اخبار: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Created by translating the page "اخبار"
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
سنڌي ۾ '''اخبار''' هڪ اهڙي اشاعت کي چئبو آهي جنھن ۾ خبرون ڇپجنديون آهن۔ اصطلاح ۾ ڪنهن واقعي جو سڌو سنئون ۽ صحيح بيان جنهن ۾ گھڻن ماڻهن کي دلچسپي هجي۔ صحيح خبر اها آهي جنهن ۾ ڪوئي تبصرو ۽ نه ئي ڪوئي الزام لڳايو ويو هجي، ڪنهن جي ذاتي راء جو اظهار نه هجي، ڪائي حقيقت لڪائي نه وئي هجي ۽ پنهنجي طرفان ڪنهن ڳاله جو اضافو نه ڪيو ويو هجي۔خبر ۾ تازگي ۽ وسعت هجڻ ضروري آهي۔ تحري جو طريقو اثرانداز ۽ وڻندڙ هجي۔
ڪجھ خبرون مقامي  اهميت جون هونديون آهن ۽ ڪجھ عالمي امن امان تي اثرانداز ٿينديون آهن جن سان هر [[ملڪ]] جي عوام کي دلچسپي هوندي آهي۔ ڪڏهن ڪنهن ننڍڙي جڳھ تي  ڪو انوکو يا دلچسپ واقعو پيش اچي ٿو جيڪو ماڻهن جي دلچسپي جو سبب بڻجي ٿو۔ خبر جي اهميت جو تعلق گھڻين شين سان هوندو آهي جن ۾ خبر جي تازگي، ويجهو هجڻ جو اثر ۽ مقدار يا تعداد جو انوکو هجڻ شامل آهن ۔ ڪنهن قانون جي نفاذ يا حڪومت جو ڪوئي اعلان جيڪو عوام تي اثرانداز ٿي ٿو ته اها وڏي خبر آهي۔ راز به خبر جو وڏو اهم عنصر آهي۔ وڏن ماڻهن جي زندگي يا ڪردار جون لڪيل ڳالهيون ڳولهڻ جو شوق شديد هوندو آهي۔ ڪنهن معمولي حيثيت جي ماڻهو جو وڏو ڪارنامو يا وڏي ماڻهوء جي ننڍي ڳالھ به خبر ٿي سگھي ٿي۔ واقعو، مشاهدو ۽ واقعو نگاري خبر ٺاهڻ جا عنصر آهن۔ صحافين پڙھندڙ جا رجحان، پنهنجي اخبار جي پاليسي ۽ ڪجھ اخلاقي اصولن جو به خيال رکڻو هوندو آهي۔
اخبارون بين الاقوامي ۽ ملڪي خابرو ايجنسين کان علاوه پنهنجي ناما نگارن ۽ خاص نمائندن کان به خبرون حاصل ڪندا آهن۔ هر اخبار جا اسٽاف رپورٽر عام تقريبن کان علاوه ڳولا ۽ ڪوشش سان خصوصي خبرون ڏيندا آهن۔ سنڌي اخبارن ۾ مشهور اخبارون ڪاوش، ڪوشش، عبرت، جيجل وغيره آهن۔