مشتري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
 
[[File:Jupiter and its shrunken Great Red Spot.jpg]]<br>مشتري ويجھو کان
 
[[File:Jupiter symbol.svg|25px|
]] = مشتري جو خلائي نشان
 
'''مشتري''' (Jupiter) سَيارو سج کان پنجين نمبر تي پري آهي. يعني مرڪري، [[وينس]]، [[ڌرتي]] ۽ مارس کان پوءِ جوپيٽر آهي ۽ [[سج]] جي چوڌاري هڪ ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻارهن کن سال لڳائي ٿو. يعني جيوپيٽر جو هڪ سال اسان جي ڌرتيءَ جي ٻارهن سالن برابر آهي. جيو پيٽر اسانجي سج منڊل يا شمسي نظام جو سڀ کان وڏو سَيارو آهي. باقي سيارن جي تور ڪجي ته ان کان اڍائي دفعا وڌيڪ تور '''جوپيٽر''' جي ٿيندي. رات جو آسمان ۾ چنڊ ۽ زهره کان پوءِ هي ٽيون نمبر گهڻو چمڪندڙ سيارو آهي. سال جي ڪجهه ڏينهن ۾ هن جي پوزيشن اهڙي رهي ٿي جو مريخ (Mars) سَيارو وڌيڪ چمڪندڙ (Bright) نظر اچي ٿو. سواءِ ٿوري هيليم گئس ۽ پٿرن جي هي سيارو هائڊروجن گئس جو آهي. جوپيٽر جو ڊاياميٽر 143000 ڪلوميٽر آهي. يعني اسان جي ڌرتيءَ کان يارهن دفعا وڏو آهي. هي سَيارو مشتري (Jupiter) به پنهنجي محور جي چوڌاري لاٽونءَ وانگر گول ڦري ٿو ۽ اسانجي سج منڊل ۾ سڀ کان تکو هي سَيارو ڦري (rotate) ڪري ٿو. مشتري پنهنجي محور تي چڪر ڏهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو. يعني جوپيٽر تي 5 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 5 ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي. جيوپيٽر کي پنهنجا سٺ کن چنڊ آهن، جن مان فقط چار وڏا آهن، باقي چنڊن جو ڏهه ڪلوميٽرن کان گهٽ ڊاياميٽر آهي. جيوپيٽر تي رات جي وقت به ڪي قدر روشني رهندي آهي. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=140 چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام</ref>