ڪفن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 5:
اٽلي جي شھر تورين سان نسبت رکندڙ تورين وارو ڪفن اڇي رنگ جو ليلن جي سوٽي ڪپڙي جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن تي ھڪ مرد جي ڌنڌلي تصوير ٺھيل ھوندي آھي جنھن کي عیسیٰ مسيح جي تصوير جو عڪس چون ٿا. اھو تورين وارو ڪفن سڏبو آهي جيڪي عيسائي استعمال ڪندا آهن. يھودي پڻ اڇي رنگ جو ليلن جي سوٽي ڪپڙي وارو ڪفن استعمال ڪندا آهن. انھن ۾ ٻن قسمن جو ڪپڙو استعمال ڪرڻ منع آهي<ref>Alfred J. Kolatch, ''The Jewish Book of Why'' (New York: Jonathan David Publishers, 1981), pp. 52-53</ref>.
 
==مسلمانن ۾ مرد جو ڪفن==
حنفي مذهب مطابق مرد جي ڪفن ۾ ٽي ڪپڙا سنت آھي جن ۾ ڪفني، گوڏ يا ازرا ۽ چادر شامل آهن. ڪفني ھڪ چولو ھوندو آھي جيڪو ڳچي کان پيرن تائين ھوندو آھي جنھن ۾ قميص وانگر ٻانھون نہ ٿينديون آهن<ref name="آسان فقه" />. ازرا يا گوڏ مٿي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي ۽ چادر وري ان کان ھڪ ھٿ ڊگھي ھوندي آھي جيئن مٿي ۽ پيرن جي پاسي کان ان کي ٻڌي سگھجي<ref name="آسان فقه" />. جيڪڏهن اھو مسنون يا سنت مطابق ڪفن موجود نہ ھجي تہ مرد لاء ٻہ ڪپڙا ازرا ۽ چادر ڪافي آھن. حنفي مذهب مطابق جيڪڏهن اھو ڻہ نہ ھجي تہ جيترو ڪپڙو موجود ھجي ڪافي آھي ۽ باقي جسم جي اوگهڙ کي گاھ وغيره سان لڪائجي. مرد کي ڪفن پارائڻ لاء پھرين ڪفن جي چادر ڪنھن تختي وغيره تي وڇائبي آھي ۽ چادر جي مٿان گوڏ يا ازرا وڇائبي آھي. ميت کي ڪفني پھرائي گوڏ يا ازرا تي سمھاربو آھي ۽ پوء گوڏ کي اھڙي طرح ويڙھبو آھي جو سڄي پاسي وارو پلئه کٻي جي مٿان رھي يعني پھرين کٻي پاسي کان ويڙھبو آھي۽ پوء سڄي پاسي کان ۽ پوء ساڳي طريقي سان چادر کي ويڙھبو آھي<ref name="آسان فقه" />. ڪفن کي پوء مٿي ۽ پيرن واري جاء کان اڳڙي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. ھوا جي ڪري کلي نہ پئي ان ڪري چيلھ واري ھنڌ کان بہ اڳڙي سان ٻڌبو آهي<ref name="آسان فقه" />.