غلام حسين ھدايت الله: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 42:
1933ع ۾، کيس وڌيڪ هڪ سال لاءِ ايگزيڪيوٽو ميمبر جي عهدي تي رکيو ويو، ۽ جون 1934ع ۾ انهيءَ ميمبريءَ تان رٽائر ٿيو.<ref name = " جي ايم سيد"/>.
1934ع ۾، زميندارن طرفان سنڌ جو عيوضي ٿي، هو وائسراءِ جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو. 1936ع ۾، جڏهن سنڌ جدا ٿي، ته هڪ سال لاءِ ائڊمنسٽريٽو ڪائونسل مقرر ڪري ڪم هلايو ويو. سر غلام حسين هدايت الله اُن ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيو.<ref name = "جي ايم سيد "/>. 1937ع جي چونڊن ۾، هي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ طرفان سنڌ اسيمبليءَ تي زميندارن طرفان چونڊجي آيو. اتحاد پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊن ۾ شڪست ملڻ ڪري، گورنر سنڌ هن کي تجربيڪار سياستدان ۽ مدبر سمجهي، وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايو، جيتوڻيڪ هن جي پنهنجي پارٽيءَ جي طاقت فقط پنجن ميمبرن تائين محدود هئي، هن پوءِ ٿوري وقت ۾ ڪيترن گروپن کي ٺاهي، ميمبرن جي ميجارٽي پنهنجي طرف ڪري ڇڏي. ان سندس پهرينءَ وزارت ۾ مير بنده علي خان ٽالپر ۽ مکي گوبند رام وزير هئا. سندس پارليامينٽري سيڪريٽرين ۾ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگ، خانبهادر سيد محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيد ميران محمد شاهه هئا .<ref name = "جي ايم سيد "/>. 1938 م الله بخش سومرو جي حڪومت قائم ٿي تہ سر غلام حسين مخالف ڌر ۾ ويٺو.<ref name = " جي ايم سيد "/>. پاڪستان سنه 1947ع ۾ وجود ۾ آيو. ان بعد سنڌ جو گورنر، سر مودي، پنجاب جو گورنر مقرر ٿيو، ۽ ان جي جاءِ تي سر صاحب سنڌ جو پهريون پاڪستاني گورنر مقرر ٿي.<ref name = " جي ايم سيد "/> .
 
==شاديون ۽ اولاد==
 
سر صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس پهرينءَ بيبيءَ مان هڪ نياڻي ٿي. سندس ٻي بيبي بيگم صغرا هدايت الله آهي. ان مان کيس چار فرزند ٿيا. (1) انور حسين، (2) منور حسين، (3) الطاف حسين، ۽ (4) ممتاز حسين. سندس ٻئي فرزند، لاهور ميل جي حرن هٿان ڪرڻ واري حادثي ۾، انتقال ڪيو.<ref name = " جي ايم سيد "/>.
 
==وفات==