گوبند مالهي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:سنڌي اديب
سِٽَ 1:
'''گوبند مالهي''' ([[انگريزي]]:Gobind Malhi) [[برطانوي هندستان]] ۾ [[سنڌ]] ۾ جنم وٺندڙ [[سنڌي ٻولي]] جو برک اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
 
== زندگي جو احوال ==
گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي [[نوشهرو فيروز ضلعو]] جي شهر [[ٺاروشاھ]] ۾ جنم ورتو.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://sindhipeoples.blogspot.com/2013/08/blog-post_8729.html|title=سنڌي شخصيتون: گوبند مالهي|last=Sindhipeoples|date=2013-08-06|website=سنڌي شخصيتون|access-date=2020-10-02}}</ref>
 
== تعليم ==
گوبند شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾  حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪئي.[[1944ع]] ۾ اي اي بي پاس ڪيائين.<ref name=":0">{{Cite book|url=http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb|title=سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب}}</ref>
 
== سياست ==
مالهي سياست جي شروعات 1940ع کان، ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ سان ڪئي ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل به ويو. ان کان اڳ 1941ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي سان واقفيت ٿيس جنهن سندس شخصيت تي گهڻا اثر ڇڏيا. 1943ع ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ سان واسطو ٿيس ۽ انهيءَ وسرلي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، ”نئين دنيا ڪياب گهر“ پاران برڪت علي آزاد، گوبند پنجابي ۽ ٻيا سنڌي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌيا هئا پر گوبند مالهي کي اهو شرف مليو ته هو ان زماني ۾ ترقي پسند ساهت کيتر جو باني بڻجي. 1947ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ”نئين دنيا“ جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ گوبند مالهي جو وڏو ڪردار هو ۽ ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو رسالو ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به جاري رهيو. برصغير جي ورهاڱي سبب ”نئين دنيا“ مخزن بند ٿي ويئي، جيڪا پوءِ 1948ع ۾ ٻيهر بمبئي مان گوبند مالهي جي ڪوششن سان شروع ٿي ۽ گڏوگڏ نئون ساهت منڊل جو بنياد به رکيو ويو، جنهن جو گوبند مالهي سيڪريٽري بڻيو. 1950ع ۾ ”نئون ساهت منڊل“ جو نالو بدلائي ”سنڌي ساهت منڊل“ رکيو ويو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان پهريون سميلن سڏايو ويو.  44-1945ع ۾ مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ انهي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي جي  سائنس ڪاليج ۾ شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ [[نارايڻ شيام]]، [[شيخ اياز]]، شيخ رزاق، ارجن شاد، روشن آرا مغل ۽ [[سُندري اُتمچنداڻي]] حصو وٺندا هئا.  1947ع  ۾  ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن ۾ شيخ اياز، احسان بدوي، نعيم صديقي، [[ڪيرت ٻاٻاڻي]]، [[سوڀو گيانچنداڻي]]، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سندري اُتمچنداڻي ۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن. تنظيم جون سرگرميون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، پر تنظيم اڃا پهريون سرگرميون ئي مس شروع ڪيون جو ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي ويئي، جنهن ڪري تنظيم جو سرگرميون ختم ٿي ويون. <ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.pahenjiakhbar.com/%da%af%d9%88%d8%a8%d9%86%d8%afگوبند-%d9%85%d8%a7%d9%84%d9%87%d9%8aمالهي-%da%a9%d8%a7%d9%86کان-%d8%a8%d9%87به-%d9%ba%d8%a7%d8%b1%d9%88ٺارو-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87شاهه-%d9%86%d9%87نه-%d9%88%d8%b3%d8%b1%d9%8a%d9%88وسريو-%d9%87%d9%88هو/|title=گوبند مالهي کان به ٺارو شاهه نه وسريو هو! ....علي رضا قاضي|last=says|first=Irshad ali katpar|date=2020-02-10|language=sd|access-date=2020-10-02}}</ref><ref name=":0" />
 
