"ايلسا قاضي" جي ورجائن ۾ تفاوت

2 بائيٽون لاٿ ،  4 مهينا پهرين
م
صفائي, replaced: Category: ← زمرو: (10) using AWB
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م (صفائي, replaced: Category: ← زمرو: (10) using AWB)
| spouse = امداد علي امام علي قاضي ([[علامہ آء آء قاضي]])<ref>{{cite web|first1=Ghulam Nabi|last1=Kazi|URL=https://www.flickr.com/photos/pimu/3779901195|title=A letter from Elsa Kazi to her husband Allama II Qazi on 20 April 1950}}</ref><br/>(m. 1910; wid. 1967)
}}
 
 
'''''ايلسا قاضي''':'''Elsa Kazi''' (1884–1967): [[علامه آءِ آءِ قاضي|علامه قاضي]] جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ [[سنڌي ادب]] ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.''سندس پيدائشي جرمن نالو گرٽروڊ لئش(Gertrude Loesch) ھيو. سنڌ م ۾ عام طور تي کيس "Mother Elsa" : امڙ ايلسا جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي.
 
==علامہ آء آء قاضي سان شادي==
ھُنن ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽ چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽ ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”) (Elsa Kazi September 1908 سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.<ref name="autogenerated1">{رسالو: سرتيون؛مضمون:امڙ ايلسا قاضي؛از:فھميدہ قريشي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}</ref> پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:ولايت ۾ علامہ شادي هڪ جرمن خاتون محترمه ايلسا سان ٿي، جنهن کي اسان علامه صاحب جا شاگرد مدر (Mother) ڪري سڏيندا هئاسون. اِها هڪ نهايت فضيلت ڀري خاتون هئي. سندن باري ۾ هڪ دفعي علامہ فرمايو تہ ”هن مون کي بنايو ۽ مون هن کي بنايو.“ ٻئي هڪ طبيعت هئا، فرق فقط هيءُ هو ته مدر لطيف فنن جي مالڪياڻي هئي ۽ قاضي صاحب جن ’علامه‘ هئا. مدر، قاضي صاحب جن کان پري گهڻو وقت رهي نه سگهندي هئي. لاچار ڊيوٽيءَ وارو وقت سندن دوري برداشت ڪندي هئي. شل نه علامه صاحب جن جي طبيعت ٿورڙو به ناساز ٿئي، پوءِ ڪنهن کي به علامه صاحب جن سان ملڻ نه ڏيندي هئي. چاڪائيءَ ۾ به کين گهڻو ڳالهائڻ نه ڏيندي هئي ۽ اسان کي چوندي هئي ته توهان به ڳالهايو ته کين ڳالهائڻ کان وقفو ملي<ref name ="جتوئي" > مضمون:علامه آءِ. آءِ. قاضيؒ هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر؛ليکڪ:پروفيسر علي نواز جتوئي(رسالو؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛
نفيس احمد شيخ جلد؛ 35 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال :جنوري - مارچ 1986ع)</ref>.
 
