افسانو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م بوٽ: چوريو جي درستي
سِٽَ 3:
==ليجنڊ، مثالي ڪهاڻي==
 
ليجنڊ (Legend) ڪهاڻيون تاريخي طور وڏي اهميت رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي ذهنن ۾ هميشه زنده هونديون آهن. اها ڪهاڻي، جيڪا ڪنهن قوم يا گروهه جي نيم تاريخي روايت ٿيندي آهي. تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه هوندو آهي يا هوندو به آهي ته تمام مختصر. پر عوامي زبان ۽ ذهن هجڻ جي ڪري ان جي ڪهاڻي ۽ ڪردار امر ٿي ويندا آهن. ليجنڊ مذهبي به ٿي سگهي ٿي ته غير مذهبي به. مثال طور رستم جي بهادري. ليلا مجنون جو عشق، فرهاد جو جبل ٽڪي کير جي نهر وهائڻ، سسئي جو جبل جهاڳڻ، مومل جو ڪاڪ محل وغيره ليجنڊ آهن.<ref>ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
== افساني ۽ ڪھاڻي جي ٻين صنفن ۾ فرق ==
سِٽَ 15:
==معني ۽ مطلب==
 
افسانو/مختصر ڪهاڻي (Short Story) فارسيءَ ۾ ’فسانہ‘ جو مطلب آهي دليان جوڙيل يا ڪوڙي ڳالھ. جڏھن اسان لفظ افسانو استعمال ڪندا اھيون، تہ ان مان اسان جو مقصد ”مختصر افسانو“ يا ”مختصر ڪھاڻي“ ھوندو اھي. اوڻهين صديءَ عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي، جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي ويئي.”شاعريءَ وانگر افساني جي ڪا جامع ۽ مڪمل تعريف ناممڪن آھي. بنيادي طور افساني ۾ ڪو هڪ مکيه واقعو رکندڙ پلاٽ هوندو آهي ان کان پوءِ 20 صديءَ ۾ ان ۾ تبديلي ڪئي وئي. چيخوف ان کي عروج تي پهچايو. افسانو انساني مسئلن، جذبن، محبتن، نفرتن، خواھشن وغيره جو ترجمان ھوندو اھي. امريڪي افسانه نگار ايڊگرايل نپو (1809-1889ع) مطابق افسانو اھا ڪھاڻي اھي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي.“ سر هيوز ڊبليو (1884 – 1941ع) مطابق ”مختصر افسانو مختصر ئي ھئڻ گھرجي، يعني واقعن ۽ حادثن جو مجموعو جنھن ۾ چرپر جي رفتار تيز ھجي. ارتقا غير متوقع ھجڻ ڪري ڪھاڻي ھڪ غير يقيني حالت مان گذرندي عروج تائين پھچي ۽ پڄاڻي تسلي بخش ٿئي.“ سنڌيءَ ۾ افساني جي شروعات 1914ع ۾ ٻن عالمن ڪئي. مرزا قليچ بيگ ”شريف بيگم“ لکي ۽ لعل چند امر ڏنومل ”حر مکيءَ جا“ لکيو. سنڌيءَ ۾ هن وقت افسانو، ڪهاڻيءَ جي نالي سان لکيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جا مکيه افسانه نگار جمال ابڙو، غلام رباني، حميد سنڌي، آغا سليم، سراج، اياز قادري، امرجليل، خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.<ref>.ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
== حوالا ==