== ساهت ==
گوبند مالهي 1953ع کان جدا جدا رسالن ۽ اخبارن ۾ ليک لکڻ ۽ شعر ڇپائڻ شروع ڪيا. انهيءَ جو هڪ سبب هي هو ته گوبند مالهي جو جنم جنهن گهر ۾ ٿيو اتي اڳ ۾ ئي هڪ وڏي لائبريري موجود هئي. سندس وڏي ڀاءُ جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪو نئون ڪتاب ايندو هو ته کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاري اهو ڏاڍيان پڙهندو هو، ائين منجهس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. لکڻ جو شوق به ڀاءُ کان پرايائين.جيڪو ”هند سماچار“ ۾ ’ٺارو شاهه نواسي‘ جي قلمي نالي سان ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو هو. هن جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهي گوبند مالهي کي به لکڻ جو شوق ٿيو. سندس پهرين لکڻي 1934ع ۾ ڇپي، جڏهن سندس عمر تيرنهن سال هئي. اڳتي هلي گوبند مالهي ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهايو. <ref>{{حوالو_ويب|url=https://sindhsalamat.com/threads/36883/|title=گوبند مالهي|website=SindhSalamat|access-date=2020-10-02}}</ref>
== ناول ==
گوبند مالهي سنڌي ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهي جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1925ع  ۾ ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. گوبند مالهي ناول لکي سنڌي ناول جي پيڙهه بڻيو. ”آنسو“ ناول ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ اهم ناول ليکيو وڃي ٿو. هن ناول ۾ سنڌ مان لڏي وڃڻ کانپوءِ بمبئي شهر ۾ ۽ ان جي آسپاس شرنارٿي ڪئمپن ۾ رهايل سنڌي عوام جي زندگي جي تصوير چٽي ويئي آهي.  گوبند مالهي جو ٻيو ناول ”زندگي جي راھ تي“ آهي، جيڪو به 1952ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال گوبند جو ٽيون ناول ”جيون ساٿي“ ڇپيو. هن ناول جو موضوع پيار جي شادي آهي، جنهن ۾ معاشري جي معاشي حالتن، ريتن ۽ رسمن جو بيان ڪيل آهي. هن ناول ۾ ٽن مختلف جوڙن جي زندگيءَ جو احوال آهي، جيڪي دل توڙي دماغ کان ڪم وٺي، سماجي رنڊڪن کي بردباري سان منهن ڏيئي، ختم ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سچا ساٿي بنجن ٿا. 1935ع ۾ گوبند مالهي جا ٽي ناول ”پيار جي پياس“، ”من جو ميت“ ۽ ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ڇپيا. ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ هند ۽ سنڌ جو بهترين ناول لکيو وڃي ٿو. هن ناول کي 1953ع جو بهترين ناول جو انعام مليو. مٿين کانسواءِ گوبند مالهي ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: چنچل نگاهون، للڪار (1954ع) عشق ناهي راند (1955ع) شرم ٻوٽي (1956ع) لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع) ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي ٿيا پرڏيهي (1961ع) محبت جي راهه ۾ (1975ع) جي سوري ڀانئين سيج، هڪ انسان سئو طوفان، پرديسي پريتم، پيار جي پياس، انقلابي سپاهي، سونهن جا سوداگر، تون مان هوءَ، مسوريءَ جي راڻي، وغيره شامل آهن. سندس آتم ڪٿا پڻ [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران ڇپيل آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Personalties/Book30/Book_page1.html|title=Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)|website=www.sindhiadabiboard.org|access-date=2020-10-02}}</ref><ref name=":0" />
 
