پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 261:
3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو<ref name = " پاڪستان "/>. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن<ref name = " پاڪستان "/>.24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي<ref name = " پاڪستان "/>. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. صدر 25 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبلي جو ڍاڪا ۾ اجلاس سڏايو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 مارچ 1971 تي شيخ مجيب الرحمان ماڻھن کي نجات حاصل ڪرڻ لاء جدوجهد جو سڏ ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 مارچ 1971 تي مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عوامي ليگ جي پوئلڳن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 26 مارچ 1971 تي صدر عوامي ليگ تي بندش وڌي<ref name = " پاڪستان "/>. 4 اپريل 1971 تي آنڌرا گانڌي مشرقي پاڪستان جي عوام جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 مئي 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. 28 جون 1971 تي يحي خان آئين تيار ڪرڻ لاءِ ماھرن جي ڪاميٽي جوڙي<ref name = " پاڪستان "/>. 5 آگسٽ 1971 تي حڪومت ايسٽ پاڪستان جي تنازعي تي 125 صفحن تي مشتمل وائيٽ پيپر جاري ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 سيپٽمبر 1971 تي صدر يحي پھرين مارچ کان پنج سيپٽمبر تائين اوڀر پاڪستان ۾ ڏوھ ڪندڙن يا ڏوھن جي الزامن ۾ آيلن کي عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 5 سيپٽمبر تي پاڪستان انڊيا طرفان نئين دھلي ۾ نامنھاد بنگلاديش مشن قائم ڪرڻ خلاف انڊيا جي حڪومت سان سخت احتجاج ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 9 آڪٽوبر 1971 تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ملڪ مان سياسي سرگرمين تان بندش ھٽائي ڇڏي<ref name = " پاڪستان "/>. 10 نومبر 1971 تي انڊيا پاڪستان تي حملو ڪيو، ان جي فوج بيلونيا لڳ پاڪستاني سرحد م داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنگ ۾ 74 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ 130 زخمي ٿيا. 16 نومبر تي انڊيا جي فوج اوڀر پاڪستان ۾ ڊاڪا طرف پيشقدمي ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. اوڀر پاڪستان ۾ ڀارتي فوجي مداخلت تي صدر يحي 23 نومبر تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي<ref name = " پاڪستان "/>. 3 ڊسمبر تي فوج کي ڀارت تي حملي جو حڪم ڏنو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 7 ڊسمبر 1971 م يحي خان بينگال سان تعلق رکندڙ نورالامين کي پاڪستان جو اٺون وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نائب وزيراعظم سميت پرڏيهي وزير بڻائي مخلوط حڪومت ٺاهي وئي<ref name = " پاڪستان "/>.8 ڊسمبر 1971 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ھڪ قرارداد وسيلي ھڪدم جنگبندي ۽ فوجن کي پنھنجي پنھنجي سرحد طرف ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 12 ڊسمبر1971 تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي صدر رچرڊ نڪسن انڊيا کان پاڪستان تي فوجي حملو ھڪدم روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ فوجي پيشقدمي جي تسلسل کي عالمي راء جي انحرافي قرار ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. يونائيٽيڊ اسٽيٽس سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٻيھر اجلاس جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 14 ڊسمبر تي سويت يونين يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي انھن رٿن کي ٽيون دفعو ويٽو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. ساڳي