ائنٿراپالاجي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب (14.9 core): + زمرو:علم الانسان+زمرو:بشريات
سِٽَ 3:
1. جسماني بشريات جو تعلق انساني جسم جي ارتقا سان آهي. هن ۾ انساني ڍانچن جو مطالعو ڪري معلوم ڪيو ويندو آهي تہ انسان جي واڌ ويجھ ڪيئن ٿي، ان ۾ وقت بہ وقت ڪهڙيون تبديليون رونما ٿيون. مختلف خطن ۾ رهڻ وارن انسانن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي. وارن، چمڙيءَ جي رنگ، کوپڙي يا مٿي ۽ جسم جي گهاڙ يا بناوت ۽ انساني رت جي مختلف قسمن جو تقابلي مطالعو بہ جسماني بشريات جو حصو آهي.
 
2. ثقافتي بشريات جو تعلق انساني رهائش سان آهي. ثقافتي بشريات جا ماهر انهن سماجي ڪِرتن ۽ رسمن جو مطالعو ڪندا آهن، جيڪي انساني گروهن کي هڪ ٻئي مٿان فوقيت ڏين ٿيون. خاندانن ۽ قبيلن تي غور ڪيو ويندو آهي تہ اهي ڪيئن وجود ۾ آيا. بشريات جي انهي شاخ ۾ ماهر ڪنهن معاشري جي رسمن، رواجن، ڪم ڪرڻ جي عادتن، تفريحي مشغلن، فنون لطيفه، هٿ جا هنر، [[موسيقي]] ۽ [[ادب]] جي باري ۾ تحقيق ۽ مطالعو ڪندا آهن. ان کان سواءِ هن علم جا ماهر مخصوص سماجن جي [[مذهب]]، [[زراعت]]، [[طب]] ۽ اوزارن جو بہ مطالعو ڪندا آهن.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A6%D9%86%D9%BF%D8%B1%D8%A7%D9%BE%D8%A7%D9%84%D8%A7%D8%AC%D9%8Aائنٿراپالاجي ائنٿراپالاجي] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
علم الانسان يا اينٿراپالاجي سماجي سائنس جي هڪ اهم شاخ آهي. هن کي ’بشريات‘ بہ چئبو آهي، جنهن جو محور انسان ۽ ان جي ثقافت آهي. ا نڪري هن علم کي علم الانسان چيو ويندو آهي. هن علم ذريعي انسان جي ارتقا کان وٺي هلندڙ دؤرتائين رونما ٿيندڙ تبديلين جو سائنسي طريقي سان جائزو ورتو ويندو آهي. اهڙي طرح موجوده دؤر ۾ مختلف ثقافتن جي تقابلي جائزو وٺڻ بہ هن علم جو حصو آهي. علم انسان سان ادبي تاريخ جو بہ ويجهو رشتو آهي، ڇو تہ ادب انسان جي تاريخ کي بہ بهترين نموني پيش ڪري ٿو.<ref>ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
سِٽَ 9:
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:بشريات]]
[[زمرو:علم الانسان]]