ٻير: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 9:
پٽ جا ڪينئان، جيئن توت جي پنن تي پرورش پائيندا آهن، تيئن هن وڻ تي به پالي سگهجن ٿا. ٻير جا پن مال کي گاهه وانگي به چاريندا آهن ۽ ڪاٺي ٻارڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪم اچي ٿي.
ٻير کي انگريزيءَ ۾ رائونڊ پلم (يعني گول آلو) يا جُو جُوب چون ٿا.<ref name="autogenerated1" />
 
==سنڌيءَ ۾ ٻير، هنديءَ ۾ بير انگريزيءَ ۾ وري بيري==
رڳو ايتري ۾ ئي ڳالھ هجي ته ٺيڪ، پر آفريڪا جي هڪ ٻوليءَ سيسوٿو کان سواءِ اتان جي سڀني ٻولين ۾ اهو ساڳيو اچار ملڻ سان گڏ، انٽرنيٽ ۾ آيل دنيا جي اٺاسي ٻولين ۾ لڳ ڀڳ اهو ٻير ساڳي اچار سان مليو آهي. حيراين اڃا وڌي وڃي ٿي جڏهن انگلينڊ ۾ عام ملندڙ ميوي (Raspberry) کي جو چتائي ڏٺو ويو ۽ ان جي اچار سان گڏ ذائقي ۽ جسامت کي ڏسبو ته اهو به مٿين لفظ جي ئي پيڙهيءَ جو مليو. ان ۾ اضافي آواز رسپ ملي ٿو. اهو آواز ٿئي رسپبيري، هاڻي ان کي سنڌيءَ آواز ۾ اچاريو ته ٿيندو رسبيري، وري پنهنجو ڪيوس ته ٿيندو رس ڀري! رسپبيري رس ڀري ته ناهي پر آوازن جي هڪجهڙاڻ تي ڏيندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. پاڻ وري رسپبيري کي وڌيڪ ڏسون ته اهو ائين ضرور لڳي ٿو ته رسيل ٻير! يعني اهو ٻير جيڪو رس سان ڀريل هجي. (ٿي سگهي ٿو). اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو آفريڪا مان ٿيندو اسان وٽ آيو آهي. پر هڪ ڳالھ آهي، اسان وٽ اهو ٻاهران اچي ها ته اسان ان جو آواز مشڪل ”ٻ“ جي شڪل جي بدران بير ئي پڪاريون ها. جيئن هنديءَ يا اردوءَ ۾ آهي. پر سنڌيءَ ۾ اهو ٻير آهي. ٻ جو آواز ب کان ڏکيو آهي. انساني ٻولين جي تاريخ جا ماهر اهو چون ٿا ته ڏکيا آواز اوائلي آهي. سو لڳي ائين ٿو ته قديم زمانن کان بابلي تهذيب جي عروج مهل اهو ميوو هتان ويو هجي. ڪهڙي خبر. پر هڪ ڳالھ آهي، اهو ٻير، بير يا بيري دنيا جو پراڻو ميوو ضرور آهي جيڪو انساني کاڄ جو قديم ڀاڱو محسوس ٿي رهيو آهي. انڪري ئي ته ان جو نالو هڪ ئي رکيو وڃي ٿو.
<ref> تحقيق ۽ تحرير؛ اَمر فياض ٻُرڙو</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:لسانيات]]