خوجا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + زمرو:پاڪستان جا سماجي گروهه+زمرو:سنڌ جا معاشرتي گروه
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 3:
== نصيري خوجه ==
سنه 1430ع ۾ پير صدرالدين نصيري فرقي جو ۽ اسماعيلي شيعن مان، سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو ۽ مريد ڪرڻ لڳو<ref name = " قليچ "/>. برھمڻن پنڊتن جي مدد سان مذھب کي ھندو رنگ ڏنو، جنھنڪري گھڻا لوھاڻا سندس مريد ٿيا ۽ انھن کي ھن خواجن جو نالو ڏنو. انھيءَ فرقي جو باني حسن صباح ھو، جو تاريخ ۾ مشھور ٿي گذريو آھي<ref name = " قليچ"/>. ھو پنھنجي امام جو وڏو داعي يا مشنري ھو، ۽ انھن امامن جي اولاد مان آغا حسن علي ھو، جنھن کي آغا خان ٿا چون. اُھو سنه 1842ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو ۽ خواجن جو پير ٿيو<ref name = " قليچ "/>. انھيءَ مذھب موجب ھندن جي ديوتا وشنؤ جا نَو اوتار شمار ڪري ڏھون اوتار حضرت عليءَ کي ڳڻيندا آھن. ھو شيعا آھن ۽ پھريان ڇھ امام مڃيندا آھن ۽ پوءِ چوٽيھ ٻيا امام شمار ڪري اچي آغا خان تي بيھندا آھن، جو سندن ھاڻوڪو امام آھي<ref name = " قليچ "/>. قرآن ۽ نماز نه پڙھندا آھن. پير صدرالدين جي جوڙيل پوٿي پڙھندا آھن<ref name = "قليچ "/>. ھو ڏاڙھي ڪوڙائيندا آھن ۽ مُڇيون وڏيون رکائيندا آھن<ref name = " قليچ "/>. ورثو شريعت موجب نه وٺندا آھن، پر ھندو قاعدي موجب ورھائيندا آھن<ref name = " قليچ"/>.
== خوجن جا فرقا ==
خواجن جا ٻه فرقا آھن: ھڪڙا پڙائي، جي محرم ۾ پِڙُ ڪندا آھن ۽ ٻين شيعن سان شامل آھن ۽ جي آغا خان جي برخلاف آھن ۽ گھڻا انھيءَ جي حڪم مان نڪتل آھن؛ ۽ ٻيا پنجي ڀائي، جي آغا خان جي فرمان ھيٺ آھن ۽ انھيءَ کي زڪواة ڏيندا آھن<ref name = " قليچ "/>. اھي ھڪ جماعت ھوندا ھيا پر اوڻويھين صدي جي پوئين حصي ۾ ٻن فرقن: پنجي ڀائي ۽ پڙائي ۾ ورھائجي ويا<ref name = " گزيٽيئر "/>. پنجي ڀائي خوجا وڌيڪ ڪٽر آهن ۽ آغا خان کي پاڻ سڳورن صه جو عيوضي (نائب) ڪري ڄاڻيندا آهن، ڇوته ان جو حسب نسب اسماعيل بن امام جعفر صادق معرفت حضرت محمد صه سان ملي ٿو<ref name = "گزيٽيئر "/>. انھن جو اھو بي عقيدو آهي ته آغا خان خدا جو اوتار آھي<ref name = " گزيٽيئر "/>. اُھي ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا نماز پڙھندا آھن يا عبادت ڪندا آھن، پر مسلمانڪي ۽ ھندڪي گڏيل ٻوليءَ ۾<ref name = " قليچ "/>. پڙائي کوجن جو عقيدو شيعن کي وڌيڪ ويجھو آهي ۽ انھن جي عبادت واري جاء ممبر سڏبي آھي ۽ آھي آغا خان کي زڪوات نہ ڏيندا آهن ڇوته سندس بعيت ترڪ ڪري چڪا آهن يا جماعت مان ڪڍيا ويا آهن<ref name = " گزيٽيئر "/>. پنجي ڀائي خوجا آغا خان کي امام مھدي جو نائب ڪري مڃن ٿا ۽ کيس زڪوات ڏين ٿا<ref name = " گزيٽيئر"/> انھن جي بزرگ کي مکي سڏيندا آھن ۽ سندن عالمن کي ڀڳت<ref name = " گزيٽيئر"/><ref name = "قليچ "/>. ھنن وٽ مسجد ڪانھي_ڪانھي، مسجدن جي بدران جماعت خانا اٿن<ref name = " قليچ "/><ref name = " گزيٽيئر "/>. اھي ٻئي فرقا پاڻ ۾ شاديون ڪندا آھن<ref name = " قليچ "/>. طھور ننڍي ھوندي ڪندا آھن<ref name = " قليچ "/>. پڙائي شيعا ڏاڙھي رکائيندا آھن<ref name = " قليچ "/> پر مڇون ڪونه ڪوڙين<ref name = " گزيٽيئر "/>. ننڍي ھوندي جي شادي کي چڱو نه سمجھندا آھن<ref name = " گزيٽيئر "/>. ۽ ٻين اثنا عشري شيعن يا امياميه مذھب وانگي نماز ۽ قرآن پڙھندا آھن، مگر ورثو اڃا به ھندو ڌرم موجب وراھيندا آھن<ref name = " قليچ "/>. اُنھن جو قبرستان به ڌار آھي، جو ٻيا ھنن جي مخالف آھن<ref name=" قليچ"
> [ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو] </ref>.
 
== حوالا ==