امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 32:
وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. 1952ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو ته علامه صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي.
انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ -ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو.
اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:گرماڻي صاحب جڏهن گورنر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چانسيلر، تڏهن پهريون دفعو سندس اچڻ ٿيو. سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا مگر علامه صاحب جن ڪونه ويا ۽ بعد ۾ وقت وٺي کيس سرڪٽ هائوس ۾ مليا. علامه صاحب جن جي هميشه اها روش رهي. گرماڻي صاحب به قدر شناس هو ۽ علامه صاحب جن جو نهايت گرويدو هو. ڪڏهن به چانسيلري جو رعب علامه صاحب تي نه رکيائين. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت گرماڻي صاحب ڪئي. منڍ ۾ علامه صاحب بجيٽ پيش ڪئي جا پاس ڪئي ويئي. ان بعد جڏهن سندن ذاتي سوال آيو تڏهن چانسيلر صاحب کي هيئن چئي پاڻ سينيٽ هال ڇڏي نڪري ويا ته: ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهنڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان. ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“ گرماڻي صاحب سندن انهيءَ رويي کان ڏاڍو متاٿر ٿيو ۽ ميمبرن کي چيائين ته: ”انهيءَ کان اڳ ته نئين وائيس چانسيلر جي تقرري جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسيلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه. منهنجي نظر ۾ جهڙس وائيس چانسلر يونيورسٽي کي ٻيو ملي ڪونه سگهندو.“ بس ايترو چئي کڻي ووٽ ورتائين ۽ بحث مباحثي کي اٿڻ ئي نه ڏنائين. ڪجھ ميمبرن گهڻو ئي چاهيو ته ايجنڊا موجب نئين وائيس چانسيلر جي تقرري لاءِ تقريرن جي اجازت ملي، مگرگرماڻي صاحب چيو ته: ”اهو سوال پوءِ اٿندو جڏهن سينيٽ جا ميمبر اول اهو طئي ڪن ته موجوده وائيس چانسيلر جو مدو وڌايو وڃي.“ نهايت ڪثرت راءِ سان علامه صاحب جن جو ٽرم وڌايو ويو.<ref name = " جتوئي "/>
اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.
 
==استعيفيٰ کانپوءِ==
علامه صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن ته هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. گوشه نشينيءَ جو اهو مقصد نه هو ته دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشه نشينيءَ واري دور ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.