سکر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 103:
ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾، خاندانن ۽ شريفزادن کي ڏاڍو همٿائيندو هو. عالم قسم جو انگريز هو. تحقيق جو خاص شوق هوس. مقامي ريتين رسمن جي کوجنا ڪندو وتندو هو. ڪابه نياري يا دلچسپ شي ڏٺائين ته ان جي ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ، سرڪاري ڪم بند ڪري، گوڏو کوڙي ويهي رهندو هو. گول ٿلهو منهن، ۽ قد ڊگهو هوس. مون کيس ڪيترا ڀيرا ڏٺو.
عالم ۽ محقق قسم جي انگريزن مان جو ٻيو صاحب سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو، سو هو ڊاڪٽر سارلي صاحب ، جنهن شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي. جن ڏينهن ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو، اسان ڪونه ٿي سمجهيو ته ڪو هو ايڏي پايي جو عالم آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته سکر وارن ڏينهن ۾ به هو پيو شاهه عبداللطيف متعلق خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ محض منتظم پيو نظر ايندو هو. ضلعي جو وڏيرو ڪيتريقدر به ڇو نه سندس دوست هجي، پر جي ڪو غلط ڪم ڪيائين ته هرگز معاف نه ڪندس.<ref name="autogenerated1" />
 
==سکر جي ميونسپلٽي==
 
سکر ميونسپالٽي 1856ع ۾ شروع ٿي، جڏهن شهر جي آدمشماري 12 هزارن کي قريب پهچڻ تي هئي، انهن ڏينهن ۾ حڪومت شهر واسين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي، صدارت ڪليڪٽر ڪندو هو، جو شڪارپور ۾ رهندو هو، 1883ع ۾ جڏهن سکر ضلعو بنجي ويو ته 1884ع ۾ پهريون دفعو شهر واسين کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو مگر صدر ڪليڪٽر ٿيندو هو، راءِ صاحب ديوان پيسو مل ذوقيرام پهريون شهر واسي هو جو صدارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو، 1911ع ۾ شهر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو مشهور وڪيل ديوان ڀوڄسنگه صدر چونڊيو ويو ۽ 1914 ع تائين صدر رهيو، 1922ع کان 1928ع تائين ٻيو دفعو صدر ٿيو، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڇڄجي ڌار صوبو ٿيو ته ديوان ڀوڄسنگه سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر ٿيو، هو صاحب ميونسپل جنرل لائبرري جو چيئرمين به هو<ref name =" مولائي شيدائي " > ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛
سنڌي ادبي بورڊ </ref>.
ديوان صاحب جي چيئرميني جي دور ۾ سکر جنرل لائبريري بيحد ترقي ڪئي، اٽڪل 5 هزار ڪتاب هر فن تي موجود هئا، 1947ع ۾ هندو پاڻ سان بيش بها نسخا ساڻ کڻي ويا، 1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي-آئي-اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽي جو صدر ٿيو، 1928ع کان 1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگه پبلڪ پراسيڪيوٽر صدر ٿيو ۽ 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو، مٿئين بيان مان اوهان معلوم ڪندا ته 1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سمورو عرصو هندو صدارت جي ڪرسي ماڻيندا رهيا، وٽن علم هو، دولت هئي ۽ اتفاق هو، ازانسواءِ اڪثريت ۾ هئا، تنهنڪري شهر واسين مان فقط هندن کي فائدا پهتا، جن جو ميونسپالٽيءَ تي قبضو رهندو آيو.<ref name = "مولائي شيدائي "/>.
 
==موسم==