ڪفن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 4:
 
==عورت جو ڪفن==
حنفي مذهب مطابق عورت جي ڪفن ۾ پنج ڪپڙا سنت آھن. جن ۾ ڪفني يا چولو، ازار، سربند يا رئو، سينو بند ۽ چادر شامل آهن. ڪفني ڳچي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي، ازرا مٿي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي، ۽ چادر وري ازرا کان ھڪ ھٿ ڊگھي ھوندي آھي. سربند ٽي ھٿ ڊگھو ھوندو آھي جيڪو مٿي کان پھرائي منھن تي وڌو ويندو آهي. سربند کي ٻڌو يا ويڙھيو نہ ويندو آهي. سيني بند سيني کان وٺي سٿرن تائين ويڪرو ھوندو آھي ۽ ايترو ڊگھو ھوندو آھي جو ٻڌي سگھجي. جيڪڏهن اھو مسنون يا سنت مطابق ڪفن موجود نہ ھجي تہ عورت لاء ٽي ڪپڙا ازرا ۽ چادر ۽ سربند ڪافي آھن. حنفي مذهب مطابق جيڪڏهن اھو ڻہ نہ ھجي تہ جيترو ڪپڙو موجود ھجي ڪافي آھي ۽ باقي جسم جي اوگهڙ کي گاھ وغيره سان لڪائجي. عورت کي ڪفن پارائڻ لاء پھرين ڪفن جي چادر ڪنھن تختي وغيره تي وڇائبي آھي ۽ چادر جي مٿان گوڏ يا ازرا ۽ پوء سيني بند وڇائبي آھي. ميت کي ڪفني پھرائي ان جي وارن جا ٻہ حصا ڪري سڄي ۽ کٻي ڪفني جي مٿان سيني تي وڌا ويندا آهن پوء سر بند يا رئو مٿي تي پھرائي منھن تي وجھبو آھي. ان کي ويڙھبو ہا ٻڌبو ناھي صرف منھن کي ڍڪبو آھي. ميت کي پوء سيني بند تي سمھاربو آھي ۽ پوء سيني بند کي اھڙي طرح ويڙھبو آھي جو سڄي پاسي وارو پلئه کٻي جي مٿان رھي يعني پھرين کٻي پاسي کان ويڙھبو آھي۽ پوء سڄي پاسي کان ۽ پوء ساڳي طريقي سان ازار ۽ چادر کي ويڙھبو آھي. ڪفن کي پوء مٿي ۽ پيرن واري جاء کان اڳڙي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. ھوا جي ڪري کلي نہ پئي ان ڪري چيلھ واري ھنڌ کان بہ اڳڙي سان ٻڌبو آهي.
 
== نئون ڄميل مئل ٻار==