عزيز ڀنگوار: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{f}}
'''عزيز ڀنگوار'''، جنهن جو ڇٺيءَ جو نالو ”آچر“ آهي، سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾ ”حاجي صيفل خان“ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. هاءِ اسڪول تائين تعليم [[سانگھڙ]] ضلعي جي ننڍڙي شهر ”کڏڙي“ مان حاصل ڪيائين، اتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1968ع ۾ ”گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھ“ ۾ فرسٽ ايئر لاءِ داخلا ورتائين. جتي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي سياست ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن جي ڪارڪن طور اڀريو، سندس چواڻي تـ” مون کي سياست ۾ آڻيندڙ دوست شاھ محمد شاھ آهي“ دوران ڪارڪن هو ڪيترائي ڀيرا گرفتار پڻ ٿيو، [[سائين جي ايم سيد]] پنهنجي ڪتاب” ديدار دل داستانِ محبت“ ۾ هن جو نالو محب وطن ماڻهن جي لسٽ ۾ لکيو آهي. جڏهن تـ عزيز ڀنگوار پنهنجي لکيل ڪتاب ” مان ڏوهي هان“ ۾ پاڻ کي هڪ غدار ۽ خودپرست شخص چيو آهي. هن جي چوڻ مطابق تـ هن سنڌيت جو ڪوڙو لباس پهري عوام آڏو پنهنجو نالو ڪڍائڻ خاطر اهو سڀ ڪجھ ڪيو. 12نومبر 1977ع ڌاري کيس برادري جي ڪنهن ذاتي تڪرار جي نتيجي ۾ مخالفن ڪهاڙين جا ڌڪ هنيا، جنهن جي نتيجي ۾ عزيز هيٺئين ڌڙ کان معذور ٿي ويو، جنهن جي لاءِ هُن جو چوڻ آهي تـ هُن ڌرتيءَ ماءُ کي رنج ڪيو آهي، جنهن جو هي نتيجو آهي. عزيز ڀنگوار کي ٻـ پُتپُٽ طارق عزيز ۽ ڪاشف عزيز آهن.