تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 75:
فري مئن ۽ ان جا پيروڪار چون ٿا، ته سياسي ڳالهيون تاريخ جي باقي ٻين شعبن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته سياسي تبديلين، انقلابن ۽ قانون جي ڪري هميشه ملڪ جون اقتصادي ۽ سماجي حالتون ڦرنديون آهن. يعني سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو مدار سياسي حالتن تي ٿيندو آهي. فري مئن جي راءِ ۾ تاريخ ”ماضيءَ جي سياست“ آهي. ڇاڪاڻ ته قومي، سماجي، ۽ اقتصادي حالتن تي سياسي ۽ آئيني سببن ۽ حالتن جو زبردست اثر پوي ٿو، تنهنڪري اسڪولن ۾ سياسي تاريخ پاڙهڻ گهرجي. سماجي ۽ اقتصادي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانهي، ڇوته ملڪ جي سياسي ارتقاءَ ۽ ان جي احوال جو نالو ئي ته تاريخ آهي.
ملڪ جا بادشاهه ۽ راڻيون ۽ انهن جا جاءِ نشين سندن جنگيون صلحناما ۽ قانون اسان کي هڪ سلسليوار ۽ صحيح تاريخ جي ترتيب ميسر ڪري ڏين ٿا. اسان جي معلومات جو زماني وار سلسلو قائم رهي ٿو.<ref name = "الياس "/>.
==تاريخ جو نصاب==
نصاب جي چونڊ جي لاءِ ٻه طريقا يا ٻه نظريا آهن: هڪڙو عقلي يا منطقي ۽ ٻيو نفسياتي.<br>
(1) عقلي يا منطقي طريقو: هن طريقي موجب اسين ٻارن جي سڄي اسڪولي مدت لاءِ اول تاريخي مواد جي جملي انداز جو يقين ڪندا آهيون. ۽ پوءِ ساڳئي مقرر ڪيل ڪورس کي مختلف ڪلاسن يا درجن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته هن طريقي موجب اسين تاريخي معلومات کي وڌيڪ اهميت ٿا ڏيون ۽ شاگردن جي نفسياتي گهرجن يا جبلتن کي گهٽ اهميت ٿا ڏيون يا مورڳوئي نظر انداز ڪندا آهيون.<br>
(2) نفسياتي طريقو: هن طريقي موجب اسين اول تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ ٻارن جي فطرتي لياقتن ۽ لاڙن تي ويچار ڪندا آهيون ۽ عمر آهر ٻارن جي جبلتي لاڙن ۽ فطرت کي مد نظر رکي پوءِ نفسياتي گهرجن موجب مختلف عمر وارن شاگردن لاءِ، تاريخ مان موزون ۽ مناسب حساب سان نصاب ۾ داخل ڪندا آهيون. مطلب ته نفسياتي طريقي موجب اسين نصاب کي ٻارن جي عمر جي مختلف منزلن آهر ترتيب ٿا ڏيون.<br>
==خارجي ڳنڍڻا==
|