سيد احمد خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 44:
}}۰
==تفصيلي تعارف==
ھن جي ابتدائي تعليم ديني ھئي ۽ 18 سالن جي عمر ۾ عربي ٻولي، علمطب ۽ رياضي ۾ مھارت حاصل ڪئي.1838 ۾ سندس والد وفات ڪري ويو جنھن ڪري مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيو ۽ ڪمشنر آگرو جي دفتر ۾ نائب منشي جي نوڪري حاصل ڪيائين. جنگ آزادي 1857 ۾ ھن انگريزن جون جانيون بچايون جنھن ڪري سندس 200 روپيا وظيفو شروع ڪيو ويو جيڪو ماھوار کيس ملندو رھيو. 1870 ۾ بنارس ۾ جج مقرر ٿيو.1859 ۾ ھن مسلمانن جي ٻارن لاءِ مرشد آباد، دھليءَ ۾ھڪ مدرسو قائم ڪيو. 1864 ۾ غازي پور ۾ ھڪ اسڪول قائم ڪيائين. ھن سائنٽيفڪ سوسائٽي پڻ قائم ڪئي تہ جيئن مسلمانن کي سائنسي تعليم ملي.1864 ۾ ھن جي بدلي عليڳڙھ ۾ ٿي جتي ھن سائنٽيفڪ سوسائٽي کي قائم رکندي ان جو رسالو جاري ڪيو.1869 ۾ انگلينڊ ويو جتي ٿامس مورس جي مدد سان ھڪ پمفليٽ ا[[م العلماءُ]] شايع ڪيائين. 1869 ۾ ھن جي پٽ سيد محمود کي بہ لنڊن لاءِ وظيفو مليو جتي ٻنھي پيء ۽ پٽ گڏجي انگلينڊ جي تعليمي نظام جو جائزو ورتو ۽ ھندوستان ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ ھڪ معياري ادارو قائم ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو. انگلينڊ مان واپسي تي 1875 ۾ مسلمانن لاءِ ايم.اي.او.ھاء اسڪول قائم ڪيو جنھن کي 1877 ۾ ڪاليج جو درجو مليو. 1898 ۾ ان ڪاليج کي علي ڳڙھ محمدن اينگلو اورينٽل نالو ڏنو ويو جيڪا بعد ۾ علي ڳڙھ يونيورسٽي سڏجڻ لڳي