ڄام صادق علي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''ڄام صادق علي'''، نـاليــوارو سـيـاسـتدان ۽ ســنـڌ جـو اڳـوڻو وزيـراعليٰ، 1935ع ڌاري موجوده تعلقي...
 
سِٽَ 3:
ڄام صادق عليءَ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ بيهڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن مسلم ليگ (ڪنوينشن) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ايوب خان جي حڪومت ۾ پهرين پارلياماني سيڪريٽري ۽ پوءِ مملڪتي وزير ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي جي ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جو وزير ٿيو. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ به ڄام صادق بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير رهيو. 1977ع ۾ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو. 1989ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ وطن واپس موٽي آيو ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ٿيو.
==وزير اعلي جي حيثيت==
جڏهن صدر غلام اسحاق خان، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي حڪومت ختم ڪئي ته ڄام صادق کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. 1990ع واريون چونڊون به کٽيون ۽ نوازشريف جي دؤر ۾ کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن جا وڏ وزارت دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سخت سياسي اختلاف رهيا. سندس دؤر ۾ الذوالفقار جي الزام هيٺ ڪيترا ڪارڪن گرفتار ٿيا. ڄام صادق علي کري ڳالهه ڪرڻ ۾ مشهور هو ۽ جيڪو به فيصلو ڪرڻو هوندو هوس، سو ڪري ڏيکاريندو هو. پوءِ ان جا ڀلي ڪهڙا به مثبت يا منفي نتيجا نڪرن. ڄام صادق علي 1991ع ۾ وڏي وزير هئڻ واري دؤر ۾ [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]ءَ جو سنڌ اسيمبليءَ مان بِل پاس ڪرائي، اُن جو قيام عمل ۾ آندو.
{{s-start}}
{{s-off}}
{{succession box
| title=وزير اعلي سنڌ
| years=1990–1992
| before=[[آفتاب شعبان ميراڻي]]
| after=مظفر حسين شاه
}}
{{s-end}}
 
==سندس اولاد==
ڄام صادق علي جي اولاد مان ڄام معشوق علي پڻ مختلف وزارتن تي رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڀائٽيو ڄام مدد علي ڪجهه عرصو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، جڏهن ته هن وقت پيپلز پارٽيءَ سان مخلوط حڪومت سان وزير طور شامل آهي.