السي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اِلسي: هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو -تيلي- ٻجن وارن ٻوٽن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ريشي دار يا تاندورن وارو ٻو...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 19:47, 20 سيپٽمبر 2015ع

اِلسي: هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو -تيلي- ٻجن وارن ٻوٽن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ريشي دار يا تاندورن وارو ٻوٽو آهي، جنهن جا گل نيرا ٿين ٿا. هن جي تاندورن مان ڪپڙو ٺاهيو ويندو آهي. اڄڪلهه تاندورا حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪيترائي -ٻوٽا- ۽ هٿراڌو شيون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، پر اڄ به روس ۽ بيلجم ۾ هن مان ڪپڙو ٺاهيو وڃي ٿو. -ان- کان سواءِ اِلسيءَ جو ٻوٽو گلڪاريءَ خاطر باغيچن ۾ پوکيو وڃي ٿو. السيءَ جي ٻجن مان -تيل- به ڪڍيو ويندو آهي، جيڪو وارنش جي تياريءَ ۾ ڪم ايندو آهي. -ان- کان سواءِ روغني ڪِرِمِچ، مَس ۽ دوائن وغيره ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿو. السيءَ جي ٻجن جو کڙ چوپاين جانورن لاءِ طاقتور غذا آهي. سنڌ ۾ السيءَ کي ڪمائيءَ واري فصل طور پوکيو ويندو آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته هن جو -ٻج- طبي لحاظ سان فائديمند آهي.