ازبڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
‌‌‌‌
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سِٽَ 1:
[[File:Flag of Uzbekistan.svg|thumb|ازبڪستان جو جھنڊو]]
'''ازبڪستان''' (Uzbekistan): سمرقند ۽ -بخارا- جا تاريخي شهر هن وقت -ازبڪستان- رياست (ريپبلڪ) ۾ شامل آهن، جيڪا 1991ع ۾ سوويت يونين (USSR) جي خاتمي بعد هڪ آزاد جمهوري ۽ خودمختيار رياست طور قائم ٿي آهي ۽ اسلامي تشخص سان سڃاپجڻ لڳي آهي. -ازبڪستان- جي ڪل پکيڙ 700، 172 چورس ميل (يعني 400، 7، 44 چورس ڪلوميٽر) آهي ۽ -آدمشماري- ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي. هاڻي -ازبڪستان- وارا پنهنجي ماضيءَ کي جاڳائي رهيا آهن ۽ پنهنجين وڏين ناميارين شخصيتن جون ورسيون ملهائي رهيا آهن. -آڪٽوبر- 1998ع حضرت -امام بخاري- رحه ۽ مشهور رياضي دان احمد فرغانيءَ جي ياد ۾ -بين- الاقوامي ڪانفرنسون سڏايون ويون، جيڪي مرڪزي -ازبڪستان- سائنسي اڪيڊمي -تاشقند- طرفان منعقد ٿيون، -جن- ۾ سنڌ مان مشهور اسڪالر [[نبي بخش خان بلوچ|ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ]] کي سڏايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽرصاحب هڪ تاريخي مقالو پڙهيو هو.
ازبڪستان، [[پاڪستان]] جو پاڙيسري ملڪ آهي. -افغانستان- سان لاڳو آهي. -پاڪستان- مان جيڪا شاهراهه گلگت کان اڳتي وڃي ٿي. سا آخر ۾ ساڄي هٿ تي مُڙي، چين ۾ داخل ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن اتان کاٻي واٽ تي هلجي ته -ٿوري- فاصلي کان پوءِ -ازبڪستان- اچي ويندو. -ازبڪستان- جي گاديءَ جو شهر -تاشقند- آهي، پر هن ملڪ جا مشهور تاريخي شهر چار آهن: (1) سمرقند، (2) شهر سبز، (3) -بخارا- ۽ (4) خيوا. انهن شهرن جي ڏسڻ کان سواءِ -ازبڪستان- جي تاريخي عظمت جي صحيح ڄاڻ حاصل نه ٿيندي. شهر ماضيءَ ۾ وڏن عالمن، عارفن، مشهور مدرسن، مسجدن ۽ وڏن بادشاهن جي آخري آرامگاهن مرڪز رهيا آهن. سمرقند ۾ وڏي فاتح -امير- تيمور جو مقبرو آهي، جيڪو عمارت سازيءَ جي اعتبار کان بي مثال يادگار آهي. -امير- تيمور جو پوٽو الغ بيگ، وڏو -بادشاهه- ٿي گذريو آهي. هيءُ وڏو عالم ۽ سائنسدان پڻ هو، جنهن تجربن لاءِ سمرقند ۾ وڏي رسدگاهه ٺهرائي، جيڪا اڄ به موجود آهي. -ان- کان سواءِ -اسلام- جي عملي خدمت ۽ عظمت جا ڪيئي روشن ستارا، هنن شهرن جي -آس- پاس آرامي آهن. -امام بخاري- رحه سمرقند کان ڏهه ٻارنهن ميل ٻاهر پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آرامي آهي، -جتي- موجوده حڪومت سندس روضو وڏن دروازن واري ايوان ۾ تعمير ڪيو آهي. نقشبندي سلسلي جو باني حضرت بهاءُ الدين نقشبند، -بخارا- جي شهر کان -اتر- طرف ڇهن ميلن جي مفاصلي تي آرامي آهي، -جتي- هڪ وڏي وسيع خانقاهه، مدرسو، وڏي شاهي -جامع مسجد- ۽ ٻاهران سادي -تربت- سندس عظمت جا يادگار آهن. شهر سمرقند ۾ سندس مريد مشهور ولي خواجه عبيدالله احراءِ مدفون آهي. ”فعانه“ کان هڪ سؤ ڪلوميٽر پري ”اندجان“ جي وادي، -بابر بادشاهه- جو وطن آهي، -جتي- ”باغ بابر“ اڃا تائين موجود آهي.