ڄام فيروز: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Shuaib-bot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ |
||
سِٽَ 35:
”ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهن ڪري دريا خان موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو.“ <ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص114-115 }</ref>
هڪ طرف فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي اختيار ڪئي، جنهن سبب دريا خان ۽ ٻيا مکيه صلاحڪار کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سندس سلوڪ اطمينان جوڳو برقرار نه رهيو. ان ريت سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918هه) ۾ سنڌ جي اميرن ۽ گجراتي لشڪرن جي مدد سان هن سنڌ جي حاڪميت تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ تختگاه کي خالي ڪري ويو. ان دور ۾ دريا خان جو شهر ”ڳاها“ علمي سطح تي وڏي رتبي کي پهتو. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس ٻه پٽ دريا خان جي آڇ تي ”ڳاها“ پهتا ۽ اتي مدرسو ۽ مڪتب کولي ڊگهي عرصي تائين درس ۽ تدريس جاري رکيائون.<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
== ٻيون دور: آڪٽوبر 1512 کان ==
سِٽَ 41:
ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو)
ڄام صلاح الدين جي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ فيروز کي دريا خان جي اهميت جو اندازو ٿيو. آخرڪار سنڌ جو هي بدبخت شهزادو پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري ڳاها پهتو. دريا خان سندس منٿ ميڙ کي وزن ڏنو ۽ بکر توڙي سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيائين. هن جنگ ۾ صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت صلاح الدين ٺٽي مان نڪتو ۽ گجرات هليو ويو. دريا خان شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد جي ڏينهن پهرين شوال 918هه برابر 12 آڪٽوبر 1512ع تي فاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽ حاصلات جي خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. هن ڀيري به ڄام فيروز مملڪت جي پراڻن خادمن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ نه وري دريا خان کي حڪومت جي معاملن ۾ شريڪ ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي درٻار تي ڪم ظرف ۽ ڀاڄوڪڙ ماڻهو اهم مرتبي جا مالڪ بنجي ويٺا. ان کان علاوه بيروني سطح تي پڻ هي ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گهيرجي ويو، جنهن سبب سمن جي سلطنت زوال طرف تڪڙي وک کنئي.<ref
جيتوڻيڪ فيروز جو دور سياسي لحاظ کان ساراه جوڳو ڪونهي، ان هوندي به ملڪ اندر معاشي بهتري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو سڪو جاري ڪيو. فيروز جي آخري دور ۾ هرات جو شهزادو مرزا بديع الزمان، شاه بيگ هٿان بيدخل ٿي ننگر ٺٽي پهتو، جتي ڄام سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ايم.ايڇ.پنهور جو رايو آهي ته هن دور ۾ پورچوگيزن لاهري بندر تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هوندي.<ref
==سمن جي حاڪميت جو خاتمو==
سِٽَ 49:
”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص153-154}</ref>
ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.<ref
”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“<ref name="autogenerated2"> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص166}</ref> شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين: ”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“<ref
== حوالا ==
|