آبِي چَڪَرُ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
====آبي چڪر ڇا آھي؟====
{{فانٽ}}آبي چڪر اسان کي ڌرتيءَ تي، ۾ ۽ مٿان پاڻيءَ جو وجود ۽ چُرپُر سمجھائي ٿو. ڌرتيءَ جو پاڻي ھميشھ چرپر ۾ رھي ٿو ۽ ھر وقت پنھنجي صورت مَٽائيندو رھي ٿو؛ پٽڙي کان برفَ ، ٻاڦَ، ۽ پوءِ واپس پٽڙو. آبي چڪر اربن سالن کان ھلندو اچي ۽ ڌرتيءَ تي سموري حيات ۽ جيوت جو جاري ساري رھڻ ان تي ئي دارومدار رکي ٿو. پاڻيءَ کان سواءِ ڌرتي رھڻ لائق نھ ھجي ھئا.<br>
 
 
پيش ڪجي ٿو آبي چڪر جو مختصر تعارف. ھن جز ليک (پيراگراف) ۾ ڏنل ڳَنڍڻاLinks ‎‏ اوھان کي ملحڪھ موضوع تي تفصيلي ‏ڄاڻَ رکندڙ صفحي ڏانھن وٺي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ھر موضوع جو نسبتاً مختصر تعارف ھن ئي صفحي تي اڃا ھيٺ ڏنل آھي. ‏
آبي چڪر کي ڪو بھ شروعاتي يا آغازي نُڪتو نھ آھي. پر پاڻَ سمنڊَن ‏Oceans‏ کان شروع ڪنداسين، ڇاڪاڻ تھ ڌرتيءَ جي پاڻيءَ ‏جو گھڻي کان گھڻو مقدار اتي ئي سمايل آھي. آبي چڪر جو محرڪ سِجُ آھي، جيڪو سمنڊَ جي پاڻيءَ کي گرمائي ٿو. گرمائش ‏سبب پاڻيءَ جو ڪجھھ حصو اُٻارجي ٿو ‏Evaporates‏ ھوا ۾ اُٻَ جِي صورتَ ۾ شامل ٿِي وڃي ٿو. برفَ ‏Ice‏ ۽ ڳڱ ‏Snow‏ سڌو ‏سنئون اُٻَ ۾ ‏Sublimate‏ سگھي ٿِي. ھوا جون مٿي ويندڙ اھڙي اُٻَ کي مٿي ماحول ‏Atmosphere‏ ۾ وٺِي وڃن ٿا. ان سان گڏ اھو ‏پاڻي بھ مٿي وڃي ٿو، جيڪو ‏Evapotranspiration‏ جي عمل ذريعي ٻوٽن مان ‏transpire‏ ۽ مِٽيءَ مان اُٻارجي نڪري ٿو. اُٻَ ‏ھوا ۾ مٿي کڄي وڃي ٿِي، جتي جو ٿڌڙو گرمي پد اُٻَ کي ڪنڊينسي ‏Condense‏ ڪڪر ڪري ڇڏي ٿو. ھوا جا وھڪرا ڪڪرن کي ‏سڄي ارض ‏Globe‏ ۾ گھُمائين ٿا. ڪڪرن جا ذرڙات پاڻَ ۾ ٽڪرائجي گڏجن ٿا، ايئن وڏا ٿين ٿا ۽ ‏Precipitation‏ جِي صورتَ ۾ ‏آسمانَ تان ڪِرَن ٿا. ڪجھھ پرسپيٽيشن ڳڱ جِي صورتَ ۾ ھيٺ ڪِرندي آھي، جيڪا برفِي ڪيپس ۽ برفاني ٽَڪَرَن ‏Ice Caps and ‎Glaciers‏ جِي صورتَ ۾ گڏ ٿيندي آھي، جيڪي ڄميل پاڻيءَ جي انَ ذخيري کي ھزارن سالن تائين سانڍي سگھن ٿا. بھار جِي مُندَ ‏اچڻَ بعد نسبتاً گرم آبھوا ۾ اھي برفاني ذخيرا رجڻ ۽ ڳرڻ لڳندا آھن ۽ اھو ڳريل آب پاڻي ڳڱريج (ڳريلاب) ‏Snowmelt‏ جِي صورتَ ‏‏۾ زمين تي وھڻ لڳندو آھي. پرسيپيٽيشن جو اڪثر حصو واپس سمنڊَ ۾ ويندو ھليو آھي، جڏھن تھ باقي حصو خُشڪِيءَ تي ڪِرندو ‏آھي ۽ ثقلي ڪشش سبب زمين تي (سطحي يا مٿاڇراتي) نئين آب ‏Surface runoff‏ جِي صورتَ ۾ وھندو آھي. ان رن آف جو ھڪڙو ‏حصو دريائن ۾ داخل ٿي ويندو آھي، جنھن جو وھڪرو ‏Streamflow‏ پاڻيءَ کي سمنڊَ طرف وٺي ويندو آھي. نئين جو پاڻي ۽ جر ‏‏(زير زمين پاڻي) جو سيمو ملي ڍنڍُن اندر تازي پاڻيءَ ‏Freshwater‏ جي صورتَ ۾ گڏ ٿي ٿو. مگر سڄو جو سڄو نئين آب دريائن ۾ ‏نھ ٿو وڃي. ان جو وڏو ڀاڱو زمين چُھِي وڃي ٿِي، جنھن کي دَرڇاڻَڪاري ‏Infiltration‏ چئجي ٿو. ڪجھھ پاڻي درڇاڻجِي اونھائيءَ ۾ ‏ھليو ويندو آھي جتي اھو جرگاھن ‏Aquifers‏ (پاڻيءَ سان تَر ٿيل زير زمين سطح) کي ڀري ٿو، جيڪي تازي پاڻيءَ کي تمام وڏي ‏مقدار ۾ ۽ تمام ڊگھي عرصي لاءِ سانڍي سگھن ٿا. ڪجھھ جَر (زير زمين پاڻي) مٿاڇري کي ويجھو رھي ٿو، جيڪو سيمو ڪري ‏واپس مٿاڇري تي موجود آبگاھن (۽ سمنڊ) ۾ ھليو وڃي ٿو، جنھن عمل کي جر اخراج ‏Ground-Water Discharge‏ چئجي ٿو؛ ۽ ‏ڪجھھ جر وري چشمي جِي شڪل ۾ خُشڪِيءَ تي تازي پاڻيءَ جي ڦُوھارو ٿِي نڪري ايندو آھي. بھر حال، وقت ساڻ سمورو پاڻي ‏ھلندو ھلندو ڪنھن نھ ڪنھن ريت سمنڊَ ۾ داخل ٿِي وڃي ٿو، جتي آبي چڪر پُورو ٿي ٿو......... اڙي – منھنجو مطلب تھ شروع ٿي ٿو. ‏