سنسڪرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 36:
==تفصيلي تعارف==
[[پنجابي]] ٻولي جو سنسڪرت سان گھرو تعلق آهي . سنسڪرت ڳالهائڻ وارن جو تعداد  اڄڪلھ ڪُجھ ھزار آهي. "ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص [[پنڊت ’پاڻني‘]] آهي جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي [[صرف نحو]] تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ سنسڪرت جا [[ڌاتو]] پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ’[[ڌنپال آچاريه]]‘ ۽ ’[[هيمچندر آچاريه]]‘ جون تصنيفون ”[[پايلڇي]]، ۽ [[ديسي نام مالا]]“ قابل ذڪر آهن انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحقَقـِين ۽ مُستشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يورپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ ”انڊو يورپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو، ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان [[عبراني]] هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو".<ref>سنڌي زبان--شيخ محمد اسماعيل؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع</ref>
سنسڪرت ننڍي جي قديم ۽ ڌرمي ٻولي آهي. سنسڪرت جي لفظي معنيٰ آهي سڌاريل، سنواريل سڀ کان آڳاٽا ڪتاب ويد جنهن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا ان کي ويدڪ يا ڪلاسيڪي سنسڪرت چيو وڃي ٿو. اها سنڌو جي ڪناري تي ڳالهائيجندڙ ٻولين مان هڪ قديم پراڪرت جو سڌاريل روپ هئي، جنهن جو گرامر پاڻنيءَ لکيو، جيڪو سنڌو علائقي جو رهندڙ هو. هن ٻوليءَ جو ادب انتهائي قديم ۽ شاهڪار آهي. هيءَ ٻولي هندو تهذيب جي اوج واري زماني ۾ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو هئي. سنسڪرت گهڻو ڪري برهمي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. ڪيترائي قديم ڪتاب هن ٻولي ۾ تحرير ڪيل آهن. سنسڪرت، ننڍي کنڊ جي ڪيترن ٻولين جي ماءُ يا ڀيڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. سنڌي زبان جي بڻ بنياد لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي آهي. ٻيو نظريو ان کي سنڌيءَ جي ڄائي قرار ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ ٻولي هن خطي جي اهم ٻولي رهي آهي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>هن وقت سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه حرف صحيح (ونيجن)، سورهن حرف علت (سُر) آهن. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمڻي لپيءَ ۾ اصل فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، ۽ ماترائون هيون ئي ڪين. اهو ئي سبب ڏسجي ٿو، جنهن ڪري جيڪي ”پڻي“ پوءِ ”فنيشن“ سڏجڻ ۾ آيا، تن جي ائيويٽا ۾ فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، حرف علت هئو ئي ڪونه، جنهن ڪري سيميٽڪ قومن کي اتائن فقط اوترا آئيويٽا جا حرف صحيح مليا ۽ هڪڙو به حرف علت ڪونه ملين. مثلاً عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>
 
==”سنسڪرت“ لفظ جي معنيٰ==