قبرستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
[[عڪس:MD.BOUALAM_photographer_a_muslim_cemetery_at_sunset_Marrakesh.jpg|thumb| مراڪش ۾ سج لهڻ وقت هڪ مسلمانن جو قبرستان]]
قبرستان {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Cemetery '''}} يا {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Graveyard '''}} هڪ اهڙي جڳهه کي چئبو آهي جيڪا [[فوت|فوتين]] جي قبرن جي لاء مخصوص ٿيل هوندي آهي. زمين جو ٽڪرو يا پلاٽ جيڪو مئلن کي دفنائڻ لاء مخصوص ڪيو ويو ھجي ان کي قبرستان چوندا آھن. اھو اڪثر رھائشي ۽ واپاري علائقن کان علحده ھوندو آھي جنھن ۾ مقبرا، مذھبي جايون، قبرن جا ڪتبه ھوندا آھن. ڪتبن ۾ مرڻ واري جا تفصيل لکيل ھوندا آھن تہ جيئن ان جي قبر سڃاڻجي سگھي. ابراھيمي مذھبن ۾ آخرت واري نظريي جي ڪري ان کي ھڪ پاڪ يا حرمت واري جاء پڻ سمجھيو ويندو آھي ۽ انھن مذھبن ۾ قبرستان کي قيامت تائين دفن ٿيلن جي آخري آرامگاهه سمجھيو ويندو آھي. ٻھراڙين ۾ قبرستان زرعي زمين ۾ يا ڳوٺ لڳ ڪنھن مٿاھين زميني ھنڌ تي ھوندا آھن پر شھرن ۾ شھري حد کان ٻاھر ٺاھيا ويندا آهن. ماضي ۾ اسلامي شھرن ۾ قبرستان شھرن جي دروازن جي ٻاھران اھڙين جاين تي ٺاھيا ويندا هئا
جتي جنازو کني اچڻ ۾ اساني ٿئي ۽ عزيز ۽ قريب قبرن تائين آساني سان اچي سگھن. مسلمان ملڪن ۾ عيسائين ۽ يھودين جا قبرستان الڳ ھوندا آھن. اسلام ۾ ڪجھ مذھبي عقيدن وارا عورتن جي قبرستان م اچڻ کان منع ڪندا آهن. قاھرہ جي سڀ کان وڏي قبرستان جو نالو مردن جو شھر يا القرافه آھي. قبرستان لاءِ ماڻھن ۾ اھو وھم پڻ ھوندو آھي تہ ان ۾ جن ۽ ڀوت ڀٽڪندا آھن
 
==حوالا==