محمد اقبال: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 50:
اقبال شروعاتي تعليم [[قرآن شريف]] جي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ مشن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. مري ڪاليج مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيائين. پنجابي ايليٽ ڪلاس علامه اقبال کي [[پاڪستان]] جو ذهني باني يا مفڪر [[پاڪستان]] سڏائي ٿو‏، پر هُو گڏيل هندستان جو حامي هو. پاڻ اعلى پايي جو [[شاعر]] هو. هندستان جو مقبول ترين قومي گيت '''ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا''' جو شاعر علامه اقبال آهي. پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيائين جن ۾ [[بانگ درا]]، [[بال جبريل]]، [[شڪوه]]، [[جواب شڪوه]] ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب مشهور آهن. علامه اقبال 21 [[اپریل]] 1938ع تي [[لاهور]] ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو [[بادشاهي مسجد]] لاهور جي ڀرسان آهي.
 
شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو تعلق ڪشميري برهمڻ خاندان سان هو، جيڪو خاندان سوا ٻه سئو سال پهرين اسلام قبول ڪري چڪو هو. اصل ۾ رَتن لال جيڪو هندو پنڊت هو سو مسلمان ٿي ويو، جنهن جو نالو نور محمد رکيو ويو.
<ref>https://defence.pk/pdf/threads/iqbals-hindu-relations.512124/ IQBAL’S HINDU RELATIONS Khushwant Singh</ref>
<ref>https://themuslimtimes.info/2013/07/27/history-the-hindu-origins-of-allama-sir-mohammad-iqbal/ History: The Hindu Origins of Allama Sir Mohammad Iqbal</ref>
اڳتي هلي رتن لال (نور محمد) مان محمد اقبال جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي 1897ع ۾ احمدي فرقو اختيار ڪيو. ان کانپوءِ ويھ ٻاويھ ورهين سندس سر طفر الله سان سياسي اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ سر محمد اقبال احمدي مان واري مسلمان ٿي ويو هو ۽ اهو ڪٽنب ڪشمير مان لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد ۽ والده جو نالو امام بيبي هو. ننڍڙي اقبال کي ابتدائي تعليم لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ پوءِ 1883ع ۾ اسڪاچ مشن بهائي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي کيس عربي ۽ فارسي علمن جي تعليم لاءِ سيد مير حسن جهڙو استاد ۽ رهبر مليو. 1899ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو اورنٽيئل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ (1903ع 1905ع) فلسفي ۽ تاريخ جو استاد رهيو. ”علم الاقتصاد“ سندس انهيءَ دور جي تصنيف آهي. 1905ع ۾ بئريسٽري لاءِ انگلينڊ ويو، سيپٽمبر 1905ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو ۽ -جولاءِ- 1907ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 12 آگسٽ 1907ع تي جرمن جي سومونڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ادب ۾ ڊي. لٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.
 
علامه اقبال جولاءِ 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، ڪجهه مهينا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر آرنلڊ جي وڃڻ کانپوءِ ان جي جڳهه تي عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1913ع تائين اها خدمت سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ حڪومت برطانيا سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ”سر“ جو خطاب ڏنو. 1928ع ۾ مدراس حيدرآباد ۽ علي ڳڙهه ۾ ليڪچر ڏنائين ۽ 27 سيپٽمبر 1931ع ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس (Round table conference) ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو، لنڊن ۾ قيام دوران مختلف انجمنن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ اسلامي ملڪن جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيائين. ٽين گول ميز ڪانفرنس ۾ ارسٽوٽولين سوسائٽيءَ جي هيٺ لنڊن ۾ '''ڪيا مذهب ڪا امڪان هي''' جي موضوع تي تقرير ڪيائين. ٽن هفتن کانپوءِ اسپين (Spain) جي سياحت لاءِ روانو ٿيو ۽ انهيءَ سياحت دوران ڪجهه -اردو- نظم لکيائين، -جن- ۾ مشهور نظم ”مسجد قرطبه“ (Mosque of Córdoba) به شامل آهي. 26 جنوري 1933ع تي اسپين مان واپسيءَ وقت پيرس پهتو ۽ 1933ع جي آخر ۾ افغانستان جو دورو ڪيائين. علامه صاحب 1935ع ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي وفات کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو. انهيءَ ڪري وڪالت به ڇڏي ڏنائين. ڀوپال جي نواب سندس اها حالت ڏسي هن لاءِ 500 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو.