آتم ڪهاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
محمد مجیب (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي |
شامل ڳنڍڻا, Added categories ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار |
||
سِٽَ 1:
ڪنهن به شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جي احوال يا سوانح عمري کي، آتم ڪهاڻي سڏبو آهي.
===سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو مختصر احوال===
[[سنڌي]] ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، تن جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي:
*[[مرزا قليچ بيگ]] ”سائو پن، ڪارو پنو“، *علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“
*[[جي. ايم سيد]] ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل)
*[[شيخ اياز]] “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“
*رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد)
*هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“
*پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“
*موتي لال جوتواڻي ”آتم ڪٿا جي نالي ۾
*هري موٽواڻي ”آخري پنا“
*[[ڪيرت ٻاٻاڻي]] ”ڪجهه لڪايم، ڪجهه ٻڌايم“ (4 جلد)
*گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد)
*نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“
*ريٽا شهاڻي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهريءَ جا ٻه پل“ جو گڏيل ڪتاب آهي.
*نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“
*موهن ڪلپنا ”بک، عشق، ادب“
*رام پنجواڻي ”يادگيريون“ ارجن سڪايل“ غفائن جي ياترا“
*ٻلديو گاجرا“زندگيءَ جا ورق“
*محمد اسماعيل عرساڻي“ سکر سيئي ڏينهن“
*لعل بن يوسف ”منهنجي پنهنجي ڪهاڻي “
*الهبچايو مرڻاس“ سورن سانڍياس“
*[[جمال ابڙو]] ’ڪٿا‘ جي عنوان هيٺ پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينهن وسن“
*محمد صديق مسافر ”منازل مسافر بمع ڪليات مسافر“
*آپا شمس عباسي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“
*غلام فاطمه شيخ، ”شيخياڻي جي ڪهاڻي“
*نائون مل هوتچند ڀوڄواڻي“نائون مل جون يادگيريون“، (انگريزيءَ مان ترجمو) *قاضي فيض محمد ”منهنجو سفر“
*ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”ادبي زندگي“
*لعل پشپ ”آتم جيوني“، ”حياتين جا حصا“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻل“، ”الهاس نگر واسي“، ”ٽه مورتي“ (5 جلد)
*هولا رام هنس ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“
*عالي شاهه (بدين) ”منهنجي ماضيءَ جا ورق“
*عبدالجبار جوڻيجو ”ملهار“ ۽ ”مجاز“ (ٻه جلد)
*ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ”ڪيم روح رهاڻ“
*عبدالحميد قريشي ”يادِ ايام“
*عبدالغفور الستي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا“
*چترو ناگپال“جيون جهلڪيون“
*لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“(ٻه جلد ڇپيل)
*پروانو سيوهاڻي ”منهنجو ننڍپڻ“
*عزيز ڀنگوار ”مان ڏوهي آهيان“
*عبدالله چنا ”پنهنجي ڳالهه“
*ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”گهڙيون گهاريم جن سين“
*تاجل بيوس “ڏکيا سکيا ڏينهڙا“ (3 جلد) *شبنم گل ”منهنجو سورج مکي“
*سوز هالائي ”ڪويءَ جي ڪٿا“
*گڻيش ٻالاڻيءَ جو ”منهنجي ڪهاڻي، ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“
*سرڪش سنڌيءَ جي ”جوڻيون جڳ جهان جون“
*ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ”ادبي زندگي“
*[[مخدوم طالب الموليٰ]] ”منهنجو ننڍپڻ“
*غفار تبسم جو ”سيئي جوڀن ڏينهن“ (هڪ جلد). <br> ان کان سواء
*اِيم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا “[[آپ بيتي جڳ بيتي|جگ بيتي آپ بيتي]]“ به سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. <br>ان کان سواءِ محترمه شهيد بينظير ڀُٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي. <ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AA%D9%85%20%DA%AA%D9%87%D8%A7%DA%BB%D9%8A</ref>
{{حوالا}}
[[زمرو:ادب]]
[[زمرو:سنڌي ادب]]
==حوالا==
|