ڏينھن ذوالفقار علي ڀٽو سڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس مان اٿي آيو. 16 ڊسمبر تي پاڪستاني فوج اوڀر پاڪستان ۾ پيش پئي<ref name = " پاڪستان "/>. جنرل جگجيت سنگھ اروڙا ۽ ليفٽيننٽ جنرل امير عبدالله خان نيازي ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ جنگبندي طئي ڪئي وئي. ٻارتي فوج ڍاڪا ۾ داخل ٿي<ref name = " پاڪستان "/>. پاڪستاني فوج جا 95000 فوجي ڍاڪا ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ ڀارتي فوج آڏو ھٿيار ڦٽا ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 17 ڊسمبر تي پاڪستاني صدر جنگبندي جو اعلان ڪيو. 28 ڊسمبر 1971ع تي يحي خان اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو جيڪو ملڪ جو نئون صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 22 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم تي شيخ مجيب الرحمان کي جيل مان ڪڍي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 23 ڊسمبر تي صدر ڀٽو پنھنجي ڏھ رڪني صدارتي ڪابينه جوڙي ين ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ محمد رشيد، غلام مصطفي جتوئي ۽ حفيظ پيرزادو شامل ھيا<ref name = " پاڪستان "/>. 24 ڊسمبر تي ڀٽو اوڀر پاڪستان ۾ شڪست جي جاچ لاء چيف جسٽس حمود الرحمان جي سربراھي ۾ ڪميشن جوڙي. ڪميشن جا رڪن چيف جسٽس آف پاڪستان حمود الرحمان، چيف جسٽس سنڌ بلوچستان ھاء ڪورٽ جسٽس طفيل علي عبدالرحمان ھيا جن کي ٽن مھينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاء چيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 31 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ائٽامڪ ڪميشن کي پنھنجي ذمي ورتو<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جنوري 1942ع تي تحريڪ استقلال جي ايئر مارشل اصغر خان لاھور م پريس ڪانفرنس ذريعي مارشل لا ختم ڪرڻ، مجيب الرحمان کي آزاد ڪرڻ ۽ يحي خان کي گرفتار ڪري ان خلاف کليل مقدمو ھلائڻ جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 9 جنوري 1972ع تي عوامي ليگ جي مجيب الرحمان کي آزاد ڪري پي آء اي جي جھاز م لنڊن روانو ڪيو وي<ref name = " پاڪستان "/> 26 جنوري 1972ر تي سويت يونين بنگلاديش کي تسليم ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>.
 
===ذوالفقار علي ڀٽو جو صدارتي دؤر===
اقتدار جي منتقلي ۽ صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج ھڪ متفقه نئين آئين جي تشڪيل ھيو. 23 جنوري 1972 تي ليفٽيننٽ جنرل گل حسن کي ٽن سالن لاء پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو بعد ۾ 3 مارچ 1972 تي ان سميت ايئرفورس جي ڪمانڊر ايئر مارشل رحيم خان ھٽائي انھن جي جاء تي ترتيبوار جنرل ٽڪا خان ۽ ايئر مارشل ظفر چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. 10 مارچ تي ٽڪا خان ڊيلي ٽيليگراف کي انٽرويو ۾ ٻڌايو تہ 30000 بنگالي فوج سان مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا ۽ ان کان وڌيڪَ انگ اکر وڌاءُ ھو. 11 اپريل تي عبوري آئين جو مسودو پارلياماني ليڊرن ۾ ورھايو ويو ۽ 17 اپريل 1972ع تي نيشنل اسيمبلي منظوري ڏني مخالف ڌر ووٽنگ ۾ شامل نه ٿي <ref name = " پاڪستان "/>. ساڳي تاريخ تي پاڪستان جي آئين جي تياري لاء قومي اسيمبلي جي 25 رڪنن جي محمود علي قصوري جي سربراهي ۾ ھائوس ڪميٽي جوڙي وئي پر بعد ۾ 4 آڪٽوبر تي قصوري اختلافن جي ڪري ان ذميواري تان استعيفا ڏئي ۽ 29 آڪٽوبر تي کيس پيپلزپارٽي مان ٻاھر ڪڍيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 اپريل تي صدر عبوري آئين جي توثيق ڪئي ۽ 3 سال ۽ 26 بعد مارشل لا ختم ڪئي وئي ۽ آئين جي حاڪميت جي بحالي ٿي. صدر ۽ چيف جسٽس حمود الرحمان راولپنڊي ۾ ان آئين تحت قسم کنيا<ref name = " پاڪستان "/>.25 اپريل 