مـحمـد ايوب کهڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:سنڌي ماڻھو
سِٽَ 1:
 
{{Infobox officeholder
| name = محمد ايوب کهڙو
Line 29 ⟶ 28:
سنڌ جو سياستدان محمد -ايوب کهڙو- 14 -آگسٽ- 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سندس پيءُ شاهه محمد کهڙي جي وفات کان پوءِ، -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي واپس ويو ۽ پوءِ جلد ئي سياست ۾ حصو ورتائين.<ref name = " سنڌيانا "/>.هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي.<ref name = "ڀٽي "/>.
 
== خاندان ==
سندس والد وڏيرو ميان شاهه محمد خان کهڙو لاڙڪاڻي تعلقي جي عاقل ڳوٺ جو ويٺل هو، جنهن پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاريءَ ۽ سٺي انتظام ذريعي زمينداري وڌائي ۽ سڌاري، چڱو پيسو ورثي ۾ ڇڏيو. زميندار طبقي وٽ، باوجود وڏين ملڪيتن ۽ گهڻي پيدائش جي به پيسي جي اڪثر بچت ڪانه رهندي آهي. ليڪن ميان شاهه محمد جهڙا ڇٽا زميندار ملن ٿا، جي ملڪيت به وڌائين ۽ پوين لاءِ پئسو به ڇڏي وڃن. ميان شاهه محمد 2 شاديون ڪيون هيون جن مان چار فرزند ٿيس: (1) ميان محمد ايوب(2) حاجي محمد مراد خان، (3) محمد نواز خان ۽ (4) ميان علي گوهر خان.<ref name =" جي ايم سيد " >جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005 </ref>
ميان شاهه محمد کهڙي کي ٻه زالون هيون، جن مان چار پٽ هيس پهريون پٽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد مراد، ميان محمد نواز ۽ ميان علي گوهر کهڙو شامل آهن<ref name =" ڀٽي " > ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي:
ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛
لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي </ref>
 
== سياسي زندگي ==
 
=== پاڪستان جي قيام کان اڳ ===
 
سياسي زندگي جو آغاز 1920ع کان ڪيو جڏهن پاڻ اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊجي آيو. هن دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ضلعو پڻ هيو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو جو سياسي طور ڪنٽرول هيو ۽ پورو ضلعو سندن اثر هيٺ هيو.<ref name = " ڀٽي "/>خانبهادر کهڙي 22 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي سياست ۾ قدم رکيو. سال 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون. هن دور ۾ سنڌ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ ڪل پندرهن سيٽون هيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي (ان ۾ دادو ضلعو به شامل هيو) لاءِ ڪل ٽي سيٽون مخصوص هيون. کهڙو صاحب اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي تمام ويجهي دوست نواب امير علي خان لاهوري جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. لاڙڪاڻي ضلعي مان کهڙي صاحب کان علاوه سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي به چونڊيا.<ref name = " ڀٽي "/>.
Line 44 ⟶ 43:
1943ع ۾ -ان- وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد -الله- بخش سومري جي شهادت ٿي.<ref name = " سنڌيانا "/>،26 سيپٽمبر 1944ع تي کهڙي صاحب کي ان جي قتل جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. ڪيس يارنهن مهينا کن هليو ۽ خان بهادر ڪيس مان 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ٿيو. ماڻهن طرفان وڏي آڌر ڀاءُ مليس. آڪٽوبر 1945ع ڌاري، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اسان جا اختلاف پيدا ٿيا. 21 جنوري 1946ع تي نيون چونڊون ٿيون. ان بعد گورنر سر غلام حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. ان وزارت ۾ وري خان بهادر کي وزير ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي سپليمينٽري گرانٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي، ليڪن وزارت کي ميجارٽي نه ٿي جنهن گورنر کي اسيمبلي ختم ڪري، نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو ان تي گورنر اسيمبلي ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو. نيون چونڊون 9 ڊسمبر 1946ع تي ٿيون.<ref name = "جي ايم سيد "/> .
 
