اخلاق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 15:
==اخلاقي اضافيت==
هيءَ ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته اخلاقي نظام بدلجندو رهندو آهي سينٽ آگسٽ کي (حضرت) ابراهيم جي گهڻن شادين واري ڳالهه ڏکي لڳندي هئي پر هن جي گهڻين شادين جي ان رخ کي ساراهيندو هو ته پراڻي دور جي يهودين لاءِ گهڻين زالن جو خرچ برداشت ڪرڻ ڪو گناهه نه هو ڇاڪاڻ ته اهو ان زماني جو رواج هو ۽ قبيلي لاءِ نقصانڪار نه هو. جنگ جي زماني ۾ گهڻيون شاديون يقيناً رحمت هيون جو انهن سان اولاد وڌندو هو سماجي نظام کان اڳ قبائلي نظام ۾ مردن جو انگ عورتن جي انگ کان تمام گهٽ هو ۽ گهڻيون شاديون انهن حالتن جو منطقي نتيجو هيون، هڪ عورت مرد کانسواءِ رهڻ جي بدران مرد جي ڪجهه حصي تي ئي قناعت ڪندي هئي هڪ شادي قبائلي امن جو نتيجو آهي.<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>اوڀر جو ماڻهو مٿو ڍڪي ۽ اولهه جا ماڻهو مٿو اگهاڙو ڪري ڪنهن جو احترام ڪندا آهن. جپاني عورت (ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه ائين نه هجي) ڪنهن مزور جي اوگهڙ ڏانهن ڌيان نه ڏيندي آهي پر ساڳئي وقت هو شرم ۽ حيا واري به هوندي آهي. عرب عورت لاءِ مُنهن تان پردو هٽائڻ ۽ چيني عورت لاءِ پير اگهاڙا ڪرڻ فحاشيءَ جي برابر آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ پردو تخيل ۽ خواهش کي اُڀاريندو هو ۽ انساني نسل لاءِ فائدي وارو هو. ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجن بيمارن ۽ پوڙهن کي جيئري پوري ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ئي رحمدليءَ جو اظهار هو. لبوڪ جو چوڻ آهي ته چين ۾ ڪنهن پوڙهي لاءِ ڪفن جو تحفو ئي مناسب تحفو سمجهيو ويندو هو. اڄ به سمجهيو وڃي ٿو خاص ڪري جڏهن هو بيمار هجي. سمر ٿو چئي ته نيويرٽين جي ٻيٽ ۾ انساني گوشت ائين وڪامندو آهي جيئن اسان وٽ ڪاسائن جي دڪان تي جانورن جو گوشت، سلمان ٻيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن چئن ٻيٽن ۾ ماڻهوءَ کي (خاص ڪري عورتن کي) دعوتن لاءِ سوئرن وانگر پاليندا آهن، اهڙا سوين مثال وڏي سولائيءَ سان گڏ ڪري سگهجن ٿا جن ۾ اهي ڳالهيون جيڪي اسان وٽ بداخلاقي سمجهيون وڃن ٿيون اهي ڪنهن زماني ۽ ڪنهن دور يا ڪنهن سرزمين تي سراسر اخلاق آهن، پراڻي زماني جي هڪ يوناني فلاسافر چيو هو ته اوهان ڪنهن هنڌ جون مقدس ۽ اخلاقي رسمون گڏ ڪيو ۽ انهن مان اهي رسمون ڪڍي ڇڏيو جيڪي ڪنهن ٻئي سماج ۾ غيرمقدس آهن ته پوءِ باقي ڪجهه به نه بچندو.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>
 
 
==فطري اخلاق==
ڊارون جي زماني ۾ بيڪن جي ٻڌايل واٽ کي سائنسي جواز ملي ويو. پهريان لڳو ٿي ته ڊارون جي نظريي جي اخلاقي معنيٰ نٽشي جي فلاسفيءَ جي حمايت هئي. جيڪڏهن ارتقا، ”بقا لاءِ جدوجهد“ ۽ ”اعليٰ انسان جي بقا“ جو نالو آهي ته پوءِ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اخلاق جو معيار اهوئي هوندو ۽ ڪامياب انسان ئي نيڪ انسان سمجهيو ويندو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ دفعو وري طاقت ئي نيڪي ٿئي ٿي. هڪسلي ارتقا جي انهن نتيجن کان ڊڄي ويو. هن ٽينيسن جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته فطرت (معنيٰ ته فطرت جي چونڊ جو عمل) خونخوار ۽ سڀني اخلاقي قدرن جي دشمن آهي. ظاهريءَ طرح ارتقا جو اهوئي مطلب هو ته طاقتور ڪمزور کي ختم ڪري ڇڏين (ڪارل پيٽرسن جهڙن ارتقا پرستن اڳ ۾ ئي خيرات جي خطرناڪ اثرن خلاف احتجاج ٿي ڪيو) پر اخلاق جو مطلب ته اهو آهي ته طاقتور ڪمزور جي مدد ڪن. ارتقا جو مقصد هو ته جيئن به ٿئي هر ممڪن طريقي سان ڪامياب ٿيڻ گهرجي، پر اخلاق ٿي چيو ته ڪامياب ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ انسانيت ۽ شرافت جي حدن ۾ رهي ڪاميابي ماڻڻ گهرجي. اخلاق جو مطلب امن ۽ ارتقا جو مطلب جنگ هو. هڪسلي ان نتيجي تي پهتو ته سماج جي اخلاقي ترقيءَ جو مدار قدرت جي قانونن جي پيروي ڪرڻ ۾ نه پر انهن جي خلاف جنگ ڪرڻ ۾ آهي<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>