مـحمـد ايوب کهڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 29:
 
==سياسي زندگي==
هو 1926ع کان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو، ڪو آپريٽو تحريڪ ۾ خان بهادر عظيم سان گڏ چڱو بهرو ورتائين. 1928ع ۾ پنهنجي ضلعي ۾ زمينداري بئنڪ کولائي، ان جو چيئرمين ٿيو: جنهن تي اڃان تائين چونڊيو اچي. هي گهڻي وقت تائين اسان سان پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهندو آيو. "سنڌ زميندار" اخبار، سکر جو هي مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو، آغا نظر علي ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي ان جا ايڊيٽر ٿي رهيا.<ref name = "جي ايم سيد "/>.هيءُ گهڻي وقت تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر ٿي رهندو آيو سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ ڪاليج بورڊ جو پڻ ڪيتري وقت تائين ميمبر چونڊيو آيو. بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن ئي سيليڪٽ ڪاميٽين يا ٻين سرڪاري ڪاميٽين تي ڪم ڪري تجربو پرايائين. انهي عرصي ۾ سٺي تقرير ڪرڻ سکي ويو جنهن ڪري هي هوشيار پارليامينٽرين شمار ٿيڻ لڳو. سنڌ جي بمبئي کان جدائي بابت جڏهن تحريڪ شروع ٿي، ته هن ان لاءِ هڪ ڪتاب"اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ" لکائي، ڇپائي ورهائي علي محمد شاهه راشديءَ جهڙو هوشيار ڪارڪن هن جو ڪيترو وقت سيڪريٽري ٿي رهيو.<ref name = " جي ايم سيد "/> 1923ع ۾ -بمبئي- ليجسليٽو ڪائونسل جو رڪن مقرر ٿيو. 1928ع ۾ سندس ملاقات محمد علي جناح سان سکر ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 1929ع ۾ -ايوب کهڙو- سائمن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ يادداشت نامو پيش ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ، -بمبئي- پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ -ايوب کهڙو- 1937ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهندڙ وزارتن ۾ شامل رهيو.<ref name = " سنڌيانا "/>.
1943ع ۾ -ان- وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد -الله- بخش سومري جي شهادت ٿي، جنهن جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. قيام [[پاڪستان]] کان پوءِ غلام حسين هدايت -الله- سنڌ جو پهريون گورنر ۽ -ايوب کهڙو- پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنهي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ گورنر، کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا -ائڪٽ- هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو ۽ ون يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ مغربي -پاڪستان- جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو، جڏهن ته مرڪزي ڪابينا ۾ بچاءَ وارو وزير پڻ مقرر ٿيو. 1964ع جي چونڊن ۾ هن مادرِ ملت فاطمه جناح جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو.<ref name = " سنڌيانا "/>. 1970ع ۾، چونڊن دوران لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ذوالفقار علي ڀُٽي هٿان شڪست کاڌائين. -ان- کان پوءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو ۽ 20 -آڪٽوبر- 1980ع تي وفات ڪيائين. محمد ايوب کهڙي ون يونت ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، -ان- ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس سٺن لفظن سان ياد نٿا ڪن، پر اُن کان اڳ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ خلاف آواز اٿارڻ، سنڌ جي ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي هندن خلاف فسادن دوران سختيءَ سان ڏوهارين تي قدم کڻڻ، سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن کي برداشت نه ڪرڻ ۽ سندس ٻيا ڪجهه اهڙا عمل، سندس سياست جي مثبت رخن تي به روشني وجهن ٿا. سندس نياڻي حميده کهڙو، سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ سياستدان آهي.<ref name = " سنڌيانا "/>. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” سنڌ جي -تاريخ- جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمه حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ عنوان سان ترجمو ڇپجي چڪو آهي<ref name =" سنڌيانا " > [http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%84%D9%87%D9%87%20%D8%A8%D8%AE%D8%B4%20%D8%B3%D9%88%D9%85%D8%B1%D9%88%20%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF الهه بخش سومرو شهيد : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->] </ref>