محمد ايوب خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}محمد ايوب خان 14 [[مئي]] 1907 تي صوبي [[سرحد]] جي ڳوٺ ريحانه ۾ ڄائو. [[رائل ملٽري ڪالج]] [[انگلستان]] مان فوجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1951ع ۾ بري فوج جو پهريو [[پاڪستان|پاڪستاني]] ڪمانڊر انچيف ٿيو. 1954 ۾ [[محمد علي بوگره]] ڇيسکيس [[وزارت دفاع]] جو اهم عهدو سونپيو.
 
[[اسڪندر مرزا]] جڏهن 1958ع ۾ [[مارشل لا]] نافذ ڪئي ته [[چيف مارشل لا ايڊمنٽريٽر]] ايوب خان کي ڪيائين ۽ انهن ڏيهن ۾ پرامن فوجي انقلاب زريعي ملڪ جو واڳون سنڀاليون.
 
[[آڪٽوبر]] 1959ع ۾ کيس فوج اعلى ترين عهدو [[فيلڊ مارشل]] ڏنو ويو. ايوب خان [[مارچ]] 1962 ۾ نئون [[صدارتي آئين]] نافذ ڪيو.
 
[[جنوري]] 1965ع ۾ نئين [[آئين]] تحت عام چونڊون ٿيون. ۽ ايوب خان [[مسلم ليگ]] جي صدر جي حيثيت سان [[فاطمه جناح]] کان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي. 1965ع واري جنگ ۾ به ايوب خان [[پاڪستاني فوج]] جي اڳواڻي ڪئي. 1967ع ۾ سڀني سياسي پارٽين سندس حڪومت خلاف اتحاد ٺاهيو. هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ نيٺ 25 [[مارچ]] [[1969]]ع تي ايوب خان ملڪ ۾ [[مارشل لا]] لڳائي پاڻ استعفيٰ ڏئي ملڪ [[يحيٰ خان]] جي حوالي ڪيو.
 
ان کان پوءِ هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. هن پنهنجي [[سوانح عمري]] [[انگريزي]] زبان ۾ لکي جنهن جو [[اردو]]ءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.