وار: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سنوار جو تَتُ ڪونهي
 
سِٽَ 1:
''ھن صفحي کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي.''
[[فائل:Hair.jpg|thumb|]]
سائنسدانن جي جديد تحقيق مطابق '''وار''' هڪ مهيني ۾ لڳ ڀڳ 12 ملي ميٽر وڌندا آهن، رات جو وار گهٽ رفتار سان وڌندا آهن، ڏينهن شروع ٿيڻ سان ئي انهن جي وڌڻ جي رفتار وڌي وڃي ٿي.
 
جيڪڏهن اسان جي جسم تي ڦٽڻ وارا وار الڳ الڳ ۽ اڪيلي ڦٽڻ بدرآن هڪ ئي ڊگهي تار جي شڪل ۾ ڦٽن ها ته شايد اسين اهو اندازو لڳائڻ جي قابل هجون ها ته اسان جي جسم تي ڪيتري ڊيگهه سان وار ڦٽن ٿا، انهيءَ صورت ۾ وارن جي انهيءَ تار جي وڌڻ جي رفتار ٽي سينٽي ميٽر في منٽ هجي ها ۽ سال جي پڇاڙيءَ تائين انهن جي ڊيگهه 37 ميل يا 59 ڪلوميٽرن تائين پهچي وڃي ها. مختلف ماڻهن جي جسم تي مختلف قسم جا وار ڦٽن ٿا. ڪارن ماڻهن جي مقابلي ۾ اڇي رنگ جي قومن جا وار ڪجهه قدر وڌيڪ نرم ۽ ملائم هوندا آهن. وار اسان جي بناوت، سهڻائپ ڏين ٿا، ان کانسواءِ مٿي جا وار مٿي کي سيءَ، گرميءَ ۽ لُڪَ جي اثرن کان بچائين ٿا. ڀروون ۽ پنبڻين جا وار اک کي دونهين ۽ مٽيءَ کان محفوظ رکن ٿا ۽ نڪ جا وار ساهه جي نالين ۾ مٽيءَ جي وڃڻ کي روڪين ٿا.