
==حوالو==
 
جارج برنارڊ شا [[ڊبلن]] [[آئرستان]] جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو. هن پنهنجي ڊرامن وسيلي تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. ذهانت ۽ استادن جي مدد سان سڄي [[انگلستان]] کي موهي وڌائين. معاشري جي جملي بيمارين جو زبردست نڪته چين هو. [[بشر ۽ مافوق البشر]] سندس مشهور ڊرامو آهي.
 
1925ع ۾ ادبيات جو [[نوبل پرائز]] حاصل ڪيائين. انگريزي زبان جو [[رسم الخط]] مٽائڻ لاءِ به وڏي ڪوشش ڪيائين. هن جو مقصد هو ته وقت ۽ محنت تمام گهٽ صرف ٿي. کيس اعليٰ درجي جو جو [[اخبار نويس]] مڃيو وڃي ٿو.
 
2 نومب 1950ع تي 96 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
{{ڪچو}}
[[زمرو:شخصيتون]]