امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 14:
 
==تعليم ۽ شروعاتي زندگي==
 
پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو تہ:قاضي صاحب جن کي ننڍپڻ ۾ ئي روزي نماز جو پابند ڪيو ويو ۽ يارنهن ورهين جي عمر ۾ کين روحاني تعليم خاطر نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کين باقاعدي ذڪر خفي ۽ مراقبو ڪرايو ويندو هو. اهو مراقبو ۽ ذڪر روزانو ڪلاڪن تائين ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي مون کانئن پڇيو ته سائين، مراقبي ۾ اوهان کي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو هو. جواب ۾ فرمايائون: وليم جيمس (William James) پنهنجي ڪتاب “Varieties of Religious Experiences” ۾ جيڪي لکيو آهي، اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. پاڻ فرمائيندا هئا ته ننڍپڻ ۾ ذڪر ۽ مراقبا ڪڏهن به نه ڪيا وڃن. اِها اُها وهي آهي جڏهن حواس ترقي ڪن ٿا ۽ عقل جي ابتدا ٿئي ٿي. جيستائين انفرادي شخصيت جي تعمير تڪميل تي نه پهتي آهي تيستائين مراقبا ڪرڻ مفيد نه آهن. خودي جي تڪميل کان پوءِ ئي مراقبي جي ضرورت آهي. ”موتوا قبل ان تموتوا“ جي صحيح مهل ان وقت شروع ٿئي ٿي. دنيا جو ڪوبه فيلسوف يا نبي اهڙو ڪونه ٿي گذريو آهي جنهن ڪجھ وقت لاءِ دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي مراقبن جو منزلون طئي نه ڪيون آهن. علامه صاحب جن اهي مراقبن جون منزلون پوءِ وڏي هوندي طئي ڪيون، جڏهن سڀني علومن کي پڙهي، انهن جي اصولن کان باخبر ٿيا. مون کي ڪيترائي دفعا فرمايائون ته: ”جيستائين هنن ظاهري اکين پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو آهي تيستائين کين ٻوٽي اندر ۾ جهاتي پائڻ يعني مراقبو ڪرڻ فطرتي اصول جي خلاف آهي؛ فطرت ائين ڪرڻ نه ڏيندي، بلڪ مجبور ڪندي ته اکيون کولي ظاهري دنيا کي ڏسجي. جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن اهي پاڻيهي ظاهري دنيا کان منهن موڙينديون ۽ بند ٿينديون.“<ref name = " جتوئي "/>علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس [[ايلسا قاضي|ايلسا]] نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.
 
==ادبي سفر==
قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو. هيءُ مضمون هڪ ادب پارو هو، جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامه صاحب پهريون هندستاني هو، جيڪو هن سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو، پر ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيو ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين.