ٽيليويزن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''ٽيليويزن''' [[انگريزي ٻولي]] '''Television''' هن سان برقي حرڪت ذريعي [[تصوير]] ۽ [[آواز]] کي گڏ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ مراد آهي. هن ۾ ڪنهن شخص يا شيءِ سان منعڪس ڪيل روشني، پهرين برقي حرڪت ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي، پوءِ وري هن برقي حرڪت کي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ برقي حرڪت، روشنيءَ ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي ته جيئن هن مان هڪ ڏسي سگهجندڙ [[تصوير]] ٺهي وڃي.
'''ٽیلیویزن''' (television) دراصل هڪ اهڙي [[برقیات|برقیاتي]] [[آلي]] (electronic device) کي چيو ويندو آهي جيڪو متحرڪ (یا ساڪت) تصویرن (جنکي عام طور تي [[منظر|منظر (video)]] چيو ويندو آهي) کي [[آواز (audio)]] سان گڏ وصول ڪري پنهنجي [[پردي (screen)]] تي ڏسڻ ۽ ٻڏڻ جي لائق مشاهدي جي خوبین سان گڏ پیش ڪري سگهي ٿو.
==ايجاد==
ٽيليويزن جي تڪميل 1873ع ۾ هن انڪشاف کان پوءِ ٿي ته سيلينم تي روشني پوڻ سان اُن جي برقي مواصليت تبديل ٿي ويندي آهي. شروع شروع ۾ سيلينم جا خانا استعمال ڪيا ويا، پر اطمينان جوڳو نتيجو برقيائي ٽيوب (Electronic Tube) فوٽو ٽيوب (Photo Tube) جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ حاصل ٿيو.
==دريافت==
1897ع ۾ سر جي. جي. ٽامن برقي ٽيوب جي ماهيت دريافت ڪئي. 1905ع ۾ آئن اسٽائن فوٽو ڪيميڪل افيڪٽ (Photo Chemical effect) جي نظريي کي تڪميل تائين پهچايو. 1906ع ۾ لي دي فاريسٽ فلائي ٽيوب ٺاهي. اِئين 1930ع کان 1940ع تائين ٽيلي ويزن جو ساز ۽ سامان تجربي گاهه ۾ تڪميل تي پهتو. -ٻي عالمي جنگ- ۾ ٽيليويزن بازار ۾ پهتي. ٽي ويءَ جو بنيادي اصول اهو آهي ته ايندڙ تصوير کي ننڍن ننڍن ذرن ۾ ورهائي پهچايو وڃي. -ٽيليويزن- تجارتي پيماني تي 1953ع ۾ شروع ٿي. -ان- جي ڪئميرا لاڳاپيل منظر کي سرخ، سبز يا بلو رنگ ۾ تقسيم ڪندي آهي. ٽئي رنگ الڳ الڳ وصول ڪندڙ -اوزار- ۾ پهچندا آهن، -جتي- اهي هڪ خاص تصويري نليءَ تي گڏ ٿيندا آهن ۽ اک جو پورو رنگين منظر ڪاري ۽ اڇي رنگ ۾ ڏيکاري ڏيندو آهي. -ٽيليويزن- جي ايجاد ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن جو حصو آهي، پر -ان- جي ڪاميابي [[اسڪاٽ لئنڊ]] جي هڪ [[انجنيئر]] جان بيئرڊ جي هٿان ٿي. 30 سيپٽمبر 1929ع تي [[بي بي سي]] [[دنيا]] جو پهريون -ٽيليويزن- پروگرام پيش ڪيو. -ان- ۾ بيئرڊ جيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو هو.
==رنگين ٽيليويزن==
رنگين ٽيليويزن 20 صديءَ جي وچ ۾ ايجاد ٿي. [[پاڪستان]] ۾ سڀ کان پهرين ٽيليويزن [[اسٽيشن]] 1964ع ۾ [[لاهور]] ۾ ڪم شروع ڪيو. -ان- کان پوءِ [[ڊاڪا]]، [[ڪراچي]]، [[راولپنڊي]]، [[اسلام آباد]]، [[پشاور]] ۽ [[ڪوئٽا]] اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 1977ع جي شروع ۾ رنگين پروگرام پيش ڪيا ويا.
==حوالو==
* [http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BD%D9%8A%D9%84%D9%8A%D9%88%D9%8A%D8%B2%D9%86 انسائيڪلوپڊيا سنڌيانا]