آتم ڪهاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
ڪنهن به شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جي احوال يا سوانح عمري کي، آتم ڪهاڻي سڏبو آهي. [[سنڌي]] ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، تن جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي: مرزا قليچ بيگ ”سائو پن، ڪارو پنو“، علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“، جي. ايم سيد ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل)، شيخ اياز “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد)، هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“، پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“، موتي لال جوتواڻي ”آتم ڪٿا جي نالي ۾، هري موٽواڻي ”آخري پنا“، ڪيرت ٻاٻاڻي ”ڪجهه لڪايم، ڪجهه ٻڌايم“ (4 جلد)، گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد)، نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“، ريٽا شهاڻي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهريءَ جا ٻه پل“ جو گڏيل ڪتاب آهي. نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“، موهن ڪلپنا ”بک، عشق، ادب“، رام) پنجواڻي ”يادگيريون“ ارجن سڪايل“ غفائن جي ياترا“، ٻلديو گاجرا“زندگيءَ جا ورق“، محمد اسماعيل عرساڻي“ سکر سيئي ڏينهن“، لعل بن يوسف ”منهنجي پنهنجي ڪهاڻي “الهبچايو مرڻاس“ سورن سانڍياس“، جمال ابڙو ’ڪٿا‘ جي عنوان هيٺ پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينهن وسن“، محمد صديق مسافر ”منازل مسافر بمع ڪليات مسافر“، آپا شمس عباسي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، غلام فاطمه شيخ، ”شيخياڻي جي ڪهاڻي“، نائون مل هوتچند ڀوڄواڻي“نائون مل جون يادگيريون“، (انگريزيءَ مان ترجمو) قاضي فيض محمد ”منهنجو سفر“ ، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”ادبي زندگي“، لعل پشپ ”آتم جيوني“، ”حياتين جا حصا“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻل“، ”الهاس نگر واسي“، ”ٽه مورتي“ (5 جلد) هولا رام هنس ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“، عالي شاهه (بدين) ”منهنجي ماضيءَ جا ورق“، عبدالجبار جوڻيجو ”ملهار“ ۽ ”مجاز“ (ٻه جلد) ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ”ڪيم روح رهاڻ“ عبدالحميد قريشي ”يادِ ايام“، عبدالغفور الستي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ چترو ناگپال، ”جيون جهلڪيون“، لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“(ٻه جلد ڇپيل)، پروانو سيوهاڻي ”منهنجو ننڍپڻ“، عزيز ڀنگوار ”مان ڏوهي آهيان“، عبدالله چنا ”پنهنجي ڳالهه“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”گهڙيون گهاريم جن سين“، تاجل بيوس “ڏکيا سکيا ڏينهڙا“ (3 جلد) شبنم گل ”منهنجو سورج مکي“، سوز هالائي ”ڪويءَ جي ڪٿا“، گڻيش ٻالاڻيءَ جو ”منهنجي ڪهاڻي، ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“ ، سرڪش سنڌيءَ جي ”جوڻيون جڳ جهان جون“، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ”ادبي زندگي“، مخدوم طالب الموليٰ ”منهنجو ننڍپڻ“، غفار تبسم جو ”سيئي جوڀن ڏينهن“ (هڪ جلد). ان کان سواءِ ايم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا “جگ بيتي آپ بيتي“ به سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. ان کان سواءِ محترمه شهيد بينظير ڀُٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي. <ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AA%D9%85%20%DA%AA%D9%87%D8%A7%DA%BB%D9%8A</ref>
 
==حوالا==