ٻٻر (وڻ): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 34:
 
هن جو هڪڙو ننڍو ٻوڙي جو قسم آهي، جو اُتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ عام آهي ۽ لوڙهن جي جاءِ تي رکڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ان جو نالو ڦُلائي آهي. ٻيو هڪڙو ننڍي وڻ يا ٻوڙي جي قسم مان آهي، جو شڪل جو خراب آهي، مگر جڏهن پيلا خوشبودار گل ڪري ٿو، تڏهن ڏاڍو وڻڻ جهڙو ٿيو پوي. فرانس ۾ هن جي ڏاڍي پرداخت ڪندا آهن ۽ منجهانئس عطر جهڙي خوشبوءِ ڪڍندا آهن. انگريزيءَ ۾ هن کي خوشبودار ٻٻر جي نالي سان سڏيندا آهن.<ref name="autogenerated1">ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>.
 
==سنڌ ۾ ٻٻر==
هي سنڌ جو وڻ آهي جو سخت زمين ۾ اُڀري. پارڪر جي زمين پٿرائين آهي، تنهنڪري اتي چڱي انداز ۾ ٿئي ٿو. ننگرپارڪر کان ڏونگري ڏي وڃبو ته رستي ۾ گهاٽا ٻٻر هُڙي لايو پيا نظر ايندا. موندري ۽ آڌيگام جي وچ ۾ به جام آهن. ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي جي ڏهر، مٺي تعلقي جي ڳوٺ رائلو رندن وارو (مٺي کان اٺ ميل اوڀر طرف)، ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ چيلهار ۽ ان جي ڀرسان کوڙ ٻي ڳوٺ جي ترائيءَ واري ڏهر، ڇاڇري شهر کان ڪانڪهئي ڏي ويندڙ رستي تي ڇڊا ڇڊا ٻٻر آهن. ڪانڪهئي کان اولهه طرف ڪولهين جي ڳوٺن جي ڀرسان هڪ زمين ٽڪر ۾ بلڪل گهڻا ٻٻر آهن، ڄڻ ته هُڙي لڳي پيئي آهي. باقي سڄي ٿر ۾ عام ڪونه ٿئي.
هن جي ٽارين ۾ ٻه – اڍائي انچ ڊگها اڇي رنگ جا تکا ڪنڊا ٿيندا آهن، جنهن کي ٿري ”سُر“ چون. هن ۾ پيلا گل ٿيندا آهن، جن مان ڦريون ٿين جنهن کي ”پلڙا“ چون، انهن ۾ سخت داڻا ٿيندا آهن، جن کي ”چچِڪا“ چون. ٻٻر جا پن ۽ پلڙا اُٺ ۽ ٻڪريون لائينديون آهن. ٻٻر جون ٽاريون وڍي سڪائي پن ڇاڻي گڏ ڪبا آهن. جن کي ”ٻُورِي“ چون. اها ٻوري مال لاءِ فائدي واري آهي. ٻُوري ۽ پلڙن جي کائڻ ڪري مال متارو ٿيندو آهي.
هي وڻ وڏو ٿيندو آهي. اُن جي ڇانوَ سٺي ٿيندي آهي. هن جون ٽاريون وڍي ڇڏبيون ته وري نوان گونچ ڪڍي گهاٽو ۽ سائو ٿي ويندو آهي. وَڍَ ڪرڻ سان ٻٻر پاڻ وڌيڪ سائو ۽ سُٺو ٿيندو آهي. هن مان کؤنر ۽ لاک نڪرندي آهي. ٻٻر جا پن، ڇوڏا، گل، پَلڙا، کؤنر ۽ لاک ڪمائتا آهن. ٻٻر جا ڇوڏا لاهي موچي چمڙي رکڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
هن جي ڪاٺي سخت، مضبوط ۽ جٽادار ٿيندي آهي. ٿلهن ٿرن کي چيري، ان مان نڪتل ڪاٺ مان تختا، در، دريون، ڪُرسيون، ميزون، ٽپايون، کَٽون، جاين جون ڪامون، پٽيون، پينگها، کٽن جا پاوا، ايسون، اُپرا، ڪٻٽ، صندل ۽ ٻيون به ڪيترين ئي قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن<ref name =" رائچند هريجن " > ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو </ref>..
 
==قسم==