پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 266:
===وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو پارلياماني دؤر===
13 آگسٽ 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽو نئين آئين تحت پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 31 ڊسمبر 1973 تي ڪراچي ڀرسان پپري ۾ وزيراعظم ملڪ جي پھرين اسٽيل پلانٽ جو سنگ بنياد رکيو<ref name = " پاڪستان "/>. 22 23 فيبروري 1974 تي لاھور ۾ اسلامڪ سمٽ ڪانفرنس منعقد ٿي<ref name = " پاڪستان "/>.5 مئي 1974 تي ڀارت ائٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ نيوڪليئر ڪلب ۾ شامل ٿي ويا<ref name = " پاڪستان "/>. 14 اپريل 1974ع تي وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ختم ڪرڻ
۽ 15 مئي کان سول انتظاميه بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 27 جون 1974 تي وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دوري تي بنگلاديش روانو ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 14 آگسٽ 1974ع تي پارليامينٽ جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 7 سيپٽمبر 1974 تي آئين ۾ ترميم ڪري قرار ڏنو ويو ته ختم نبوت تي ايمان نہ رکندڙ مسلمان نه رھندو ۽ ختم نبوت جي خلاف تبليغ تي سزا ڏني ويندي. ان ائيني ترميم جي نتيجي ۾ احمدي جماعت يا قادياني ختم نبوت جي مطلق عقيدي کي نہ مڃڻ ڪري غير مسلم اقليت ۾ شامل ٿي ويا. 11 سيپٽمبر تي قومي اسيمبلي انھن کي باقاعده غير مسلم قرار ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. 14 آڪٽوبر 1974 تي وزيراعظم پيش پوندڙ بلوچ قبيلن کي عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 11 نومبر 1974 ۾ ايم اين اي آحمد رضا قصوري جو پيءُ نواب محمد احمد قصوري لاھور ۾ قاتلاڻي حملي ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 17 جنوري 1975 تي دھشتگردي واريون خاص عدالتون قائم ڪيون ويون<ref name = " پاڪستان "/>. 8 فيبروري 1975 تي سرحد صوبي جو وزير اعلي حيات محمد شيرپائو پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو جنھن ڪري 15 فيبروري تي نيشنل عوامي پارٽي تي بندش وڌي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 1965 واري جنگ ۾ آمريڪا پاڪستان تي ھٿيارن ڏيڻ تي پابندي لڳائي ھئي جيڪا 12 فيبروري 1975 تي ختم ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. ڪراچي ۾ ٽرام سروس 20 اپريل 1885 ۾ شروع ٿي ھئي جنھن کي 30 اپريل 1975 ۾ ختم ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 27 جولاءِ 1975 ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل وياج يا ربا کي ختم ڪري زڪوات متعارف ڪرڻ جي سفارش ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 19 سيپٽمبر 1975 تي ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس قائم ڪئي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 31 آڪٽوبر 1975 تي سپريم ڪورٽ نعپ کي پاڪستان جي وجود جي خلاف ھجڻ ڪري ٽوڙي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنھن بعد نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي قائم ٿي<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جنوري 1976 تي بلوچستان اسيمبلي کي معطل ڪري بلوچستان ۾ وفاقي راڄ قائم ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 جنوري 1976 تي وزيراعظم ڪراچي کي ميٽروپوليٽن جو درجو ڏنو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 6 فيبروري 1976 تي جنرل ضياءَ الحق کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويو جنھن پھرين مارچ تي جنرل ٽڪا خان کان چارج ورتي<ref name = " پاڪستان "/>. 23 مارچ 1976ع ۾ وزيراعظم اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي موجوده عمارت جو سنگ بنياد رکيو<ref name = " پاڪستان "/>. 24 جنوري 1976ع ۾ لاھور امرتسر ٽرين سروس جي شروعات لاء نيودھلي ۾ معاھدو ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 5 آگسٽ 1976 تي وزيراعظم پورٽ قاسم جو سنگ بنياد رکيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 آڪٽوبر 1976 تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس فرانس کان پاڪستان کي نيوڪليئر پلانٽ نہ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 12 آڪٽوبر 1976 تي سعودي بادشاھ خالد بن عبدالعزيز اسلام آباد ۾ شاھ فضل مسجد جو سنگ بنياد رکيو<ref name = " پاڪستان "/>. وزيراعظم سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائي 60 سال ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 20 ڊسمبر 1976 تي پي ٽي وي جي رنگين نشريات جي شروعات ٿي<ref name = " پاڪستان "/>. 7 جنوري 1977 تي حڪومت عام چونڊن لاء 7 مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ۽ پھرين جولاء کان جمعو عام موڪل جو ڏينهن بڻايو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 18 جنوري تي صدر قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي<ref name = " پاڪستان "/>. 11 جنوري تي ڀٽو جي پيپلز پارٽي سان مقابلي لاءِ پاڪستان نيشنل الائنس جو قيام ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 12 جنوري تي پاڪستان ماتا کان پاڪ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو<ref name = " پاڪستان "/>. ڀٽو کي اليڪشن ڪميشن بغير مقابلي جي چونڊيل قرار ڏنو. مخالف اميدوار جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا جان محمد عباسي ان فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ 25 جنوري تي اپيل داخل ڪئي وئي تہ کيس اغوا ڪيو ويو ھو جيڪا 13 فيبروري تي اغوا جي ثبوت نہ ھجڻ ڪري رد ڪئي وئي. پھرين مارچ تي پي اين اي جي سڏ تي پوري ملڪ ۾ ھڙتال ڪئي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 7 مارچ 1977 تي عام چونڊون ٿيون جن ۾ ڪل 200 سيٽن مان پيپلزپارٽي 155 سيٽون، پي اين اي 35 سيٽون کٽيون. پي اين اي اڳواٽ رٿيل ڌانڌلي جو الزام لڳايو<ref name = " پاڪستان "/>. 10 مارچ تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ٿي جنھن جو پي اين اي بائڪاٽ ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 26 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن قسم کنيو پر پي اين اي بائيڪاٽ ڪيو ۽ ملڪ ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو.28 مارچ تي ڀٽو ٻيھر وزيراعظم چونڊجي آيو<ref name = " پاڪستان "/>. 15 اپريل تي ڀٽو لاھور ۾ مولانا مودودي سان ملاقات ڪئي جنھن کانئس استعفي ڏيڻ جو مشورو ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. 22 اپريل 1977 تي ڪراچي ، لاھور، حيدرآباد ۾ مارشل لا ۽ راولپنڊي ب۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.28 اپريل 1977 ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم يونائيٽيڊ اسٽيٽس تي الزام لڳايو تہ پاڪستان ۾ سياسي بحران جي پٺيان ان جو ھٿ آھي<ref name = " پاڪستان "/>. 7 جون تي لاھور ھاء ڪورٽ ڪراچي، لاھور ۽ حيدرآباد ۾ مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. 15 جون 1977 تي مذاڪرات بعد حڪومت ۽ پي اين اي ۾ معاملا طئي ٿي ويا. حڪومت ٻيھر چونڊون ڪرائڻ تي راضي ٿي وئي. 3 جولاءِ تي ڀٽو اعلان ڪيو تہ معاھدو ٿي چڪو آهي رڳو صحيحون ٿيڻيون آهن آھن پر اصغر خان پڌرائي ڪئي تہ پي اين اي جي ڪائونسل منظور ناھي ڪيو. 5 جولاء 1977 تي جنرل ضياءُ الحق فوجي بغاوت ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي، ڀٽو ۽ ٻيا سياستدان گرفتار ڪيا ويا، آئين کي جزوي طور تي معطل ڪيو ويو ۽ صدر فضل الاهي کي برقرار رکيو ويو ۽ ٽن مھينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سياسي سرگرمين تي بندش وڌي وئي. چئن ماڻھن تي مشتمل فوجي ڪائونسل قائم ڪئي وئي<ref name = " پاڪستان "/>.
 
