پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏آکيرا: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
←‏رابطا: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 21:
==رابطا==
پکي پنهنجي آواز سان هڪ ٻئي کي اِشارا ڪندا ۽ خطري جو چتاءَ ڏيندا آهن. اهي قسمين قسمين آواز ۽ ٻوليون ڪندا آهن. ڪي هڪ ئي سُر پيا ورجائيندا آهن. ٻيا مٺيون ٻوليون ٻولي سگهندا آهن ۽ مختلف سُر ڪڍندا آهن. چڪچڪا مٺو ٻوليندا آهن. ان ريت هو هڪ ٻئي سان رابطو ڪندا آهن يا ماحول ۾ موجود خطرن يا خوشگواريءَ جو اظهار ڪندا آهن يا هڪٻئي کي سڏيندا آهن. پکي ٻين طريقن سان بہ هڪٻئي سان رابطو ڪندا آهن، پَر ڦڙڪائي ۽ هوا ۾ مٿي اڏامي ٻين پکين کي خطري کان آگاھہ ڪندا آهن.
ڪي نَر پکي (مثال طور مور يا ڪبوتر) آواز ذريعي يا ناچ ذريعي مادين جو ڌيان ڇڪيندا آهن يا اًُنهناُنهن کي ريجهائيندا آهن. ڪي پنهنجن رنگين کنڀن جي نُمائش ڪندا آهن. لڳ جي مند ۾ عام طور تي نر پکين جا کنڀ شوخ ۽ رنگين ٿي ويندا آهن. اڪثر پکي پاڻ کي پنهنجي رنگ جي مدد سان ماحول ۾ لِڪائيندا آهن. جيئن طوطو پاڻ کي وڻن ۾ لِڪائڻ لاءِ پنهنجي رنگ کي استعمال ڪندو آهي. تلور تہ پٿريلي ماحول ۾ بلڪل گُم ٿي ويندي آهي.
 
==زمين تي هلڻ==