1952ع ۾ ھن جي شاعريءَ جو مجموعو “TERRESTRIAL AND CELESTIAL ECHOES” پڌرو ٿيو جنھن ۾ 2400 شاھڪار نظم آھن.
وفات کان ڪجھ سال اڳ ھن جو شاعريءَ جو آخري مجموعو “Departure of Disguisted cocscience” ”ڊيپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانشنس“ جي نانءَ سان ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌ ۾ رھي ھن تمام وڏو ڪم ڪيو، سندس رڳو ھڪ نظم نم جو وڻ “Neem Tree” تعليم نصاب ۾ شامل آھن. جڏھن ته ھن مير علي نواز ناز جي شاعريءَ کان وٺي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي نه رڳو ھن پڙھيو پر ھينئن سان ھنڊئي ان جا ترجما پڻ ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپرايل اھو انگريزيءَ وارو لطيف سائينءَ جو ترجمو Resalo of Shah abdul lateef آھي. پر سندس انگريزيءَ شاعريءَ ۽ ناول جا ترجما ٿيڻ کان رھجي ويا. جيڪر اھي ترجما سنڌيءَ ۾ ٿين ھا ته سندس شاعريءَ جي وڏي ڪينواس، سندس فطرت جي نرمائي ۽ حساسيت کي عام ماڻھو وڌيڪ سمجھي سگھي ھا. ان ريت سندس ٺاھيل شاھڪار چتر، تاريخ جي ڪھڙي ڪٻاڙخاني ۾ رھجي ويا، ان جي به ڳولا ٿيڻ گھرجي.<ref name="autogenerated1" /> سيد امداد محمد شاھ، سائين جي. ايم. سيد جو ننڍو پٽ جنھن جو نالو پڻ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي شخصيت کان متاثر ٿي سائينءَ پنھنجي پٽ تي رکيو. اھو ننڍڙو سيد امداد محمد شاھ علامه. آءِ. آءِ. قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضيءَ جي گھر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ رھندو ھو. ساڻس گڏ بلوچستان جو ناميارو ليڊر اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي شاگرد رھندا ھئا. سندن يادگيريون ٻڌائن ٿيون ته: ”امڙ ايلسا قاضي ھڪ استاد کان وڌيڪ ھڪ ٻاجھاري ماءُ وانگر سندن خيال ڪندي ھئي.“ ھو روزانو رات جو ٻارن کي Comics آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي، جيڪي تمام ڊگھيون ۽ ڪيترن ھفتن تائين ھڪ ڪھاڻي جاري رھندي ھئي. امڙ ايلسا قاضي ٻارن کان پڇڻ ۽ سندن ياد ڏيارڻ کان سواءِ ڪھاڻي اتان کڻندي ھئي، جتي ھڪ رات اڳ ھُن ڇڏي ھئي. سائين جي. ايم. سيد امڙ ايلسا قاضيءَ بابت ٻڌايو ھو ته وڏي آرٽسٽ ھئي، ”پنھنجي آرٽ ماڊل کي ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ سامھون ويھاري، ھن جو چتر ٺاھندي ھئي، ”ھن جي آرٽ ي خزاني ۾ لطيف سائينءَ جي سورمين مان ”مارئيءَ کي عمر ڪوٽ مان وطن ڏانھن واجھائيندي ڏسڻ وارو پورٽريٽ“، سھڻيءَ کي گھڙو کڻي مھراڻ ۾ لھڻ وارو پورٽريٽ“ ۽ ٻيا ڪيترائي انيڪ پورٽريٽ ھئا، جيڪي الائي ڪٿي وقت جي بي رحم ھٿن ۾ گم ٿي ويا. ميڊم تنوير جوڻيجو منھنجي ڀاءُ عبدالحفيظ قريشيءَ جي امڙ ايلسا قاضيءَ جي پورٽريٽس کي ڏسندي چيو ھو ته اھڙا ڪيترائي چتر امڙ ايلسا جي گھر ۾ لڳل ھوندا ھئا. اسين پنھنجي ويجھي ماضيءَ کي محفوظ ڪري سگھيا آھيون؟ اھو سوال رڳو تاريخ جي اڀياس ڪندڙن لاءِ ناھي پر اھو سوال سنڌ جي ھر باشعور انسان لاءِ جيڪو ڌرتيءَ جو درد رکي ٿو. امڙ ايلسا جي شاعريءَ وانگر ھن جي چترن ۾ پڻ اوڀر ۽ اولھ جي فني لاڙن جو سنگم چٽو نظر ايندو.
ھُن ھڪ ڀيرو پاٽ شريف کان واپس موٽندي سنڌونديءَ کي سن وٽان سانوڻيءَ ۾ ڀرپور وھندي ڏٺو ھو، جڏھن نئين سن ۽ نئين رني ٻئي لڏنديون لمنديون سن وٽان گھٽ ڏئي سنڌوءَ سان ڀاڪرين پئجي رھيون ھيون، تڏھن علامه آءِ. آءِ قاضي کيس انھيءَ نظاري کي ڏيکاريندي ٻڌايو ھو ته: اھو جي. ايم. سيد جو ڳوٺ آھي. تڏھن ٻنھي سن ۾ سيد جي رٿيل ھڪ علمي مرڪزي ”سنڌو وديا ڀون“ قائم ڪرڻ واري رٿا کي ياد ڪيو ۽ ھن جي. ايم. سيد کي انھيءَ جڳھ تي ھن آدرشي علمي مرڪز جي قائم ڪرڻ واري رٿ کي ساراھيو ۽ پنھنجون خدمتون بنان ڪنھن اجوري جي آڇيون. قدرت ڪجھ عرصي کان پوءِ ھنن ٽنھي جي انھيءَ آدرشي علمي مرڪز واري خواب جي ساڀيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ واري وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ عملي شڪل ۾ مڪمل ٿي<ref name="autogenerated1" />. واشنگٽن يونيورسٽي لائبريري سندس ٻن ڪتابن ٽيمپٽيشن(سنڌ جي ٻھراڙي واري زندگي تي لکيل ڊرامو جيڪو 1942 ۾ شايع ٿيو) قابل قدر ڪتابن ۾ شامل ڪيو آھي . <ref>{{cite web|title=South Asian Literature in English, pre-Independence era |url=http://www.lib.washington.edu/subject/southasia/guides/pre1947.html |publisher=lib.washington.edu |deadurl=yes |archiveurl=https://www.webcitation.org/5hYTj94FD?url=http://www.lib.washington.edu/subject/SouthAsia/guides/pre1947.html |archivedate=15 June 2009 |df= }}</ref>
 
== ''وفات'' ==
{{Authority control}}
 
[[Categoryزمرو:1884ع جون پيدائشون]]
[[Categoryزمرو:1967ع جون وفاتون]]
[[زمرو:پاڪستان ۾ جرمن جلاوطن فرد]]
[[Categoryزمرو:جرمن مسلمان]]
[[Categoryزمرو:جرمن نسل جا پاڪستاني ماڻھو]]
[[Categoryزمرو:پاڪستاني مسلمان]]
[[Categoryزمرو:حيدرآباد ضلعي، پاڪستان جا ماڻھو]]
[[Categoryزمرو:لنڊن جا ماڻھو]]
[[زمرو:روڊولسٽٽ جا ماڻهو]]
[[Categoryزمرو:سنڌي ٻوليءَ جا شاعر]]
[[Categoryزمرو:20ھين صديءَ جا شاعر]]
[[Categoryزمرو:سنڌي ماڻھو]]
8,867

سنوارون