 
 
 
باقي چار صوبن ۾ نئين حڪومت آئي ۽ سياسي ء قانوني سڌارا آندا ويا ۽ ملڪ ۾ نئون آئين ٺاھي 1973ع ۾ نافذ ڪيو ويو. جنرل يحي خان ملڪ جي صدارت تان استعيفا ڏئي۽ عھدو نائب وزيراعظم [[پاڪستان پيپلز پارٽي]] جي قائد [[ذوالفقار علي ڀٽو]] جي حوالي ڪيو جيڪو ھن نئين پاڪستان جو صدر ۽ پھريون سويلين چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. وزيراعظم نورالامين 20 ڊسمبر 1971 تي ان عھدي تان فارغ ٿي ويو ء کيس ملڪ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ذولفقار علي ڀٽي ملڪ جي نئين آئين ٺاھڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڪستان م ھر قسم جا سڌارا اندا. 1973ع م پاڪستان جو نئون آئين ٺھيو جنھن ذريعي ٻيھر پارلياماني نظام آندو ويو ۽ ٻن ايوانن واري پارليامينٽ متعارف ڪرائي وئي جنھن جو مٿيون ايوان سينيٽ ۽ ھيٺيون ايوان قومي اسيمبلي ھيو. 14 آگسٽ 1973 تي نئين آئين تحت ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي نائين وزيراعظم طور قسم کنيو. سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولھ سرحدي صوبي م پيپلزپارٽي جون حڪومتون ٺھيون ۽ بلوچستان م نعپ جي حڪومت ٺھي. سرحد صوبي جي وزيراعلي [[حيات محمد شيرپائو]] جي بم ڌماڪي ۾ جان بحق ٿيڻ جي ڪري ۽ بلوچستان م نعپ جي مشڪوڪ سرگرمين جي الزام تحت ڀٽو سرڪار بلوچستان جي نعپ حڪومت کي معزول ڪري سپريم ڪورٽ ذريعي نعپ تي بندش وڌي جنھن ڪري مينگل ء مري. قبيلن جي سياسي قيادت مزاحمت ڪئي ۽ بلوچستان م گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي. نعپ جي سموري گرفتار قيادت تي خان ولي خان سميت حيدرآباد جي سينٽرل جيل م حيدرآباد سازش ڪيس ھلايو ويو. ملڪ م ذولفقار علي ڀٽو جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد ٺھيو ۽ 1977 ۾ عام چونڊون ٿيون جن م پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي. پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ ٻيھر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي.
 
=== ٻين مارشلا ===