=== پاڪستان جي قيام کان پوءِ ===
قيام [[پاڪستان]] کان پوءِ غلام حسين هدايت -الله- سنڌ جو پهريون گورنر ۽ -ايوب کهڙو- پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنهي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ گورنر، کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا -ائڪٽ- هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو..<ref name = "سنڌيانا "/> جي ايم سيد ان واقعي جو تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته:6 جنوري 1948ع تي ڪراچي شهر ۾ هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ٿي، جنهن ۾ هن نهايت دليري سان ان تي قبضو ڪري ورتو. ان ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون پڻ ٿيون ان ۽ ٻين ڳالهين تان نوابزاده لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان ۽ هن جي وچ ۾ غلط فهمي ٿي پئي. سگهوئي ڪراچي شهر کي سنڌ کان عليحده ڪري مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکڻ جي تجويز رٿي ويئي، جنهن جي هن مخالفت ڪئي. ان سموري ڪارروائي لاءِ مرڪزي سرڪار هن کي جوابدار ٺهرائي هن کي اپريل 1948ع ۾ ڊسمس ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعظم مقرر ڪيو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري ان کان پوءِ کهڙي صاحب کي هيسائڻ لاءِ مٿس پروڊا هيٺ ڪيس هلائي هن کي سياست کان خارج ڪيو ويو. ان کان سواءِ مٿس هڪ ڪيس ڪرائي کيس سزا ڏني ويئي جنهن مان پوءِ هيءُ آزاد ٿيو ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت وزارت کان ٻاهر رهيو .<ref name = "جي ايم سيد "/> ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو ۽ ون يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ مغربي -پاڪستان- جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو، جڏهن ته مرڪزي ڪابينا ۾ بچاءَ وارو وزير پڻ مقرر ٿيو. 1964ع جي چونڊن ۾ هن مادرِ ملت فاطمه جناح جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو.<ref name = " سنڌيانا "/>.آڪٽومبر 1955ع جي آخر ۾ ون يونٽ قائم ٿيو جنهن ۾ کهڙو صاهب وزير مقرر ٿيو. جڏهن مسلم ليگ ٽٽي وئي ۽ ريپبليڪن پارٽي جي حڪومت وجود ۾ آئي ته کهڙو صاحب وزارت تان استعيفا ڏني ۽ 1956ع کان 1957ع تائين اپوزيشن ۾ ويٺو. ون يونٽ ٺهڻ مهل سنڌ سرڪار وٽ موجود 22 ڪروڙ رپيا ناڻو به وفاق حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اسيمبلي جي جدا حيثيت به ختم ٿي وئي هئي. <ref name = "ڀٽي "/> 1958ع جي آغاز ۾ سر فيروز خان نون مرڪز ۾ وزارت ٺاهي ۽ کهڙي صاحب کي وزير دفاع مقرر ڪيو پر وري 7 ۽ 8 آڪٽومبر 1958ع واري رات جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳايو ۽ 14 آڪٽومبر 1958ع تي وزير دفاع خانبهادر کهڙي کي گرفتار ڪري سي ڪلاس جيل ۾ داخل ڪيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو ته هن هڪ مرسڊيز ڪار جي پرمٽ وڪڻي پنج هزار رپيا ڪمايا. ان ڪيس ۾ کيس ٻه سال سزا ملي.<ref name = " ڀٽي "/>.
