پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 405:
===پاڪ افغان تعلق===
افغانستان، جيڪو ڪيتري عرصي کان غير مستحڪم ۽ طالبانن جي ڪري تڪراري ملڪ رهيو آهي. هي واحد ملڪ هو، جنهن پاڪستان جي اقوام متحده ۾ ميمبرشپ جي مخالفت ڪئي هئي، پر پاڪستان، افغانستان ڏانهن دوستاڻو رويو جاري رکيو. 1963ع ۾ شهنشاهه ايران جي ڪوششن سان لاڳاپا بهتر ٿيا. اتي هلندڙ تشدد جي طالبانن جي ڪاررواين جي پر تشدد واقعن تي پاڪستان کي بہ ڳڻتي رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ طالبانن جا ڪجهه گروپ پاڪستان ۾ بہ ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، پر جنرل پرويز مشرف، آمريڪا جي حمايت سان افغانستان ۾ پر تشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪئي. ان سميت تازو چونڊيل صدر آصف علي زرداري پڻ افغانستان جو دورو ڪري، ڪرزئي حڪومت سان لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.
===پاڪ عرب تعلقتعلقات===
پاڪستان جا عرب ملڪن سان ڏاڍا پراڻا ۽ گھرا تعلق رھيا آھن. پاڪستان نه رڳو اسرائيل جي سخت مخالفت ڪئي، پر اڄ ڏينهن تائين ان کي تسليم بہ نه ڪيو آهي. 2 مئي 1949ع ۾ پاڪستان گڏيل قومن م اسرائيل جي رڪنيت جي سختي سان مخالفت ڪئي هئي<ref name = " پاڪستان "/>. هن وقت شام، يمن، اردن، ايران، سعودي عرب، ڪويت، سوڊان، لبيا، تيونس، مراڪش ۽ الجزائر سان پاڪستان جا انتهائي خوشگوار لاڳاپا آهن. اوڀر ۾ انڊونيشيا سان پاڪستان جا ويجها واسطا آهن.وڏن عالمي مسئلن ۾، فلسطين، قبرص، ڪوريا ۽ ويٽنام جي جنگ بابت پاڪستان جو طرز عمل هميشه حق ۽ انصاف جي حمايت ۾ رهيو آهي. تنهن کان سواءِ عراق جي نئين سِر تعمير لاءِ پڻ پاڪستان نيڪ تمنائون رکي ٿو، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي نِندا بہ ڪري ٿو. تازو ايران- پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي تي صحيحون بہ ڪيون ويون آهن
 
===يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان تعلق===
دنيا جي سُپر پاور آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا شروع کان وٺي بهتر رهيا آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوري حڪومتن جي حمايت ڪندو رهيو آهي، پر فوجي حڪمرانن کي بہ مختلف وقتن تي آمريڪا جي حمايت حاصل رهي آهي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري واقعن (2001ع) کان پوءِ جڏهن آمريڪا طالبانن ۽ القائده خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، تہ کيس پاڪستان جي مدد جي ضرورت پيش آئي ۽ تڏهوڪي آرمي چيف ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف، سندس ها ۾ ها ملائي، سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ جڏهن انتهاپسندن جون ڪارروايون پاڪستان جي اترين علائقن سميت وڏن شهرن: پشاور، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي وغيره ۾ وڌي ويون، تہ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ آمريڪا، پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ اهو تعاون اڄ تائين جاري آهي.ان کان سواءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ 2005ع ۾ آيل زلزلي توڙي 2010ع واري وڏيءَ ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين واري آزمائشي صورتحال ۾ ٻين ملڪن سان گڏ آمريڪا پڻ مالي مدد ڪئي.