1972 تي پھرين مئي کي مزدورن جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پھرين مئي 1972 تي پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو اھو ڏينھن ملھايو ويو. ساڳي ڏينھن ممتاز ڀٽو، سردار عطاءُ الله خان مينگل، مولانا مفتي محمود سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا وزير اعليَ مقرر ڪيا ويا جڏهن ته پنجاب لاء ملڪ معراج خالد کي نامزد ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 38 جون تي شملا سمٽ ۾ ڀٽو ۽ اندراگانڌي پنھنجن ايڊيز کان سواءِ ملاقات ڪئي. مذاڪرات جاري رھيا ۽ 3 جولاءِ تي ٻنھي شملا معاھدي تي صحيحون ڪيون. ٻنھي اڳواڻن طئي ڪيو تہ ٻنھي ملڪن جون فوجون پنھنجي پراڻي سرحدي پوزيشن تي اينديون، تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو ويندو، ڪشمير ڪنٽرول لائين ۾ مداخلت ۽ انحرافي نہ ڪئي ويندي، واپاري ۽ ثقافتي تعلق بحال ڪيا ويندا<ref name = " پاڪستان "/>. 7 جولاء تي سنڌ اسيمبلي سنڌي کي اردو وانگر صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي منظوري ڏني جنھن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اردو جي حق ۾ پرتشدد مظاھرا شروع ٿي ويا جنھن ڪري ڪرفيو لڳائڻو پيو. ھڪ دفعو ٻيھر جنگ اخبار بم رئيس امروهي جو شعر ''اردو کا جنازہ ہے ذرا دھوم سے نکلے'' ڇاپيو ويو. فسادن ۾ پوليس جي فائرنگ چ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا 150 زخمي ٿيا. 16 جولاءِ 1972 تي گورنر سنڌ ٽيچنگ، پروموشن اينڊ يوز آف سنڌي لينگويج بل 1972ع جي توثيق ڪئي.<ref name = " پاڪستان "/>. 8 جولاءِ 1972 ۾ حمود الرحمان واري جنگي ڪميشن جي رپورٽ تي ميمبرن سپريم ڪورٽ جي چيمبر ۾ صحيحون ڪيون ۽ 13 جولاءِ تي چيف جسٽس حمود الرحمان اھا رپورٽ صدر کي پيش ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>.14 جولاء 1972 تي نيشنل اسيمبلي شملا معاهدي جي منظوري ڏني جڏھن ته ڀارتي لوڪ سڀا ان جي توثيق پھرين آگسٽ تي ڪئي ۽ 29 آگسٽ بتي نيو دھلي ۾ ٻنھي ملڪن شملا معاهدي تي عملدرآمد واري ايگريمينٽ تي صحيحون ڪيون<ref name = " پاڪستان "/>. 27 آڪٽوبر 1972 تي جنيوا ڪنوينشن جي پاسداري ۾ پاڪستان ڀارت جي سمورن جنگي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سلسلو 27 آڪٽوبر 1973 تي مڪمل ٿيو. 6 نومبر 1972 تي ڀارت مان پاڪستاني جنگي قيدين جي واپسي شروع ٿي<ref name = " پاڪستان "/> 9 نومبر 1972 ۾ پاڪستان سيٽو مان نڪري آيو<ref name = " پاڪستان "/>. 31 ڊسمبر تي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي تيار ٿيل نئين آئين جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ۽ 11 اپريل تي قومي اسيمبلي يڪراءِ ان کي منظور ڪيو. مخالف ڌر بائيڪاٽ ختم ڪيو اٺ تڪراري شقن ۾ ترميم ڪئي وئي. ٽن ميمبرن محمود علي قصوري، احمد رضا قصوري ۽ شاھ احمد نوراني ووٽنگ ۾ حصو نہ ورتو <ref name = " پاڪستان "/>. 30 مارچ 1973 تي حڪومت جي خلاف سازش جي الزام ۾ فوج، ايئرفورس ۽ نيوي جي 24 آفيسرن جون گرفتاريون ٿيون<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جولاء 1973 تي نيشنل آئڊنٽٽي ڪارڊ جي اسڪيم جاري ٿي جنھن تحت پھريون ڪارڊ ذوالفقار علي ڀٽو جو جاري ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 آگسٽ 1973 تي پاڪستان جي دفاع جي بجٽ ٻيڻي ڪئي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 11 آگسٽ 1973 تي چوڌري فضل الاھي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. ھن 139 ووٽ کنيا جڏھن ته نعپ جي اميدوار 45 ووٽ کنيا.
.
 
 
 
===وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو پارلياماني دؤر===
13 آگسٽ 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽو نئين آئين تحت پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو