سوره النساء: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 18:
 
'''سوره النساء''' {{ٻيا نالا|انگريزي= '''Al Nisa '''}} قرآن شريف جي چوٿين سورة آھي جيڪا مدني آھي. ان ۾ 24 رڪوعون ۽ 176 آيتون آهن. النساء جي معنيَ عورت آهي. ھن سورة ۾ عورتن جي حقن متعلق ذڪر ھجڻ جي ڪري اھو نالو رکيو ويو.
==موضوع ۽ نزول جو وقت==
ھن سورة جي نازل ٿيڻ جو دؤر سن 3 ھجري جي آخر کان 5 ھجري جي شروع تائين وارو دؤر آھي. اھو طئي ڪرڻ مشڪل آھي ڪنھن مقام کان ڪنھن مقام تائين آيتون ھڪ تسلسل واري خطاب ۾ نازل ٿيون ۽ انھن جو نازل ٿيڻ جو ٺيڪ زمانو ڪھڙو آھي. پر ڪجھ حڪم ، واقعا ۽ اشارا اھڙا آھن جن مان آيتن جي نازل ٿيڻ جون تاريخون اسان کي روايتن مان معلوم ٿين ٿيون جنھن مان سورة جي خطابن جي سرسري حدبندي ڪري سگھجي ٿي. [[احد جي جنگپ]] ۾ 70 اصحابي شھيد ٿيا ھيا ۽ ان جنگ کان پوءِ وراثت جي تقسيم ۽ يتيمن جي حقن بابت ھدايتون نازل ٿيون ھيون. مديني جي ننڍڙي وسندي ان حادثي جي ڪري گھرن ۾ اھي سوال پيدا ڪيا ھيا تہ شھيدن جي ميراث کي تقسيم ڪيو وڃي ۽ انھن جي ڇڏيل يتيم ٻارن جو تحفظ ڪيو وڃي. ان ڪري اھو قياس ڪري سگھجي ٿو ته سورة جون شروعاتي 4 رڪوعون ۽ پنجين رڪوع جون پھريون ٽي آيتون ان زماني ۾ نازل ٿيون. روايتن ۾ ھن سورة واري '''صلواة خوف''' جو ذڪر [[غزوه ذات الرقاع]] سان منصوب ڪيو ويو آهي جيڪا سن 4 ھجري ۾ واقع ٿي ھئي ان ڪري قياس ڪيو وڃي ٿو تہ رڪوع 15 وارو خطاب سن دؤر جو آھي. مديني مان بنو نضير جي نيڪالي ربيع الاول 4 ھجري ۾ ٿي ھئي تنھن ڪري گمان آهي تہ ھن سورة ۾ يھودين کي تنبيهه ڪرڻ واري آيت (ايمان آڻيو ان کان اڳ جو اسان چھرا بگاڙي پوئتي ڦيرائي ڇڏيون) سن دؤر جي نازل ٿيل آهي. پاڻي نہ ملڻ ڪري تيمم جي اجازت سن 5 ھجري ۾ واقع ٿيندڙ [[غزوه بني المصطلق]] جي وقت ملي ھئي تنھن ڪري رڪوع نمبر 7 جو نزول وارو دؤر اھو ساڳيو آهي.