اکر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: thumb|ھڪ گلدان تي لکيل قديم يوناني ٻوليءَ جا اکر '''اکر''': '''letter''': اکر ڪنھن بہ الف...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 9:
[[File:Public documents of the legislature of Connecticut, session (1882) (14763332785).jpg|thumb|آمريڪي مينيوئل الف بي جنھن جي اکرن جو اظهار آڱرين سان ٿيندو آهي]]
هندستان ۽ يورپ جا قديم آريه لوڪ ڪيئن لکندا هئا، سا سڌ سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ”رائيٽ“ (Write) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي لفظن جي بنيادي معنيَ آهي کرڙڻ، رهڙڻ“ يعني اُڪرڻ. انهيءَ بنيادي معنيٰ مان پتو پوي ٿو ته اڳي پٿرن يا ڪنهن ڌاتوءَ تي اکر اُڪريندا هئا. خود ”اکر“ (سنسڪرت ”اڪشر“) لفظ جي معنيٰ آهي ”جو کرجي نه يا، ڊهي نه“ مس قلم سان لکيل اکر ڊهي ويندا، پر اُڪريل اکر نه ڊهندا. مطلب ته ”لکڻ“ ۽ ”اکر“ لفظ انهيءَ قديم زماني جا جڙيل آهن، جنهن زماني ۾ اکرن اُڪرڻ جو رواج هو.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ اڳي هيءُ دستور هو ته ماڻهن کي جڏهن ڪو خيال ظاهر ڪرڻو هوندو هو، تڏهن ان جي شڪل ڪڍندا هئا. مثلاً گرڙي ڍڳي يا ٻئي ڪنهن جانور جو نالو لکڻو هوندو هون ته انهيءَ جي شڪل ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي، هاڻوڪيون آئيويٽائون ٿيون آهن. ”لپي“ يا آئيويٽا کي ”ورڻ مالا“ چئبو آهي. ”ورڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”رنگ“. مثلاً ”سون ورنو“ معنيٰ سون جي رنگ وارو يعني ”سهڻو“. اهو ”ورڻ مالا“ لفظ ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چِٽيندا هئا، ۽ اها چٽيلن اکرن جي قطار اوائلي آئيويٽا هئي. اسان جو اهو قياس سچو آهي، تنهن جي تصديق ”لپي“ لفظ ڪري ٿو. ”لپي“ معنيٰ ”آئيويٽا“، پر ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”لپ“ (Lip) معنيٰ ”چِٽڻ“. اهو ”لپي“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چٽيل هوندا هئا، ۽ پوءِ هرهڪ اُچار لاءِ ڪي اکر مقرر ٿيا. خود اکرن لکڻ جو نمونو به وقت بوقت ڦريو آهي. نموني لاءِٽرمپ صاحب وارو ۽ بمبئي ڇاڇي وارو شاهه جو رسالو ڏسو، جن ۾ اکر اؤر نموني لکيل آهن. مطلب ته جيئن ٻولي ترقي ڪري، نوان نوان روپ وٺي ٿي، تيئن آئيويٽائن به روپ بدلايا آهن. اڳاٽي ديوناگري آئيويٽا ”براهمڻي لپي“ سڏبي هئي، ۽ اها جدا جدا زمانن ۾ روپ بدلائي هاڻوڪي ديوناگري ٿي آهي. هن وقت سنسڪرت ۾ لکيل ڪيترائي جهونا پستڪ آهن، جن ۾ ڪم آيل آئيويٽا هاڻوڪن ديوناگري اکرن کان گهڻو ڦريل آهي.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>
 
==مختلف ٻولين جا اسڪرپٽ==