1970ع ۾، چونڊن دوران لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ذوالفقار علي ڀُٽي هٿان شڪست کاڌائين. -ان- کان پوءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو .محمد ايوب کهڙي ون يونت ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، -ان- ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس سٺن لفظن سان ياد نٿا ڪن، پر اُن کان اڳ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ خلاف آواز اٿارڻ، سنڌ جي ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي هندن خلاف فسادن دوران سختيءَ سان ڏوهارين تي قدم کڻڻ، سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن کي برداشت نه ڪرڻ ۽ سندس ٻيا ڪجهه اهڙا عمل، سندس سياست جي مثبت رخن تي به روشني وجهن ٿا. سندس نياڻي حميده کهڙو، سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ سياستدان آهي.<ref name = " سنڌيانا "/>. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” سنڌ جي -تاريخ- جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمه حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ عنوان سان ترجمو ڇپجي چڪو آهي<ref name =" سنڌيانا " > [http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=الهه%D8%A7%D9%84%D9%87%D9%87%20%D8%A8%D8%AE%D8%B4%20%D8%B3%D9%88%D9%85%D8%B1%D9%88%20%D8%B4%D9%87%D9%8A20بخش%D820سومرو%AF20شهيد الهه بخش سومرو شهيد : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->] </ref>جي ايم سيد لکيو آهي ته:مارچ 1951ع ۾ وري هي سنڌ جو چيف منسٽر ٿي ڪم هلائڻ لڳو، انهيءَ عرصي ۾ هن ۽ سندس طرفدار وزير قاضي فضل الله ضمني چونڊن جي دور ۾ نامناسب قدم کنيا جنهن ڪري ملڪ ۾ ڪافي چميگويون اٿيون. دادو ۾ پير الاهي بخش جي ڊسڪواليفاءِ ٿيڻ ڪري ضمني چونڊ ۾ آخوند شفيع محمد کي کهڙي صاحب جي سالي ميان عبداللطيف پنوهر جي سامهون بيهڻ کان منع ڪئي ويئي هن سندن چيو نه مڃيو ته کيس راتو واهه جيل ۾ موڪليو ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀرڻ پئي ويو ته ڪليڪٽر جي دروازي وٽان کيس گرفتار ڪري لاري ۾ پوليس کان کڻائي وڃي ويهه ميلن جي مفاصلي تي کيس ڇڏيو ويو. پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هوندي سول سرجن کان سرٽيفڪيٽ وٺرائي نابالغ قرار ڏنو ويو. مسٽر تاج محمد صحرائيءَ جو فارم رد ڪرائي ميان عبداللطيف کي بنا مخالفت جي، ميمبر ٿيڻ جو اعلان ضلعي جي ڪليڪٽر هٿان ڪرايو ويو ان کان پوءِ لاڙڪاڻي طرف مير محمد خان چانڊيي جي وفاتيءَ ڪري خالي ٿيل اسيمبليءَ جي تڪ مان ان جي نابالغ فرزند سلطان احمد کي بالغ قرار ڏياري ميان حيدر بخش جتوئي اميدوار جي هاري ورڪرن کي مارون ڏياري موٽر جا ٽائر ڦاڙائي چونڊايائين.<ref name = " جي ايم سيد "/>.
 
== اولاد ==
هن کي چار فرزند آهن:(1) شاهه محمد، جيڪو زمينداري ڌنڌي ۾ رڌل رھيو. (2) شاهه زمان ايل. ايل. بي پڙهيو. (3) مسعود احمد آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهيو. ۽ (4) خالد محمود، جنهن بي اي آنرس پاس ڪئي.<ref name = " جي ايم سيد "/>.کيس اولاد ۾ شاهه محمد پاشا کهڙو، شاهه زمان، مسعود احمد ۽ خالد محمود پٽ آهن. سندس نياڻي محترمه رشيده کهڙو قومي اسيمبلي ميمبر رهي.<ref name = " ڀٽي "/>
 
{{سنڌ جا وزير اعلي}}
 
== وفات ==
 
پاڻ روزن واري عيد جي رات 9 وڳي تاريخ 20 آڪٽومبر 1980ع تي انتقال ڪري ويو. انتقال وقت سندس عمر 79 سال هئي.<ref name = " ڀٽي"/>.
Line 59 ⟶ 58:
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]