"رزاق مهر" جي ورجائن ۾ تفاوت

٨٢ بائيٽون واڌ ،  ١ سال پهرين
م
خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:پاڪستاني ماڻهو+زمرو:پاڪستاني ليکڪ
م (خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:پاڪستاني ماڻهو+زمرو:پاڪستاني ليکڪ)
 
{{صندوق معلومات شخص}}
 
{{مبسس4}}
'''رزاق مهر''' [[انگريزي]] (Razaq Maher) (پيدائش: 20 جون [[1954ع]] - وفات: 15 آگسٽ [[2002ع]]) [[سنڌ]] جو ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.
 
== زندگي جو احوال ==
رزاق مهر 20 جون [[1954ع]] تي [[لاڙڪاڻو]] شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجهو خان مهر هو. هن ابتدائي، سيڪنڊري، هاير سينڪڊري کان بي اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. [[1973ع]] ۾ بي اي ڪيائين ۽ [[1979ع]] ۾ [[سنڌ يونيورسٽي]] مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اول بلڊينگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊرافٽ مين طور ڀرتي ٿيو. پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 1988ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1989ع ۾ [[جوهي]] ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان 1990ع ۾ بدلي ڪري قمبر ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. اتان بدلي ٿي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين.
 
=== ادبي خدمتون ===
رزاق مهر 1973ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿيون. 1987ع ۾ [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران سندس ڪهاڻي “آڙاھ” تي ايورڊ پڻ ڏنو ويو هو. سندس لکيل ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جن وڏي مقبوليت ماڻي. رزاق اڻ ڇهيل موضوعن تي انفرديت سان لکيو. اهوئي سبب آهي جو کيس وڏي پذيرائي ملي. سندس ڪهاڻي جو پهريون ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ شايع ٿيو. سندس بهترين ادبي ڪم ۾ سندس ڊرمو “جياپو”، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “سڪون ڪٿي آهي“ ۽ “ڊهندڙ ديوار” شامل آهن.<ref>[http://urdupinpoint.com/razaq-mahar/ HugeDomains.com - Urdupinpoint.com is for sale (Urdupinpoint)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== وفات ==
منفرد ليکڪ ۽ شاعر رزاق مهر 15 آگسٽ 2002ع ۾ دل جي دؤري سبب لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.<ref>http://www.drpathan.com/index.php/death-dates/name-wise </ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:ماڻھوادب]]
[[زمرو:پاڪستاني ليکڪ]]
[[زمرو:پاڪستاني ماڻهو]]
[[زمرو:سنڌي ادب]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]
[[زمرو:شاعر]]
[[زمرو:ادبماڻھو]]
[[زمرو:ڊرامه نگار]]
[[زمرو:ڪهاڻيڪار]]
[[زمرو:ادب]]
[[زمرو:سنڌي ادب]]
١٤٬٤٧٨

سنوارون