ڪمپيوٽر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 164:
هي پرنٽر هاءِ ريزوليوشن (تمام گھڻن پگزلس جو تعداد، جن کي DPI يعني ڊاٽس پر انچ جي ايڪي سان ماپبو آهي) پرنٽرس آهن، هنن ۾ ليزر ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڊاٽ ميٽرڪس واري سسٽم تحت اعلى ڪوالٽيءَ جي پرنٽ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. هنن جي ريزوليوشن عام پرنٽرن جي نسبت تمام گھڻي هوندي آهي، جيڪا عام طور 300 dpi هوندي آهي۔
 
======= ii.انڪ جيٽ پرنٽرز: =======
هي پرنٽرز ڪريڪٽرن يا نشانين/گرافڪس وغيره کي اليڪٽريڪلي چارج ٿيل مس جي تمام ننڍڙن ڦڙن جي وهڪري وسيلي ڪاغذ وغيره تي پرنٽ ڪندا آهن. مس جي انهن ننڍڙن ڦڙن جي چرپر بجليءَ جي اوزار وسيلي ڪنٽرول ٿيندي رهندي آهي. ياد رهي ته هي به نان امپيڪٽ پرنٽر آهي.
 
======= iii.ٿرمل پرنٽرس: =======
هن پرنٽر جي ڪم ڪرڻ جو طريقو به بلڪل انڪ جيٽ پرنٽر جهڙو آهي، يعني مس جي سنهڙن ڦڙن ذريعي پرنٽ ڪرڻ، فرق صرف ايترو آهي ته هن پرنٽر ۾ استعمال ٿيندڙ مس جا سنهڙا ڦڙا مس کي گرم ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن.