پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏پکي ۽ شڪار: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
[[فائل:Bird Diversity 2013.png|400px|thumb|کاٻو|پَکين جي دنيا]]
 
'''پَکي''' کَنڀن وارا ڪَرنگهيدار جاندار آهن. سڀني پَکين کي ٻہ پير ۽ پَرن جو جوڙو ٿيندو آهي. پکي اڪيلي مخلوق آهي، جنهن جي جسم تي [[کنڀ|کَنڀ]] هوندا آهن. جيئن نانگ کَل مَٽائيندو آهي تيئن پکين جا کَنڀ بہ ڇَڻندا ۽ نوان ڦُٽندا آهن. اِهو سِلسلو هر سال يا مُند آهر هلندو آهي. کَنڀ ٽِن قِسمن جا هوندا آهن. اُنهن جو ڪم بُت ڍَڪڻ آهي. جسم جا هيٺيان کَنڀ نرم ۽ بُجدار هوندا آهن ۽ پکيءَ جي بُت کي گرم رکندا آهن. کَنڀڙاٽين جا کَنڀ اُڏامڻ ۽ رُخ بدلائڻ ۾ مددگار هوندا آهن. پکيءَ جي بناوت ڪجھہ اهڙي ٿئي ٿي جو اُن کي لَس اُڏامڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي. پکيءَ جي کَنڀڙاٽين ۽ ڇاتيءَ جون مَشڪون تمام مضبوط هونديون آهن، ڇاڪاڻ تہ اُنهن کي پَر ڦَڙڪائڻ ۽ هوا ۾ اُڏامڻ لاءِ مضبوط مَشڪن جي ضرورت هوندي آهي. پکي کي پنهنجي قَد بُت جيترن ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڏا تمام هلڪا ٿيندا آهن، ڇو تہ اُنهن جون هڏيون کوکليون هونديون آهن.
 
==جِسم==