== سنڌيڪاري ==
گوبند مالهي نه رڳو اصلوڪو ساهت لکيو، پر  سٺو سنڌيڪار به هو. جڏهن به گهرج محسوس ڪيائين ته ٻين ٻولين مان چونڊ ناولن ۽ ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ڪندو رهيو. جن جو پڻ ڪافي تعداد آهي. ڪهاڻين کانسواءِ ڪيترائي ناول پڻ ترجمو ڪيائين، جن ۾ ڌرتي ماتا (تاراشنڪر بئنر جي)، سنيتا (جيئندر ڪمار)، تاني (لن يو تانگ)، ماءُ (مئڪسم گورڪي)، ساٿي (يشپال)، انقلابي شاهراهه (آنچل) ۽ چاندني رات (دوستو وسڪي) وغيره شامل آهن. <ref name=":0" />
== ناٽڪ ==
گوبند مالهي ناول ۽ ڪهاڻي کانسواءِ ناٽڪ پڻ لکيا. مالهي نه رڳو اصلوڪا ناٽڪ لکيا، پر ڪيترن ئي مشهور ليکڪن جي ڪهاڻين کي ناٽڪ جو روپ ڏيئي پڻ پيش ڪيائين. جن ۾ منشي پريمچند جي ڪهاڻي ”ڪفن“، مسافرون ڪي ليئي (گورڪي جي لومر ڊيپٿس تي هندي ۾) گاءِ ڪي چوري (بنڪم چندر جي ڪهاڻي) تي شامل آهن، سندس اصلوڪن ناٽڪن ۾ ”نمي“، ”گستاخي معاف“ ”گهوٽ ڪنوار راضي“ اهم آهن. سندس سنڌي ناٽڪن جو مجموعو ”گهوٽ ڪنوار راضي“ جي نالي سان ڇپيو. مالهي ڪجهه ناٽڪ هنديءَ ۾ پڻ لکيا. گوبند مالهي، سنڌي ناٽڪ جي ترقي لاءِ خوب پتوڙيو. مدن جماڻي چواڻي ”اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته اڄ بمبئي ۾ سنڌي ناٽڪ جي، جا هيءَ جوت جڳمڳ جلي روشني بخشي رهي آهي، ان روشن جوت ۾ گوبند مالهي جو تيل آهي. مالهي ڳچ وقت تائين (1954ع کان) انڊين پيپلس ٿئيٽر جو جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ رهيو. گوبند مالهي سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ جومکيه اڳواڻ پڻ هو. 1953ع ۾ ”سنڌي ٻولي سڀا“ جو پايو رکندڙ ۽ انهيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ ڊگهي عرصي تائين انهي پليٽ فارم تي پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.<ref name=":0" />
== ديهانت ==
گوبند مالهي 10فيبروري 2001ع تي ديهانت ڪئي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.pahenjiakhbar.com/news_paper/%d9%85%d9%87%d8%a7%d9%86مهان-%da%aa%d9%87%d8%a7%da%bb%d9%8a%da%aa%d8%a7%d8%b1ڪهاڻيڪار-%da%af%d9%88%d8%a8%d9%86%d8%afگوبند-%d9%85%d8%a7%d9%84%d9%87%d9%8aمالهي-%d8%ac%d9%8aجي-19%d9%87%d9%8a%d9%8619هين-%d9%88%d8%b1%d8%b3%d9%8a%d8%8cورسي،/|title=مهان ڪهاڻيڪار گوبند مالهي جي 19هين ورسي، سنڌ جي ثقافت کاتي کيس وساري ڇڏيو|language=sd|access-date=2020-10-02}}</ref>
== حوالا ==
{{حوالا}}
{{حوالو}}
 
[[زمرو:1921ع جون پيدائشون]]
[[زمرو:2001ع جون فوتگيون]]
[[زمرو:ليکڪسنڌي اديب]]
[[زمرو:ڪهاڻيڪار]]
[[زمرو:ناول نگار]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]
[[زمرو:ليکڪ]]
[[زمرو:ناول نگار]]
[[زمرو:ڪهاڻيڪار]]