ابن بطوطا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 9:
| native_name_lang = ar
| birth_date = 25 February 1304
| birth_place =[[ٽينجيئرطينجيئر|طنجہ]]، [[مريند]]، [[مراڪش]]
| death_date = 1369 (aged 64–65)
| death_place = [[مريند]]، [[مراڪش]]
سِٽَ 19:
{{مبسس4}}
ابو عبدالله بن محمد عبدالله اللواتي ابن بطوطا [[سياح]] ٿي گذريو آهي. پاڻ 1303ع ۾ [[طنجه]] شهر ۾ ڄائو. 21 سالن کان پوءِ [[حج]] ڪرڻ واسطي [[مڪو|مڪي]] روانو ٿيو. هن کي سير سفر جو شوق ٿيو. هن [[مديني شريف ]] کان سفر شروع ڪيو ۽ تقريباً سڄي دنيا جو سير ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي وطن وريو. هن سفر دوران عجيب ۽ غريب ماڻهو ۽ واقعا ڏٺا. انهن جا حالات هڪ سفر نامي ۾ قلمبند ڪيائين. هن 28 سالن تائين دنيا جو سير ڪيو. اٽڪل 75 هزار ميلن جو سفر طَي ڪيائين. هو [[سنڌ]] ۾ به آيو.
==تفصيلي تعارف==
 
سنڌ جي سرزمين تي صدين کان وٺي سياح، مورخ، جاگرافيدان، واپاري ۽ مختلف نمونن سان قسمت آزمائي ڪندڙ ماڻهو ايندا رهيا آهن، انهن مان ڪيترن پنهنجن سفرنامن ۽ مختلف تجربن کي لکيت ۾ پڻ آندو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، شهرن ۽ ماڻهن بابت انتهائي اهم معلومات ڏني آهي. اهڙا واقعا اسان کي سنڌ جي تاريخ متعلق جيڪا معلومات مهيا ڪن ٿا، اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان ملڻ محال آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اهڙيون ئي ڪجهه شاهديون اسان کي اٺين صدي هجري جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ايندڙ هڪ عرب سياح ابن بطوطه جي لکيل سفرنامي مان ملن ٿيون:
ابن بطوطه جو پورو نالو محمد بن عبدالله هو. پاڻ 24 فيبروري 1304ع/17 رجب 703هه سومر جي ڏينهن، مراڪش جي شهر طنجه ۾ ڄائو هو. ابن بطوطه سندس خانداني لقب هو، اهو خاندان مراڪش ۾ اڃا به موجود آهي. ابن بطوطه جڏهن پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪري 755هه ۾ وطن واپس وريو ته کيس اتي هڪ شهر ۾ قاضيءَ جو عهدو ڏنو ويو، جيڪا سندس خانداني ڪِرت هئي،
[[File:TumbaIbnBatuta.jpg|thumb|right|مراڪش جي طنجہ شھر ۾ ابن بطوطہ جو گھر جتي ان جي قبر بہ ھجي تہ عجب ناھي]]
جتي هن سن 68- 1369ع/ 70- 771هه ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو سفر ٻاويهن سالن جي عمر يعني سنه 1326ع / 726هه ۾ شروع ڪيو. اٺن سالن جي سير ۽ سفر کان پوءِ ابن طوطه ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪابل کان هلي اچي پهرين محرم 734هه/ ٻارهين سيپٽمبر 1333ع آچر جي ڏينهن سنڌو درياهه تي پهتو. ابن بطوطه جي سفرنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بولان لڪ بلوچستان مان لنگهي ڪاهان کان ٿيندو، جيڪب آباد ضلعي مان ڪٿان اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو هوندو.
 
سندس سنڌو درياهه ٽپڻ وارو معاملو به ڪجهه غور طلب آهي. سندس چوڻ موجب، ”هو درياهه ٽپي ٻه ڏينهن سفر ڪري جناني شهر مان ٿيندو سيوهڻ پهتو“. جڏهن ته سيوهڻ قديم زماني کان وٺي سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي آباد آهي. ابن بطوطه سيوهڻ پهچڻ کان اڳ ٻيهر درياهه ٽپڻ جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو درياهه جي اصل ۽ وڏي وهڪري بدران سنڌوءَ جي الهندي وهڪري تان ٽپي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي، ان الهندي وهڪري جو کاٻو ڪپ وٺي، لاڙڪاڻي جي هاڻوڪي شهر واري ايراضيءَ جو الهندو پاسو وٺندي، ان وقت قائم شهر ”جناني“ مان ٿيندو دادوءَ جي الهندي پاسي کان لنگهي اچي سيوهڻ پهتو، جيڪر ان کي صحيح سمجهجي ته پوءِ ”جناني“ جو قديم شهر به لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جي وچ واري ايراضيءَ ۾ ڪٿي هجڻ گهرجي. اڃا به ائين چئجي ته اهو قديم شهر جنهن جو نالو به اسان کي ڪنهن ٻئي تاريخ جي ڪتاب مان نٿو ملي، ”موهين جي دڙي“ جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪٿي موجود هو. جيڪو سنڌو درياهه جي رخ مٽائڻ يا ڪنهن ٻي آفت سبب بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، جنهن جي قديم آثارن جو به ڪو پتو ڪو نه ٿو پوي. سفر جي اڳئين م رحلي ۾ ابن بطوطه سيوهڻ پهتو، جتي ان وقت هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق شاهه جي پاران سنڌ تي مقرر ڪيل امير عماد الملڪ سرتيز موجود هو. هن دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو، جتي امير رهندو هو. ان کانسواءِ اچ، بکر ۽ سيوستان ۾ پڻ سرڪاري ڪارندا رهندا هئا، جيڪي ملڪي حالتن ۽ ٻاهران ايندڙ ماڻهن بابت مڪمل معلومات پنهنجن اميرن معفت بادشاهه کي دهلي پهچائيندا رهندا هئا.