عيسيٰ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 31:
'''عیسیٰ مسيح'''{{ٻيا نالا|انگريزي= '''Jesus''' }} {{lang-ar|عيسى|[[ Jesus in Islam|Issa]]
}} ({{circa|4&nbsp; |AD 30 / 33|lk=yes}} جنھن کي جيزس آف نزرٿ ۽ جيزس ڪرائيسٽ بہ چوندا آهن. يھودين ۾ تبليغ ڪندڙ مذھبي اڳواڻ ھيو جنھن کي اسلام ۾ پيغمبر جو درجو ڏنل آهي <ref name="Vermes 1981"/> عيسائيت ۾ سندس مرڪزي حيثيت آھي.اڪثر عيسائين جو عقيدو آهي تہ خدا جو روپ ھيو ۽ پاڪ پٽ ھيو ۽ پراڻي عھدنامي ۾ جنھن مسيح جي اچڻ جي بشارت ھئي اھو عيسی ھيو {{sfn|McGrath|2006|pp=4–6}} <ref name="Ehrman Jesus became God">{{cite book |last=Ehrman |first=Bart D. |title=How Jesus became God: The Exaltation of a Jewish Preacher from Galilee |publisher= HarperOne |isbn= 978-0061778186|year=2014}}</ref>
[[Fileفائل:Bloch-SermonOnTheMount.jpg|thumb|left|اڻويھين صدي جي ڪارل بلاچ جي ٺاھيل پينٽنگ جنھن ۾ عیسی مسیح کي جبل تي خطبو ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي]]
حضرت عيسى اڄ کان لڳ ڀڳ 1975 سال اڳ فلسطين جي شهر بيتُ لحم ۾ پيدا ٿيو. سندس والده حضرت مريم گليل صوبي جي ناصره شهر جي رهندڙ هئي. سندس مڱڻو يوسف نالي هڪ واڍي سان ٿيو، جيڪو يهوديه صوبي جي بيت لحم شهر مان اچي ناصره ۾ رهيو هو. فلسطين تي انهن ڏينهن ۾ روم سلطنت جي شهشاهه قيصرآگستس (63 ق.م- 14ع) جو قبضو هو. هن فلسطين کي ٽن صوبن گليل، يهوديه ۽ اتوريه ۾ ورهائي ڇڏيو هو. گليل جو صوبيدار هيروديس انيطپاس هو، يهوديه جو پانيطاس پيلاطوس ۽ اتوريه جو فلپس، جيڪو هيروديس جو ڀاءُ هو.
انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيو ته قيصر آگستس پاران يهودين جي آدمشماريءَ جو حڪم جاري ٿيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ماڻهو پنهنجن پنهنجن اباڻن شهرن ۾ وڃن ۽ نالو لکرائن. بس يوسف به حضرت مريم کي (جيڪا حامله هئي) وٺي، پنهنجي اباڻي شهر بيت لحم ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن هو شهر ۾ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ کين رات گذارڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملي، تنهنڪري هن هڪ سراءِ ٻاهران ديرو ڪيو. حضرت عيسى اتي پيدا ٿيو ۽ حضرت مريم کيس ڪپڙي ۾ ويڙهي جهوليءَ ۾ رکيو.<ref name ="سبط حسن" > [http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272] (ڪتاب:موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ:سبط حسن)</ref>
اٺن ڏينهن کان پوءِ حضرت عيسى جا والدين ٻارڙي کي کڻي يروشلم هليا ۽ موسوي شريعت موجب ولادت جون رسمون ادا ڪيون ۽ پوءِ ناصره موٽي آيا ۽ ”اهو ٻار وڌندو ۽ سگهارو ٿيندو ويو ۽ حڪمت سان ڀرپور ٿيندو ويو.“<ref name = " سبط حسن "/>
[[Fileفائل:Brooklyn Museum - The Exhortation to the Apostles (Recommandation aux apôtres) - James Tissot.jpg|thumb|right|جيمز ٽساٽ جي ٺاھيل تصوير جنھن ۾ عيسی مسیح کي 12 اصحابين سان ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي ]]
حضرت مسيح کي پنهنجن خيالن جي تبليغ لاءِ رڳو ٽن سالن جي وٿي ملي، پر ان ٿوري عرصي ۾ به فلسطين جا هزارين ماڻهو سندس مريد ٿي ويا ۽ يهودي پيشوائن کي اهو خطرو ٿي پيو ته جيڪڏهن هن نئين فتني کي منهن نه ڏنو ويو ته فلسطين جي صدوقين ۽ فريسين جي طبقاتي مفاد کي نقصان پهچندو، تنهنڪري حضرت مسيح تي مذهب ۽ رومي سلطنت سان بغاوت جو الزام هنيو ويو ۽ کيس صليب تي چاڙهيو ويو. حضرت مسيح جي تعليم کي سندس چئن شاگردن ــــــ متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا ـــــــ مرتب ڪيو آهي. اهي تصنيفون انجيل جي نئين عهدنامي جي نالي سان مشهور آهن. انجيل ۾ اسان کي پراڻي سوشلزم جو ڪو چِٽو تصور ڪو نه ٿو ملي. حضرت مسيح نه طبقاتي فرق جي مخالفت ڪري ٿو ۽ نه ئي زمين کي هارين ۾ ورهائڻ جي صلاح ڏئي ٿو ۽ نه برابريءَ جي تلقين ڪري ٿو. ان هوندي به سندس همدرديون محتاجن، غريبن ۽ مظلومن سان گڏ آهن ۽ پاڻ دولتمندن ۽ ڪاهن سردارن جي طبقن جو سخت مخالف هو.
سندس روزاني زندگي به انهن جي فڪر جي شهادت ڏئي ٿي، تنهنڪري سندس ڏينهن ۽ راتيون غريبن ۾ گذرنديون هيون. پاڻ ۽ سندس شاگرد غريبن جهڙا ٿلها پراڻا ڪپڙا پائيندا هئا، غريبن جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا ۽ انهن جهڙو کاڌو کائيندا هئا. دولت جي لالچ کين نه ٿيندي هئي ۽ شان شوڪت، عهدي، رتبي جي خواهش کين ڪڏهن به نه ستائيندي هئي. اهي صحيح معنى ۾ انسان دوست هئا ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ سندن حياتيءَ جو مسلڪ هو، تنهنڪري حضرت مسيح جي ٻارهن شاگردن مان هڪ، يعقوب، ان ڳالهه تي ڪاوڙ ظاهر ٿو ڪري ته دولتمند طبقو پورهيتن جو استعمال ڪري ٿو ۽ کين سندن حق کان محروم ڪري ٿو.