عبدالواحد آريسر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:سنڌ جون شخصيتون
سِٽَ 1:
[[عڪسفائل:Abdul Wahid Arisar.JPG|thumbnail|عبدالواحد آريسر]]
'''عبدالواحد آريسر''' ({{lang-en|Abdul Wahid Aresar}}) سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد،آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙآباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آريسر%D8%A2%D8%B1%D9%8A%D8%B3%D8%B1%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D9%88%D8%A7%D8%AD%D8%AF20عبدالواحد آريسر عبدالواحد : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>. آريسر جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سربراه آهي. [[جي ايم سيد]] سان هن جي گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن سنڌ جي نوجوان طبقي کي متاثر ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تقريرون ايتريون ته پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانه ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. سندس مشهور ڪتابن مان هڪ ”سائين جي ايم سيد“ آهي جيڪو ڪتاب جي ايم سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ متعلق لکيل آهي.
 
آريسر صاحب جو لکڻ، پڙهڻ ۽ سياسي جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. پاڻ اڃا تائين جي ايم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري پروگرام سان سلهاڙيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
 
== جسقم سان اختلاف ==
عبدالواحد آريسر جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ جڙندڙ [[جيئي سنڌ قومي محاذ|جسقم]] جو پهريون سربراهه هيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر کي جسقم جي چيئرمين شپ تان هٽائي [[بشير قريشي|بشير خان قريشي]] کي جسقم چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ان وقت کان آريسر جا بشير خان سان چيئرمينشپ تي اختلاف شروع ٿيا ۽ نيٺ بشير خان کي آءِ ايس آءِ (پاڪستان جو خفيا ادارو) جو ايجنٽ ۽ لونڊيباز اڳواڻ سڏي جسقم مان الوداع ڪري، جسقم (آريسر) جو بنياد وجهي جسقم کي ٻن حصن ۾ ٽوڙي ڇڏيائين.
 
== عبدالواحد آريسر تي لڳندڙ الزام ==
عبدالواحد آريسر لاءَ مشهور آهي ته گھڻي شراب واپرائڻ سبب سندس سياسي ذهني سگھه بلڪل ناڪاره بڻجي وئي اٿس. جسقم چيئرمين بشير خان سان اختلاف رکڻ ۽ ان کي سرڪاري ايجنٽ ۽ لونڊيباز اڳواڻ سڏڻ کان پوءِ عوام ۾ سندس مقبولت ۾ بي حد گھٽتائي آئي. سياسي حلقن جي موجب هن جا ٿر جي اربابن خاص ڪري سنڌ جي اڳواڻي وڏي ويز ارباب غلام رحيم سان تمام ويجها لڳاپا رهيا آهن. قومي دانشور ۽ سنڌوديش تحريڪ جي وڪالت ڪندڙ، اصغر سنڌي جي بقول ته آريسر ظاهري طرح سياڻپ سبب غريبي جي زندگي ته گذاري رهيو آهي پر ان وٽ تمام وسيع پيسئو موجود آهي ۽ هي رسول بخش پليجو چوڻ تي سرڪار وٽ پيش ٿيو ۽ ان وقت جيل مان رهائي کان پوءِ رسول بخش پليجو (سندس جو ڪٽر دشمن) سان ڪيئي شام ٺٽي ۾ ملهائي چڪو آهي.
 
== وفات ==
آريسر 3 مئي 2015 تي [[ڪراچي]]ءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.<ref>{{Cite web|url=http://www.geo.tv/article-183522-Sindhi-nationalist-leader-Arisar-dies-at-65|title=Sindhi nationalist leader Arisar dies at 65|work=geo.tv|date=3 May 2015|accessdate=3 May 2015}}</ref>
 
== ڇپيل ڪتاب ==
عبدالواحد آريسر جا هن وقت تائين 35 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. آريسر جي ٻولي ۾ رهاڻين جو رَس هوندو آهي. سندس تخليق ۾ پوري دنيا جا حوالا شامل هوندا آهن ۽ ڪنهن به اهم نُڪتي کي ثابت ڪرڻ لا هو ڪيترائي دليل ڏئي سگهي ٿو، اهو وٽس نرالو ڏان آهي، جيڪو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ صرف ٻن ماڻهن وٽ هو، هڪڙو شيخ اياز ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر. ٻنهي جو نثر ڪمال جو آهي ۽ ٻنهي لا نصير مرزا لکيو آهي ته: جديد سنڌي نثر جا باني عبدالواحد آريسر ۽ شيخ اياز آهن.
 
# پرهه جو پيغام (تقريرون)
# صدين جون صدائون (تقريرون)
Line 52 ⟶ 51:
# ماهوار پيغام جا ڪيترائي پرچا ڪڍيا، جنهن تي بندش پئي.
 
== حوالا ==
{{reflistحوالا}}
* ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول، ڇپايل: سنڌي ساهت گهر
* آزادي، زندگي ۽ محبت، ڇپايل: سنجها پبليڪيشن
[[زمرو:سنڌ جون شخصيتون]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]